نالي واري سماج سڌارڪ مسڪين جهان جي

 ورسي جي موقعي جي مناسبت سان

 عباس کوسو


                23 جولاءِ 1980ع هڪ پياسي روح تڙپي تڙپي ڄامشوري جي پهاڙن ۾ اڏيل اسپتال تڏهوڪي ايل ايم سي ۽ هاڻوڪي لمس يونيورسٽي جي وارڊ ۾ هڪ تاڙي وانگر تنواريندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. زندگي جو عام وهنوار پنهنجي مدار ۾ روان دوان هو، کڙکٻيتن جون رات جي اونداهي سان اک ٽيٽيون الائي ته ڇو ماٺيون ٿي چڪيون هيون، هو عاشقن جي عاشقي جون دلبر هوائون نه ڄاڻ ته ڪهڙي ڪاڙهاڻ ۾ لوئجي ويون هيون. اڄ وري ڄامشورا تو هڪ وڌيڪ لاش منهنجي مارن ڏانهن اماڻيو آهي. جيڪو هڪ ويلي تي رات ڪٽيندڙ انهن غريبن جو آواز هو، جنهن کي دنيا اڄ مسڪين جهان خان جي نالي سان ياد ٿي ڪري. نه ڄاڻ جڏهن ننگرپارڪر وڃڻ ٿيندو آهي ته ٻه قل پڙهڻ لاءِ ان قبرستان ڏانهن لڙي ويندو آهيان جتي منهنجو والد ۽ والده دفن ٿيل آهن ۽ ان قبرستان ۾ هڪ سائي رنگ جي قبر تي بيهي اڄ جي ٿر کي ڏسي ان قبر ۾ آرامي ٿيل شخص کي جهڪي سلام ڪندو آهيان. جيڪو خواب هن ان وقت اکين ۾ نپايو هو اڄ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ساڀيان ٿيندو نظر ٿو اچي. آئون سمجهان ٿو ان وقت اگر مسڪين جهان خان کوسو ٿر جو آواز  نه بنجي ها ته عثمان ڏيپلائي ”ڏڪر“ ناٽڪ نه لکي ها. رائچند هريجن تاريخ ريگستان نه لکي ها، نه وري منگهارام اوجها پراڻو پارڪر جهڙو ڪتاب ڏئي سگهي ها. آئون ٿر جا ٻه اهڙا ڪردار ڳڻائڻ ٿو چاهيان هڪ مسڪين جهان خان کوسو ۽ ٻيو استاد سچل، جن مان جي هڪڙي ٿر ۾ سماجي جاڳرتا جي مهم هلائي ۽ ٻي تعليم عام ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان شروعات ڪئي، ان جو ثمر سڄي ٿر کاڌو آهي. وڏا وڏا نالا به ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي اڄ ڪلهه جديد ڊولپمينٽ ۽ صحافتي دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام رکن ٿا. مسڪين جهان کوسي تي ته هڪ ڪتاب آيل آهي مگر استاد سچل جنهن تي ڪو اهڙو مواد اچي ناهي سگهيو، آئون سمجهان ٿو ٿر جي هنن ڪردارن تي مواد اچڻ گهرجي. ان سان سماجي ۽ تعليمي کيتر ۾ هڪ حقيقي باب جو اضافو ٿيندو آئون هتي ان ڳوٺ جو حوالو ان ڪري به ڏيڻ ضرور سمجهندس جيڪو ننگرپارڪر تعلقي جي وڏن ڳوٺن مان هڪ هو ۽ ڪهڙي ماحول ۾ مسڪين ڪيئن ۽ ڪيترو پڙهي سگهيو.محمد بخش مجنون ڪتاب ”مسڪين جهان خان کوسو“ جي صفحي نمبر 97 تي سامي جي ويري لاءِ لکي ٿو ته ڳوٺ اسان واري ۾ سن 1929ع کان وٺي باقاعدي سنڌي اسڪول آهي. پر خدا نٿو ڀلائي، ته اڄ ڏينهن تائين ان اسڪول مان، ڪو ٻروچڪو ٻار ڪا ميٽرڪ پاس ڪري ڪو نه نڪتو  هرڪو چار پنج درجا پڙهيو وڃيو ويچارو پنهنجي ڌنڌڙي، پوليس جي نوڪري يا چورڙي کي لڳي. مجال آهي ماستر جي جو ٻروچڪي ٻار تي، هٿ کڻي سنئون به ڪري. ڇوڪري جي ناني يا ڏاڏي لٺ کڻي، ڪڙڪندي وڃي ماستر جي ڪنڌ تي هوڏانهن ماستر ويچارو لڪڻ جا لوگها پيو جاچيندو، ڀڄڻ جي پيئي ڪا نه پيئي ٿيندس ته ايتري ۾ پوڙهي ، پريان کان ئي پاراتا ڏيندي چوندس ته ”اڙي ماستر! تنهنجي ڏگڙي کٿي آهي، ساڃاهه  اٿئي؟! ماريا سُرت ۾ آهين يا حوصلا خطا ٿيا اٿئي؟ هونش ٺڪاڻي ڪر، متان مٿو نه وڃنئي“ هي حوالو هتي ڏيڻ ان ڪري به ضروري آهي ۽ ان ماحول ۾ رهندي هڪڙو ماڻهو ٻين ڪاڻ مسيحائي هيو. اڄ ڏک صرف اهو ناهي ته سنڌ الاجي ۾ جيڪي مسڪين جون نشانيون ڏنيون سي الاهي ڪيڏانهن ويون پر ان جو ڪارنر ئي ختم ڪيو ويو آهي. آهي نه ماتم ڪرڻ جهڙو حشر آئون سنڌالاجي جي مئنيجمينٽ کي عرض ڪندس ته اگر اوهان هڪڙي سماج سڌارڪ جون شيون سانڍي نٿا سگهو ته پونئيرن کي واپس ته ڪري سگهو ٿا. جڏهن ميڊم مهتاب راشدي سنڌالاجي ۾ هوندي هئي تڏهن اهو ڪارنر قائم هو اڄ ڇو نه !؟؟ محمد بخش مجنون مسڪين جهان خان کوسو جو نقشو هن ريت چٽي ٿو ”ڪرڙوڍ عمر قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سهڻي چاپونئي سونهاري، اڇي جهڙي ٻوه، مٿو اڪثر اگهاڙو، ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ ملن واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا اونهاري ۾ کجي واري مولانا ڀاشاني ٽوپي، مليشا جا ڪپڙا، سي به ميل ۾ ڪِچَ، هڪ دفعو پائڻ کان پوءِ سج کُٽي  يا ٻج کٽي، پاڻهي ڳڙي سڙي پنهنجي جان ڇڏائين ته واه، نه ته ٻيو ٿيو خير، ساڄي ڪُلهي تي پُٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻي ڪچ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو ۽ ان سان گڏ ”ٻاوري جو گيڏيو“ (ٿر ۾ ٿيندڙ وڻ جي لٺ). هٿ ۾  مس ڪپڙي، کڙيون ڀڄي سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان، کڙٿ کڙٿ ڪندو، مٽيءَ جي اڻ مئي کِهه اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو، ڪنهن آفيس ڏانهن واڪيندو ڪو. ماڻهو ويندو ڏسو، ته پڪ سمجهو اهو مسڪين جهان خان کوسو!

مسڪين سخي ۽ دريا دل ماڻهو هو ان جو مثال اهو ته جڏهن پوليس جي نوڪري تي چڙهيو ته سندس والد هڪ زبردست گهوڙو وٺي ڏنس هڪڙي دفعي ڪنهن فقير اچي صدا هنئي ته بختاور ! سوار ڪريم، سواءِ ڪجهه سوچڻ جي گهوڙو ڪاهي فقير کي ڏنائين. پوليس جي نوڪري هن قلندري طبيعت جي ماڻهو لاءِ هڪ وزن هئي هڪ ڏينهن کڻي الله ٻڌس جو ديوان ٽهلرام ڪماني سان، واتو درجي تڪرار ڪري 1938ع  نوڪري مان هٿ ڪڍيائين. اهو ڏينهن ۽ حياتي جو آخري ڏينهن هنن غريبن جي پتوڙيندي رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائين، گهر وارا پيا شڪل لاءِ ترسندا هئا پيو سڄو ڏينهن ماڻهن جي ڪمن سانگي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو ۽ مسئلا حل ڪرائيندو. مسڪين جي امانت داري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي مجنون هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته مسڪين ٿرين لاءِ دوائون گڏ ڪرڻ لڳندو هو ته ننگرپارڪر جي ميمڻ اسٽور وارن کي ته ايترو يقين هوندو جو کيس دوائون ڏئي استعمال ڪرڻ جا طريقا به سمجهائيند هئا. مسڪين ست درجا پڙهيل هو مگر مسڪين جي امانت ۾ اهو ته يقين واثق آهي ته سندن ڏنل خيرات ”حق بحقدار رسيد“ ضرور ٿيندي. آئون هڪ عرض سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻولي اختياري وارن خاص طور  تي اهي ماڻهو جيڪي ترقي جي دور جا نوان گس ۽ لاڙا متعارف ڪرائڻ ۾ رڌل آهن اهي مسڪين جي ڏسيل راهه تي نه صرف عمل ڪرڻ مگر محمد بخش مجنون جو سنڌي ۾ لکيل ڪتاب جو اردو ترجمو به ڪرائين ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي وڏڙن جا سندن لاءِ ڏٺل خواب لاڀائتا ٿين.

علامه لطف الله بدوي (مرحوم) موءقر هفت روزه آزاد ڪراچي 19 آگسٽ 1968ع ۾ تبصرو ڪري ٿو ته منهنجي نظر ۾ مسڪين جهان خان کوسو انهن باصفا صوفين مان آهي. جن جي زندگي، خدا جي بندن جي خدمت ۾ صرف ٿيندي آهي. سندن حيات جو مقصد، جهان کان عليحده ٿو ٿئي ۽ هو، هن زندگيءِ جي منزلن کان گذرندي، پنهنجي خالق کي سڃاڻي وٺن ٿا. سندن ننڊ عبادت آهي، جاڳڻ حقيقي مان!     ڏسو صفحو 7

جناب مولانا غلام مصفيٰ قاسمي موءقر سه ماهي ”الرحيم“ حيدرآباد سنه 1968ع ۾ لکي ٿو ته مسڪين اندر ۽ ٻاهر ٻنهي ۾ هڪجهڙو آهي. هو پنهنجي ذاتي نفعي کان ڪوهين پري رهي، هارين ، نارين ۽ بيواهن جي مدد ۽ واهر ۾ پيو وقت گهاريندو آهي. انسان ذات اسان محبت جو مظاهرو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.

محترم قاضي عبدالمجيد ”عابد“ روزاني عبرت جي 8 سيپٽمبر 1967ع جي پرچي ۾ مسيڪن جهان خان لاءِ لکي ٿو ته ”مسڪين جهان خان کوسي“ جي شخصيت بلند اخلاق، مثالي ڪردار، اصحابن وارا  اطوار هر تعريف ۽ توصيف جا مستحق  آهن. موصوف جي بي لوث فطرت، سادگي ۽ خدمت خلق جو ذڪر هن کان اڳ ”سنڌ جي سياست“ ۾ غير جانبداري به ڪري چڪو آهي،

جناب محمود يوسفاڻي 24 آگسٽ 1967ع واري عبرت اخبار ۾ لکي ٿو ته ”مسڪين جهان خان کوسو“ بلند مقام رکندڙ هستين مان هڪ هستي آهي جنهن پنهنجي زندگي جي پونجي کي ٿر ۾ برپٽ جي مسڪين عوام جي بي لوث ۽ بي غرض خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

جناب حميد سنڌي روح رهاڻ جي آڪٽوبر 1967ع واري پرچي ۾ لکي ٿو ته مسڪين جهان خان هڪ ٿري آهي سندس رڳ رڳ ۾ ٿر رچيل آهي سندس جيئڻ ٿر لاءِ ۽ مرڻ به ٿر لاءِ سندس خدمت جي جذبي کي ۽ مذهبي لباس واري روپ کي نوڙي سلام ٿو ڪجي.

Abbas_khoso@yahoo.com