|
ڪرينا
باڊي گارڊ جي ڪاميابي کانپوءِ نمبر ون
هيروئن
بڻجي وئي، شادي جون تياريون به شروع
ممبئي(ڪلچرل نيوز) فلم باڊي گارڊ جي ڪاميابي سان 7
آسمانن تي پهتل ڪرينا ڪپور بالي ووڊ جي نمبر ون هيروئن
بڻجي ويئي آهي، جڏهن ته سندن فلم باڊي گارڊ 5 ڏينهن ۾
82 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري دبنگ جي رڪارڊ کي به ٽوڙي
ڇڏيو آهي، ڪرينا ڪپور جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ جي تاريخ
۾ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ 6 فلم مان 3 فلمون سندس آهن،
جن ۾ باڊي گارڊ، ٿري ايڊيٽس ۽ گول مال ٿري شامل آهن
ڪرينا ڪپور پنهنجي معاوضي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، فلمن
۾ من پسند ڪردار وٺي ٿي، جڏهن ته ڪرينا ۽ سلمان خان
جي انهي فلم باڊي گارڊ اتر آمريڪا ۾ 5 ڏينهن ۾ 4. 1
ملين ڊالرز جو بزنس ڪري ورتو. |