شــــــــــــــــــــــوبـــــــــــــــز نـــــــــــيـــــــــــــــوز

بالي ووڊ اداڪاره ڪرينا ڪپور جلد هڪ ٻيو ٽائٽل سجائيندي


ممبئي (م ڊ) بالي ووڊ ۾ فلمي ادڪارن جو فلم هدايتڪار بڻجڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ليڪن ڪنهن اداڪاره جو هدايتڪار بڻجڻ جو خبر مشڪل سان ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي، پر هاڻي هڪ مصروف ۽ وڏي اداڪاره ان ڪم طرف اچي رهي آهي، اها وڏي اداڪاره بالي ووڊ جي ٽاپ ون ڪرينا ڪپور آهي، جيڪا هر ميدان ۾ پنهنجي فلمي خاندان جو نالو اونچو ڪيو اچي، مليل اطلاعن موجب بالي ووڊ جو مشهور فلم ساز ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر ڪرينا ڪپور کي هدايتڪاري جو اسائينمينٽ ڏيڻ وارو آهي، جيڪو ان پنهنجي تازي فلم ”ايڪ مين اور ايڪ تو“ ۾ ڪرينا جو ڪم کان متاثر ٿي اهو فيصلو ڪيو آهي، تازو ڪرينا سيف علي خان سان جلد شادي جي خبرن تي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته هو شادي جو اڃان ارادو نٿي رکي، اڃان صرف هو پنهنجي ڪيرئر ڏي ڌيان ڏئي رهي آهي.

 

وديا بالڻ جي فلم ”ڪهاڻي“ جو ميوزڪ رليز ڪيو ويو


ممبئي (م ڊ)  بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم ڊرٽي پڪچر ۾ پنهنجي بولڊ اداڪاري ۽ منفرد روپ سان ڇرڪائڻ واري اداڪار وديا بالڻ جي نئي فلم ”ڪهاڻي“ جو ميوزڪ رليز ڪرڻ واري تقريب ممبئي ۾ منعقد ڪئي وئي، فلم جي تقريب ۾ هدايتڪار سجوئي گوش سميت وديا بالن ۽ فلم جي موسيقي ترتيب ڏيندڙ موسيقار جوڙي وشال شيڪر شرڪت ڪئي، فلم جي ميوزڪ لانچ جي تقريب ۾ وديا فلم جي ڪيترن ئي گانن تي ڊانس پرفارمس ڪيو، جتي وشال شيڪر پنهنجي راگ ۽ موسيقي سان محفل کي جومائي ڇڏيو، فلم ”ڪهاڻي“ “ ۾ وديا بالڻ هڪ ڳورهاري عورت جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪا پنهنجي گم ٿيل مڙس ڳولڻ لاءِ لنڊن کان ڀارت ايندي آهي.

 

شادين ۾ ناچ ڪرڻ پسند ناهي: جان ابراهم


ممبئي (م ڊ) بالي ووڊ جي اداڪار جان ابراهم جو چوڻ آهي ته مون کي شادين ۾ ناچ ڪرڻ پسند ناهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته بااثر ماڻهن جي گهرن تي ٿيندڙ شادين ۾ ڪيترن ئي فلم اسٽارن جي ناچ ڪرڻ جون خبرون ميڊيا ۾ اينديون رهنديون آهن، پر مون کي پئسن جي ڪري شادين ۾ نچڻ پسند ناهي، مون کي ناچ ڪرڻ بدران اهڙن پروگرامن ۾ اچي ٻارن سان وقت گذارڻ پسند آهي، جيڪو فلاحي مقصد لاءِ هجي، مون کي ماڊل بڻجڻ کان وڌيڪ رول ماڊل بڻجڻ پسند آهي.

 

جنيليا ڊيسوزا جي رتيش ديش مک سان شادي


ممبئي (م ب) بالي ووڊ جي اداڪاره جنيليا ڊي سوزا اداڪار رتيش ديش مک سان شادي ٿي وئي، اها شادي روايتي مراٺي انداز ۾ ٿي، رتيش ڪريم ڪلر جي شيرواني پاتي هوئي جڏهن ته جنيليا ڊسوزا نشيڪا لولا جي تيار ڪيل ڳاڙهي ساڙي پاتي هوئي، تقريب ۾ ابيشڪ بچن، جيا بچن، اجي ديوگن، ڪاجول، جيڪي ڀگناني، اشيش چوڌري، اڪشي ڪمار، شاهه رخ، گوري خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جنيلا ڊي سوزا

 

بپاشا باسو  ”راز ٿري“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار


ممبئي (م ڊ) بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو چيو آهي ته کيس بالي ووڊ ۾ متعارف ڪرڻ وارو هدايت ڪار وڪرم ڀٽ هو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هن وڪرم ڀٽ جي فلم”راز ٿري“ ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري آهي، بپاشا پنهنجي ڪيريئر جي باري ۾ ٻڌايو ته هن ماڊل طور پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪاليج کان ڪيو هو، ان دوران وڪرم ڀٽ کيس پنهنجي فلم ”راز “ ۾ ڪاسٽ ڪيو جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ مون ماڊلنگ ڇڏي ڏني، هن ٻڌايو ته ڊگهي عرصي تائين وڪرم ڀٽ سان ڪم ڪندس، جنهن تي مون کي بيحد خوشي ٿي رهي آهي.

 

ڪيٽ مڊلٽن فيشن لسٽ ۾ ليڊي گاگا کان گوءِ کڻي وئي


لاس اينجلس (م ڊ) پرنس وليم جي زندگي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ڪيٽ مڊلٽن هالي ووڊ فيشن لسٽ ۾ ٽاپ تي اچي وئي، فيشن جي ڳالهه هجي ته خواتين سڀ کان اڳڀريون نظر اينديون آهن پر جيڪڏهن فيلڊ ئي شوبز جي هوجي ان ڊوڙ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي خواهش سڀني کي هوندي آهي، پر ڪيٽ مڊلٽن جو جيڪا پرنس وليم سان شادي کانپوءِ فيشن لسٽ ۾ ٻئي سال به نمبر ون آهي، فيشن جي ان ڊوڙ ۾ ليڊي گاگا به ڪيٽ کان پوئتي رهجي وئي، ليڊي ڊائينا جي ننهن ڪيٽ مڊلٽن پنهنجي اسٽائلش ڊريسنگ سان برطانيا ۾ فيشن ٽرينڊ سينٽر ۾ مشهور ٿي وئي آهي.

 

 اڳوڻيون اسپائس گرلز فيشن جي دنيا ۾ ٽاپ تي


نيويارڪ (م ڊ) برطانيا جون اڳوڻيون اسپائس گرلز وڪٽوريا بيکم فيشن جي دنيا ۾ به مسلسل ڪاميابي حاصل ڪري رهيون آهن،  نيويارڪ ۾ ٿيندڙ فيشن ويڪ ۾ وڪٽوريا بيکم جي ڊزائن ڪيل لباس کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، پنهنجي آواز جي انداز سان متاثر ڪندڙ جڏهن وڪٽوريا ۾ ماڊلنگ جي دنيا ۾ آيون، تڏهن به ڪاميابين قدم چوميا، ۽ جڏهن هنن فيشن ڊزائنگ جي شعبي جي چونڊ ڪئي، اتي به سندن تخليقي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو ويو، هن ڀيري هنن خواتين جا روايتي لباس پيش ڪيا، جن ۾ خوبصورت رنگ پيش ڪيا ويا، جن جي واکاڻ ڪئي وئي.