|
|||
|
شاگردن کي اپيل..! سنڌ يونيورسٽي کانپوءِ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي.
اسان مسلسل چوندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ هڪ ميگا گيم کيڏي وڃي پئي جنهن ۾ سنڌ جي عوامي اڳواڻن کي رستن تان هٽائڻ، اصل رهاڪن کي تنگ ڪري سنڌ مان ٻاهر ڪڍڻ، سنڌي عوام کي بدحال حالتون ۽ گهر کاب دربدر هٿرادو آفتن ذريعي ڪيو ويو آهي، سياسي حالتون اهڙيون پيدا ڪيون پيون وڃن ته جيئن عوام بيزار ٿئي ان کان پوءِ تعليم ادارن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪيو ته جيئن سڀاڻي سنڌي عوام کي ٻاهرين ملڪن ۾ داخلائون نه وٺي سگهن، ۽ نه ئي پنهنجي بهترين مستقبل لاءِ سياسي سگهه کي ختم ڪري سگهجي. سنڌ يونيورسٽي جيئن حالتون پيدا ڪيون ويون اهي سوچيل سمجهيل چال هئي جنهن کي نه ڏسي سگهياسين. نذير مغل جهڙن ماڻهن کي پهرين بهترين پوءِ بدترين ڪرڻ ۾ سنڌ يونيورسٽي پاڻ شامل هئي، جيتوڻيڪ اسان مسلسل چوندا رهياسين ته نذير مغل جهڙي ماڻهو کي پاسو ڪيو هي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي کي بدنام ڪرڻ کانپوءِ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ٽارگيٽ تي اچي وئي آهي، جيتوڻيڪ بظاهر شاگرد سياست جهيڙو نظر اچي پيو پر شاگرد سياست جي ڪلهي تي بندوق رکڻ وارا ٻيا ڪري آهن ۽ شاگرد سياست کي پاڻ به خبر ناهي ته آخر انهن جي ڪلهي تي بندوق رکڻ وارو ڪير آهي؟ جيڪي هٿ ميگا گيم کيڏي رهيا آهن اهي ايترا ساده ناهن جو پاڻ کي اڳيان ظاهر ڪن. انهن ايڏا چالاڪ ۽ شاتر سوچ رکندڙ آهن جو انهن هر قدم پاڻ کڻڻ بدران سنڌين کان کڻايا آهن. مسئلو اصل هي آ ته سنڌ کي پيرا کڻي پهرين ذميوار کي ڏسڻو پوندو جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهياسين ته پوءِ سنڌي ريڊ انڊين جيان ختم ٿي ويندا. سنڌ ۾ آهستي آهستي ادارا ختم ٿي رهيا آهن جڏهن تعليم جو ادارو تباهه ۽ بدنام ڪيو ويو ته پوءِ ان قوم کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. سنڌ جا تعليم ادارا تباهه ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؛ تعليم نظام کي ڪمزور ڪري، موجوده ۽ مستقبل کي ڪمزور ڪيو وڃي، تاريخ کي تباهه ڪرڻ، ٻاهرين ملڪن ۾ نوجوانن کي اسڪالرشپ نه ملي سگهندي ڇاڪاڻ جو تعليم ادارا پهرين سطح تي ڳڻيا ويندا آهن، جن ادارن جي reputation بهترين نه هوندي انهن کي وڏيون يونيورسٽيون اهميت ناهن ڏينديون، شاگرد سياست کي ختم ڪرڻ پهريون ۽ اهم مقصد آهن ڇو جو جيڪڏهن شاگرد سياست تي تالو هنيو ويو ۽ ان کي جلاوطن ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ ۾ سياسي سگهه ختم ٿي ويندي، شاگرد سياست تي بندش هڻڻ جو مقصد سنڌ مان سنڌي عوام جي روح مان سياسي سگهه کي ختم ڪرڻ آهي. سنڌ يونيورسٽي کي بدنام ۽ اتان جي شاگرد سياست کي سوڙهو ڪيو ويو. انهن جو پتو ايترو موءثر انداز سان هلي نه سگهيو ان ڪري انهن شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ ٻن شاگردن تنظيمن ۾ جهيڙو ڪرائي ڇڏيو، رپورٽ مطابق ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو ٿيو. ان پٺيان اڻسڌي طرح هٿ ڪنهن خاص ذهنيت جا آهن جيڪي سنڌ يونيورسٽي ۽ عبدالطيف يونيورسٽي کي جواز ٺاهي شاگرد نتظيمن تي بندش هڻندا، اسان ڏسنداسين ته ڪيئن سنڌ جو گورنر سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مٿان شاگرد تنظيمن تي بندش هڻندو. اسان صرف هيئنر شاگردن کي اپيل ڪنداسين ته ڳجهي قوتن کي پنهنجي وچ ۾ اچڻ نه ڏيون ڪجهه ٿڌا ٿيو ۽ حالتن جي نزاڪت کي ڏاهپ جي اک سان ڏسو ته ٿي ڇا رهيو آهي؟ شاگرد سياست کي بچائڻ ۾ صرف شاگرد ئي ڪري سگهن ٿا. سنڌ جي مستقبل کي بچائڻو آهي ته تعليم ۽ شاگرد سياست کي بچايو ۽ اهو وڏو بار سنڌ جي شاگردن تي اچي ٿو. |
|||