” جُون ڪي تُون“

 حيات علي شاهه بخاري


                سنڌ تي سدائين مختلف قسمن جون آفتون نازل ٿينديون رهيون آهن، سنڌ جا معصوم ماروئڙا ڪڏهن به سک سان نه ستا، ڪڏهن ريتن ۽ رسمن جا طوفان قيمتي جانين کي واسينگ جيان ڳڙڪائي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن قدرتي آفتون اچي نازل ٿينديون آهن، اڄوڪي فري پيريڊ ۾ مان ان سوچ ۾ غرق آهيان ته هيل سنڌوءَ  ڇو سنڌ کي غرق ڪيو.

ڪنڌ ورائي ڪجهه سال اڳ ڏسنداسين ته سنڌوءَ جو پيٽ ڪنهن ”سُنڍ“ جيان خالي خالي لڳندو، جتي پاڻيءَ جون ڇوليون هونديون هيون اتي واريءَ جون ”ويوز“ نظر اينديون هيون، پاڻي نه هئڻ ڪري سنڌ جون زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون، ڪڏهن پاڻي نه هئڻ ڪري بجلي جي پيداوار گهٽ ٿيڻ جا بهانا ڪيا ويا، ڪڏهن شهرين کي پاڻي فراهم نه ڪري کين اڃايل رکيو ويو، ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم جي تعمير جا سنديسا اهڙي نموني ڏنا ويا، ڄڻ ڪالاباغ ڊيم نه پر ڪو جادو ئي ڏيئو هجي، جنهن جي تعمير سان سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ سنڌو ۾ پاڻي نه پر کير ۽ ماکي وهڻ لڳندي. ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي کي عمل جوڳو بنائڻ لاءِ سنڌ کي ڄاڻي واڻي پاڻيءَ کان محروم رکيو ويو. سنڌين جي دانهن ڪوڪن باوجود سنڌوءَ کي پاڻيءَ کان وانجهيل رکيو ويو ۽ وري هاڻي جڏهن پاڻي جو وڏو ذخيرو مينهن واءُ هڪ ڪندو آيو ته سنڌوءَ ڏي پاڻي جو منهن ڪيو ويو، ۽ سڄي سنڌ کي ٻوڙي ماروئڙن کي دربدر ڪيو ويو، اهو چوڻ کان نٿو رهجي سگهجي ته خيبر پختونخوا ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، ان جو سبب ڪير پاڻيءَ کان يا پنجاب کان نٿو پڇي سگهي، فطري طور تي جتان پاڻي وهندو آهي ته ان جو زور به اتي هوندو آهي ۽ جيئن جيئن اڳتي وڌندو ۽ بند ٽوڙيندو ويندو آهي ته پاڻيءَ جو زور ۽ وهڪرو گهٽجي ويندو آهي، پر هن سڄي صورتحال ۾ ايئن نه ٿيو، سڄو دٻاءُ سنڌ تي وڌو ويو ۽ نيٺ نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جا ڪيترائي شهر ۽ سوين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، پنهنجن اجهن ۽ مال متاع ٻني ٻاري وارا ماڻهو بي گهر ٿيڻ  تي مجبور ٿي پيا، ڪيتريون ئي جانيون پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، ڪيترا ٻارڙا گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا  ٿي مري رهيا آهن. اهي ماڻهو جيڪي پاڻ خيرخيراتون ڪندا هئا، سي امدادي ڪيمپن ۾ ڀت جا ٻه گرهه حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن، اهو سڀ نهايت دردناڪ آهي، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ٻوڏ جيڪي منظر ڏيکاري رهي آهي، سي لڱ ڪانڊارين ٿا. جيڪي زائفائون بنا پردي گهر جي چانئٺ مان پير به ٻاهر نه ڪڍنديون هيون، سي کليل آسمان هيٺ ڌارين جي وچ ۾ ويٺيون آهن. حڪومت، نجي ادارن ۽ مختلف تنظيمن پاران امداد جي ورهاست جاري آهي، پر اهو سلسلو آخر ڪيستائين هلندو، آهستي آهستي امداد جو سلسلو گهٽجي ۽ اڳتي هلي بند ٿي ويندو، ان ڪري ڪيمپن ۾ موجود ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجي آسپاس روزگار جي ڳولا ڪن ۽ پنهنجي ٻچڙن لاءِ روزي جو بندوبست ڪن. جن ٻوڏ متاثرين جون ٻنيون ٻارا ۽ مال ملڪيتون آهن سي ته حالتون سازگار ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا، پر جن ماڻهن جي ڪرت محنت مزدوري ۽ پورهيو آهي. انهن کي گهرجي ته اهي جتي موجود آهن، خاص طور تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ته اهي واپس نه وڃن ۽ انهن شهرن کي پنهنجو ٺڪاڻو بنائين، انهن وڏن شهرن ۾ روزگار جا تمام گهڻا وسيلا موجود آهن، ٿوري ڪوشش سان هو آسودي زندگي گذاري سگهن ٿا.

موڪلائڻ کان اڳ 1956 جي ٻوڏ جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندو هلان تن ڏينهن جڏهن پاڻي ڪچو ٻوڙي اچي بندن سان ٽڪرايو ته ڪيترا ڳوٺ خالي ٿي ويا، پر چون ٿا ته هڪ ڳوٺ جا ماڻهو  پنهنجا اجها ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيا، انهن ڏينهن ٽي وي ته هو ڪو نه خبرن جو واحد وسيلو ريڊيو هو، سو ڳوٺاڻا خبرن وقت ريڊيو ٻڌي پاڻي جي صورتحال معلوم ڪندا هئا، ريڊيو تي خبرن ۾ ٻڌائيندا  هئا ته هيترا لک ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو آهي پر ڳوٺ جا ماڻهن ۾ ڊپ ڊاءُ ئي پيدا نه ٿيو، هڪ ڏينهن ريڊيو جي خبرن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ڪجهه هيئن ٻڌايائون ” پاني ڪي سطح جُون ڪي تُون هي“ ڳوٺاڻن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ته اها ”جُون ڪي تُون“ الائجي ڇا آهي سو ٽپڙ کڻي هڪدم ڳوٺ خالي ڪري ويا. رب سائين خير ڪري ۽ اسان جي سنڌ کي هر آفت سميت “ جُون ڪي تُون“ کان محفوظ رکي.

موڪلاڻي ڪانهي، پاڻ سان گڏ منهنجو به خيال رکندا.

hayatshahbukhari@yahoo.com