|
دهشتگرديءَ کي تصوف ذريعي مات ڏيڻ واري واٽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاٽائي هن وقت سڄي دنيا بدامني، دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جي وڌندڙ مسئلي سبب حيران ۽ پريشان آهي. گذريل نون ڏهن سالن کان آمريڪا ۽ اُنهيءَ جا طاقتور اتحادي فوجي طاقت جي ذريعي عراق ۽ افغانستان جي مسلمانن کي تابع ڪرڻ لاءِ سڀ حيلا وسيلا هلائي ٿڪجي ۽ ناڪام ٿي چڪا آهن. مسيحي (عيسائي) ۽ سيهوني (يهودي) مُلڪن ۽ حلقن طرفان چيو ٿو وڃي ته ”پاڪستان دهشتگرديءَ جو ڳڙهه آهي،“ جتان نوجوان خودڪش حملي آوري جي تربيت وٺي، دنيا جي ٻين ملڪن ۽ خود پاڪستان اندر دهشتگردي ڦهلائن ٿا. مخصوص مذهبي عقيدن کي نوجوانن جي ذهن ۾ ويهاريو وڃي ٿو ۽ اُنهن کي يقين ڪامل ٿي وڃي ٿو ته اهڙي طرح خودڪشي ڪري بي گناهه ماڻهن کي ماري هو سڌا بهشت ۾ داخل ٿي ويندا، ڇو ته هو جهاد ۾ شهيد ٿيا هوندا.“ دراصل اهو ”جهاد“ نه هو. ان جي معنيٰ: سڪيءَ ۽ سمنڊ ۾، فساد پکڙجي ويو آهي، اُنهن ڪُڌن ڪرتوتن سبب جيڪي ماڻهن پنهنجن هٿن سان ڪيا آهن ۽ انهي لاءِ ته انهن ماڻهن کي سندن عملن جي سزا چڪائي وڃي ته جيئن هو حق ڏانهن موٽي اچن. سنڌ جي عظيم صوفي برزگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (1690-1752ع) فرمائين ٿا ته: ”جيڪي ڏنائون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍ ٿيو، مون کي پُڇائون، ٺوڪي اِنهيءَ ٺوڪَ سين“ |