ٽارگيٽ ڪلنگ جا وڌندڙ واقعا ۽ حڪومت جي مفاهمتي سياست

 شاهنواز رند


                ڪراچي جنهن کي روشنين جو شهر پڻ چيو ويندو آهي، ڪراچي جون حالتون سڄي ملڪي ڪاروهنوار لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿيون. هاڻ ڪراچي ۾ سياست پڻ ماڻهن جي لاشن تي ڪئي وڃي ٿي. مختلف وقتن تي ڪراچيءَ اندر ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ٿين ٿا ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪندو آهي وري ڳالهيون ٿينديون آهن  اُن کانپوءِ ڪنهن قدر واقعن ۾ گهٽتائي پڻ ايندي آهي. وري ڪجهه مهينن کانپوءِ ٻيهر واقعا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. هاڻ ميڊيا جو دؤر آهي، جنهن ۾ واقعن کي لڪائڻ تمام مشڪل آهي. سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهي وضاحتون پڻ ڪندو آيو آهي ته "ڪراچي ميگا سٽي آهي، جنهن ۾ ڪروڙن جي آبادي وسي ٿي، جنهن ۾ 10-12 قتل ٿيڻ ڪو وڏو واقعو نه آهي." ڇا ان وضاحت کي سامهون رکي اسان ائين چئي سگهون ٿا ته اهي قتل ذاتي دشمنين يا پلاٽن جي قبضن تي رهيا آهن؟! ڪراچي ۾ ٿيندڙ  قتل جي واقعن ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن کي مختلف مرحلن ۾ قتل ڪيو ويو آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان مفاهمتي سياست ۾ ايترا ته اڳتي نڪري ويا آهيون جو سڀ ڪجهه سامهون هوندي به چئون ٿا ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال آهي. آخر اُهي ڪهڙا هٿ آهن جيڪي انساني زندگين سان کيڏي رهيا آهن؟ اڪثر ٽارگيٽ ڪلنگ جي ور غريب ريڙهي وارو ته ڪو سنڌ جي ٻهراڙي واري علائقي جو رهواسي ته ڪڏهن وري ڪو بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻ ئي چڙهندو آهي. آخر اسان جا حڪمران ڪيستائين مفاهمت جي ڏاڪڻ کي استعمال ڪري حڪومت جي تخت کي ڊيگهه ڏيندا رهندا؟

موجوده جمهوري حڪومت ۾ پڻ آمريتي دؤر وانگر ڍڳو پير پيران جيان سلسلو هلي رهيو آهي. هڪ طرف سنڌ جي ٻهراڙين ۾ برادري تڪرار توڙي ڌاڙيلن جو راڄ آهي ته ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ رتوڇاڻ جاري آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو بي يقيني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. ماڻهو سج لهڻ کانپوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ کي ڪنهن جوکي کان گهٽ نٿا سمجهن.

 آخر سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڪٿي ڪنهن مسڪين غريب جي گهر تي قبضو ڪيو وڃي ٿو، ڪنهن مسڪين کي ڪو وڏيرو پڪڙائي ٿاڻي تي تشدد ڪرائي ٿو. برادري تڪرارن توڙي ڪارنهن جي واقعن ۾ بيگناهه ماڻهو مارجي رهيا آهن پر حڪومت انهن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي اختيار ناهي ڪئي.

سنڌ جي ٻهراڙين جا برادري تڪرارن سبب متاثر ماڻهو ڪراچي جو رخ ڪن ٿا ته اُتي پڻ کين رهڻ لاءِ اجهو نٿو ملي. ارباب رحيم واري دؤر ۾ ته سنڌي ماڻهن جي گهرن تي بلڊوزر گهمايا ويا هئا پر موجوده جمهوري حڪومت جن جي منشور ۾ پڻ "اجهو" شامل آهي پر اجهو ڏيڻ بجاءِ غريبن کان اجهو کسي رهيا آهن. ڇا اڃان به غريبن جي مقدر ۾ پوليس جي مار لکيل آهي؟ سنڌ جي ماڻهن کي اڍائي سالن جي اقتداري دؤر ۾ رڳو چند نوڪرين کانسواءِ کين ڪو به رليف نه ملي سگهيو آهي. رڳو فرق اهو نظر اچي پيو ته پهرين آمريت جي نالي غريبن تي حڪومت ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي "جمهوريت" جي نالي تي حڪومت ڪئي پئي وڃي.

اها وقت جي ضرورت آهي ته عوام جي دلين ۾ جاءِ  پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه عوامي فيصلا به ڪيا وڃن، جنهن ۾ غريبن کي اجهو ڏيڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پڻ تڪڙن قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي. مثبت تنقيد کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ننڌڻڪو سمجهي وري واپس موٽائڻ بجاءِ انهن کي پنهنجي شهر ڪراچي ۾ رهڻ لاءِ اجهي کان وٺي روزگار لاءِ ڪي نوان موقعا پيدا ڪري ڏيڻ جي ضرورت آهي. گذريل حڪومتن وارن دؤرن ۾ ته هونئن ئي غريب ماڻهو ڏچي ۾ هئا پر ڇا اڃان به غريبن جي قسمت ۾ اهي ئي مصيبتون لکيل آهن؟ هڪ طرف موجوده حڪمران دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اسان هزارين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي پر اُتي ميرٽ جي جيڪا ٻيڙي ٻوڙي وئي آهي اهو تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. نوڪريون پڻ يوسي سطح جي عهديدارن ۾ ورهايون پيون وڃن. پارٽي پاران ڏنل نوڪرين تي ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس ناهي. ڪٿي هڪ گهر ۾ 8 نوڪريون آهن ته ڪٿي غريب توڙي حقدار ماڻهو هڪ نوڪري لاءِ وزيرن ۽ مشيرن جي گهرن جا چڪر ڪٽي ڪٽي پريشان آهن. اهي ٻٽيون پاليسيون ختم ڪيون وڃن ۽ عام غريب ۽ تڪ جي ماڻهن کي پڻ نوڪريون ڏنيون وڃن.  نوڪرين جي ورهاست ۾ جيڪي ويساهه گهاتيون ٿي رهيون آهن اُنهن تي ڪو به ٻڙڪ نٿو ڪڍي. عام ماڻهو جيڪو هونئن ئي الله جي آسري ۾ هوندو آهي اُهو هن دؤر ۾ پڻ ننڌڻڪائي ۽ بيوسي جي عالم ۾ آهي. وزير، مشير، ايم پي اين، ايم اين اي پڻ پنهنجا نوازي ڪري رهيا آهن ڪو به غريبن لاءِ نٿو سوچي. ان حالت ۾ مهانگائيءَ جي ڪري خودڪشين جي واقعن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ اجتماعي خودڪشيون ٿي رهيون آهن.

بهرحال حڪومت کي عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه وقت ڪڍي سوچڻ گهرجي ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کي هميشه لاءِ ٻنجو ڏيڻ لاءِ انهن چهرن کي منظرعام تي آڻڻ جي ضرورت آهي، جيستائين اسان مفاهمتي سياست جي ور چڙهيل هونداسين ته خبر تڏهن پوندي جڏهن حڪومتي واڳون هٿان نڪري وينديون. حڪومت عوام کي سڌي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ ڪي حڪمت عمليون اختيار ڪرڻيون پونديون نه ته "جمهوريت" جي سکڻي نالي سان سندن پيٽ ڀرڻ مشڪل آهي.

shahnawaz_rind@yahoo.com