|
ڇا پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ خاموش ڊيل ٿي چڪي آهي؟ ظفر امام جنرل اشفاق پرويز ڪيانيءَ جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪري جيئن موجوده جمهوري حڪومت پنهنجا پنج سال پڪا ڪيا آهن، ان کي جديد سياسي لغت ۾”Pragmatism” چئبو آهي، ۽ ان جو بهتر سنڌي ترجمو اهڙو آهي جو مان هتي لکي نه ٿو سگهان. ان لاءِ اسان وٽ ڪيترائي لفظ موجود آهن، جيڪي روزمره جي ”عوامي“ زبان ۾ رائج آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ لکيل ڪالم ۾ مان لکي چڪو آهيان ته جي جنرل اشفاق پرويز ڪيانيءَ جي ملازمت وڌائي وئي ته پوءِ ان جو سڌو سنئون مطلب آهي ته ڊيل ٿي چڪي آهي ۽ اُها ڊيل هينئن آهي : ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وٺو، محترمه بينظير ڀٽو جي خون تي خاموش رهنداسين، پنج سال حڪومت ڪرڻ ڏيو. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، جيڪو ضياءَ الحق جي ڪابينا ۾ منسٽر رهي چڪو آهي، جي خطاب گذريل ڪالم ۾ لکيل ڳالهه جي ثابتي ڏئي ڇڏي آهي. ان وقتي تناظر جي درستگي، باقي بعد وارن سالن بابت تناظر جي درستگيءَ جي به پڪ ڏئي ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي تي ساڄي ڌر ۽ ضياءَ جي باقيات جو قبضو ٿي چڪو آهي، ۽ اها ڪنهن به ريت تاريخ جي انتقام کان بچي نه ٿي سگهي. حڪومت ته پنج سالن تائين هلي ويندي، پر اسان پنج سالن کانپوءِ واري وقت جي ڳالهه ڪيون ٿا، جيڪو خطرناڪ ته ضرور هوندو، پر دلچسپ واقعن ۽ تاريخي سبقن سان ڀرپور هوندو. ايئن لڳي ٿو ته پنج سال پورا ڪرڻ کان پوءِ پيپلزپارٽيءَ جي موجوده قيادت جي اڪثريت ملڪ کان ٻاهر هلي ويندي. اها پرڏيهه وڃي خود ساخته جلاوطنيءَ اختيار ڪندي، اهڙي پرعيش جلاوطني جيڪا شل هر ڪنهن کي نصيب ٿئي. پوءِ ان جا قصا ٻڌائي ملڪ جي عوام کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويندي، پر هر معاملي جي آخر هڪ حد هوندي آهي. هميشه ايئن نه ڪري سگهبو. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي جي ٺهڻ کان وٺي هيل تائين وارا چاليهه سال هڪ پاسي، موجوده پيپلز پارٽيءَ جا پنج سان ٻي پاسي هوندا. انهن ٻنهي ۾ وڏو فرق هوندو، ۽ اهي ئي اُهي پنج سال هوندا، جيڪي شل پورا ٿي وڃن، جن کان پوءِ پاڪستاني سياست ۽ ان ۾ پيپلز پارٽي فيڪٽر جو آخري فيصلو ٿي سگهندو. اسان جي شديد خواهش آهي ته هيءَ حڪومت پنج سال پورا ڪري، ڇو ته اصل وڏين تبديلين جي شروعات ئي پوءِ ٿيڻي آهي. پر اسان موجوده حڪومت جي مصلحت ۽ دوکيبازيءَ جي حامل حاڪمن کان هڪ ڳالهه وري به پڇڻ چاهيون ٿا: پنج سال پورا ڪرڻ کان پوءِ آخر توهان مان ڪيترا ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃي سگهندا؟ توهان مان ڪيترن ئي کي هتي رهڻو آهي، ۽ عوام کي حساب ڏيڻو آهي. جنرل اشفاق پرويز ڪياني پروفيشنل سپاهي آهي ، دانشور ۽ ٿنڪر آهي ، چين سموڪر ۽ مطالعو ڪندڙ آهي ، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ ماڻهو آهي- انهن ڳالهين جو موجوده پيپلزپارٽيءَ جي مستقبل سان تعلق گهٽ، ۽ صحافتي منظر نگاريءَ سان تعلق وڌيڪ آهي. اصل ڳالهه هيءَ آهي، ۽ اها وڏي ڳالهه آهي ته هڪ جنرل جي ملازمت جي مدت پيپلز پارٽي پاران وڌائي وئي آهي. ۽ اها واڌ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ کلي عام ڊيل جو اظهار آهي. حقيقت هيءَ آهي جو ڪجهه وقت جو اقتدار ماڻڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت پنهنجي بنيادي منشور سان به غداري ڪئي آهي ته پنهنجي شهيد قيادت جي خون تي به ماٺ اختيار ڪئي آهي. اهي داغ، ڀل ڪيتريون ئي برساتون پون، نه ڌوپي سگهندا. لوڪ ماڻهن جي لوڪ ڏاهپ مطابق سچ جي ڪسوٽي هيءَ آهي ته يا ته ڦودني ۾ ڦير آهي، يا وَٽَ کوٽا آهن! بهرحال، واقعن ۽ حالتن جو حقيقت پسنداڻو تجزيو ٻڌائي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اندر هڪ تاريخي تبديلي اچي رهي آهي، ۽ اها تبديلي هيءَ آهي ته پارٽي عوام کان خالي ٿي رهي آهي. تيزيءَ سان عوام آصف زرداريءَ جي سياسي اسڪول مان اهو اهم سبق سکي رهيو آهي ته آخرڪار نتيجو هڪ يا ٻئي طبقي جي مڪمل فتح جي صورت ۾ نڪرندو آهي. هڪ طبقو، جيڪو ڀل جنرل، سرمائيدار، جاگيردار، سياستدان، جمهوريت پسند ۽ عوام دوست وغيره جي روپ ۾ اچي، اهو استحصال ڪري حڪمراني ڪندو آهي، ۽ ٻيو طبقو، جيڪو هاري، مزدور، غريب عوام تي مشتمل هوندو آهي، اهو بطور هڪ طبقي دٻايو ، هيسايو ۽ استحصال ڪيو ويندو آهي. ٻنهي طبقن جا متضاد مفاد آهن ۽ ٻئي طبقا مختلف سوچن، مفادن ۽ ضرورتن جي ترجماني ڪن ٿا. تبديلي ڪڏهن ايندي آهي؟ صرف تڏهن جڏهن عوام پنهنجو پاڻ کي هڪ طبقي جي حيثيت سان ڏسڻ شروع ڪندو آهي. موجوده جمهوري حڪومت اسٽبلشمنٽ سان جيڪا ڊيل ڪئي آهي، اُها ڊيل نه صرف پ پ ۽ پاڪستاني سياست جو پسمنظر ۽ تناظر بيان ڪري ٿي، پر اها ڊيل عالمي سياست تي به روشني وجهي ٿي. محترمه بينظير ڀٽو جي ملڪ واپسي کان وٺي هن جي قتل تائين، چونڊون ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين، دهشتگردي خلاف جنگ جي سموري ملڪ ۾ ڦهلجڻ کان وٺي جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ملازمت جو مُدو وڌڻ تائين امريڪي مداخلت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. انهن سمورن معاملن کي نه رڳو ملڪي پسمنظر پر عالمي پسمنظر ۾ به ڏسڻ جي ضرورت آهي. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هن نئين فيصلي کانپوءِ موجوده حڪومت پنهنجو پنج سال مُدو ته پورو ڪري ويندي، پر اها پنهنجي ساک وڃائڻ جي قيمت تي ائين ڪري سگهندي. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جڏهن به پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي آهي، ان هميشه مصلحتون ڪيون آهن ۽ ساڄي ڌر لاءِ رستا صاف ڪيا آهن. يا ته ان فوجي بغاوتن کي دعوت ڏني آهي، يا رجعتي ساڄي ڌر ۽ سول بيوروڪريسي سان مصلحت ڪري، انهن کي مضبوط ڪيو آهي، ۽ نتيجي ۾ وري انهن ئي ڌرين پيپلز پارٽي کي گهر ڀيڙو ڪيو آهي. پر هن ڀيري ان مصلحت جي ذلت ڪجهه وڌيڪ ئي آهي. هن ڀيري ان جو ذائقو اڳ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڪڙو آهي. اهڙي ڀيانڪ سوديبازين جو انجام هميشه يا ته فوجي بغاوتن جي صورتن ۾ نڪتو آهي يا وري ساڄي ڌر جي حڪومتن جي صورت ۾. نتيجي ۾ هميشه ڀوڳيو عوام ئي آهي. هي سمورو کيل فقط ايئن ئي ختم ٿيندو، جڏهن همٿ ۽ حوصلي سان ڀرپور پورهيت عوام تاريخ جي ميدان ۾قدم رکندو ۽ پنهنجي تقدير پنهنجي هٿن ۾ کڻندو. هڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جي ذريعي ئي اسٽبلشمنٽ کي به مات ڏئي سگهجي ٿي، ۽ پيپلز پارٽي ۾ موجود ساڄي ڌر ۽ ضياءَ باقيات کي به گهر ڀيڙو ڪري سگهجي ٿو. |