|
مس ڪال ۽ مسز ڪال حيات علي شاهه بخاري ٺل ۾ پوليس هڪ اهڙي جوڙي کي جهليو آهي جن لاءِ پوليس جو چوڻ آهي ته ”رنگ رليون“ ملهائي رهيا هئا، هڪڙو ته مون کي ”رنگ رلين“ واري لفظ سان اختلاف آهي، اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ رنگ رليون، ايئن آهي ڄڻ جوڙو رلين کي رنگ ڪري رهيو هو ۽ ڪپڙا رنگڻ ڪو ڏوهه ڪونهي، ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڪهڙي به رنگ ۾ رنگي سگهي ٿو. ٻيو ته ٺهيو ماڻهو پنهنجو رنگ به مٽائي سگهي ٿو. ماڻهو جي صورت ايتري ته حساس هوندي آهي جو ڪيڏي مهل ڪاري، ڪيڏي مهل ڀوري ٿي ويندي آهي. مرد ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي شڪل ميڪ اپ سان ڳاڙهي ڪندا ته ”رنگ رلين“ جي وڪڙ ۾ اچڻ کان بچي ويندا، هر ڪو چوندو ، هن کي ڪهڙي خبر ته ”زمانو“ ڪيئن ٿو هلي. خير، ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ته ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪرندي، مون پئي چيو ته ”رنگ رليون“ واري ”ٽرمنلاجي“ سنڌي ٻوليءَ ۾ نٿي سونهين، هڪ ته اهو جملو واضح ناهي، ٻيو ته رلي اسان جي ثقافت آهي، ان ڪري ان تي اهڙو ظلم نه ڪيو وڃي ۽ ضروري ناهي ته هر ڪو ماڻهو رلي وڇائي، ڪي ماڻهو واڻ تي، ڪي وري گاهه جي گاڏيءَ تي ”سمهڻ“ جا عادي هوندا آهن. ان لاءِ ٻوليءَ جا ماهر رنگ رلين بدران ڪو سنڌي خوبصورت جملو ٺاهي انٽروڊيوس ڪندا ته ٻين جي کڻي نه پر اخبار وارن جي سڀ کان وڏي پريشاني دور ٿي ويندي، جيسين ڪو علم جو ابو اسان کي ان بابت ڪو جملو ٺاهي ڏي تيسين اسين وفا رضا جي هڪ جملي کي استعمال ڪري سگهون ٿا، جيڪو هواڪثر اهڙن موقعن تي چوندو آهي اهو آهي ”واهه ڙي واهه“ جنهن جوڙي کي ٺل پوليس ”واهه ڙي واهه“ ڪندي جهليو آهي. ان جوڙي جي صنف نازڪ جو چوڻ آهي ته اسان ”پريم پوڄاري“ آهيون ۽ پاڻ ۾ شادي ٿا ڪرڻ چاهيون، پوليس هرڀرو اسان کي گرفتار ڪيو. جوڙي جي مرد مجاهد جو چوڻ آهي ته موبائل فون جي ”مس ڪال“ تان اسان جي دوستي جو آغاز ٿيو، واهه سائين واه، ڀلا ڀاڳ انهن جا جو ”مس ڪال“ تي ”واهه ڙي واهه“ تائين وڃي پهتا، نه ته مون وارين مس ڪالن تي ته ٺهيو مسز ڪالن تي به ڪو ڪنڌ ورائي نٿو ڏسي، اڳ جهونا چوندا هئا ته ”پرائي ڌيءُ جو ڌڪو به ڀلو ۽ ٻانهين واري جو بجو به ڀلو“ کين شايد اها خبر ڪا نه هئي ته ايندڙ وقت موبائل فون به ايندا جن تي مس ڪالون ڪيترين ئي ”مسن“ کي ”مسز“ بنائي ڇڏينديون. اسان جي اداري ۾ هڪڙو دانشور قسم جو همراهه آهي ”مراد علي شاهه بڪيرائي“ سندس نالي جي آخري لفظ ۾ اهو نه سمجهندا ته ڪو ”بڪي ٺوڪ“ آهي، سندس ڳوٺ بڪيرا شريف آهي، اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي تجربا ڪندو رهندو آهي، خاص طور تي قلم کي ”لکڻي“ چوندو آهي ان سلسلي ۾ منهنجو چوڻ آهي ته قلم کي ڀلي ”لکڻي“ چئو پر ايترو ضرور ياد رهي ته قلم لکڻ جي ڪم لاءِ آهي، ”کنهڻ“ جي ڪم لاءِ ڪونهي . اميد ته ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا، خط کي تار ڪري سمجهندا. موڪلاڻي ڪانهي، پاڻ سان گڏ منهنجو به خيال رکندا. |