|
ايس ڊي سي ۽ سئزرلينڊ ٻوڏ متاثرن جي ڪهڙي مدد ڪئي جولاءِ ۽ آگسٽ دوران پاڪستان اهڙو مون سون ڏٺو، جنهن ڪري سندس تاريخ جي بدترين ٻوڏ اچي وئي. هاڻي ٻوڏ متاثر علائقو سنڌوءَ جي 1500 ڪلوميٽرن تائين ڦهلجي ويو آهي. ملڪ جو پنجون حصو- ذري گهٽ برطانيه ملڪ جي برابر علائقو- ٻڏي ويو آهي. ڪيترن ئي ذريعن (پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن) ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته 2000 ماڻهو هن وقت تائين مري چڪا آهن. ۽ جن ماڻهن پنهنجا گهر گهاٽ، فصل، مال متاع وڃايا آهن، انهن جو انگ تمام گهڻو آهي. 17 ملين ماڻهو ٻوڏ کان سڌا متاثر ٿيا آهن. بشمول انهن 4 ملين ماڻهن جي جيڪي بي گهر ٿيا آهن. بيمارين ۽ وبائن ڪارڻ موت به وڌندا پيا وڃن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي انگن اکرن مطابق 6 لک 50 هزار کان مٿي ماڻهو اڳ ئي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، جن کي ڊائريا، چمڙي جون بيماريون ۽ ساهه جي بيماري لاحق آهي. توڻي جو هن وقت ٻوڏ جي ڪري ٿيل نقصان جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ناهي، پر انفراسٽرڪچر ۽ زراعت کي جيڪو نقصان ٿيو آهي ، اهو تمام گهڻو آهي. پاڪستان حڪومت جي دعويٰ آهي ته ملڪ ۾ ٻارنهن لک گهر ڊهي چڪا آهن، جڏهن ته 32 لک ايڪڙن جي قابل زراعت (چانور ۽ ڪڻڪ) واري زمين ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي چڪي آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين کي امداد جي فراهمي تيزيءَ سان جاري آهي ، جنهن ۾ پاڪستان حڪومت ، يواين ايڇ سي آر (UNHCR)، WFP، ICRC ۽ SDC ۽ ٻيون انساني حقن جون تنظيمون شامل آهن. ٻوڏ متاثرين ماڻهن جي مدد لاءِ امدادي تنظيمن کي سخت ڏکيائي ٿي رهي آهي ڇو ته ايستائين پهچڻ لاءِ لڳ ڀڳ سڀ رستا تباهه ٿي چڪا آهن ۽ سيڪيورٽي صورتحال نازڪ آهي. SDC جا ايمرجنسي رليف اُپاءَ سُئزِ هيومينٽرين ايڊ (SHA) جي ماهرن جو وڏو تعداد اسلام آباد ۾ SDC ڪوآپريشن آفيس پهچي رهيو آهي ته جيئن سُئز ايمرجنسي رليف جي فراهمي ۽ رٿا بندي لاءِ SDC جي مدد ڪري سگهجي. SDC جا تڪڙا ايمرجنسي اُپاءَ جيئن بارشون وسيون ته انهن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سئٽزرلينڊ وقتائتو شروعاتي ريسپانس ڏنو. جولاءِ جي آخر ۾ ڊيرا اسماعيل خان ۽ ڪرڪ ۾ 12،000 ٻوڏ متاثرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت بخش مصنوعات ڏنيون ويون. ساڳي ئي وقت هڪ هزار شيلٽرڪٽ (پلاسٽڪ جو شيٽون، ڪاٺ ۽ اوزار) سوات جي بي گهر خاندانن کي ڏنيون ويون. SDC ۽ انٽرڪارپوريشن (هڪ سُئزِ ڀائيوار تنظيم) انهن ايمرجنسي رليف سرگرمين جي نگراني ڪري رهيون هيون . خاص طور تي پاڪستان جي گهڻي متاثر ٿيندڙ ڏاکڻي صوبي، سنڌ ۾ SDC, سُنزِ ، حلال احمر ۽ پاڪستان ريڊڪريسنٽ گڏجي طور 1000 تنبو، بسترا ۽ ٻيون صحت بخش مصنوعات ورهائي رهيون آهن. صاف پاڻيءَ جي فراهمي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ SDC پيئڻ جي پاڻي جي صفائي ۽ فراهمي لاءِ پروجيڪٽ لانچ ڪري رهي آهي. SHA جا ڇهه ماهر خاص طور تي انهن رليف سرگرمين ۾ مصروف عمل آهن، جن جو حدف آهي ته اهي 2 لک 50 هزار ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪن. سنڌ ۾ هڪ رليف ڪيمپ اندر پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي گارنٽي لاءِ SDC ۽ يونيسيف گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، ۽ ان لاءِ پاڻيءَ جون ٽانڪيون، پمپ ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جا يونٽ ڏسو صفحو 7 |