برسات متاثر ماڻهن جا اهنج گهٽجي نه سگهيا

محمد بخش ڏاهري


                سنڌ ۾ برسات کي بند ٿيندي ٻارهن ڏينهن گذري ويا آهن پر معمول ڏانهن زندگي جي اڳڀرائي طرف اڃان پهريون قدم به نظر نه ٿو اچي. بدترين بدانتظامي سبب ٻڏل سنڌ کي حڪومت قدرتي آفت ڪوٺيو آهي پر تازو سنڌ تي قهر بڻجي ڪڙڪي پيل برساتن لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر بنائي انتظام ڪاريءَ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. حڪومت پنهنجون ڪوتاهيون لڪائڻ لاءِ اڃان به حقيقتن کان منهن موڙي هڪ وڏي بحران جي راهه هموار ڪري رهي آهي. برساتن جو اڳواٽ اطلاع ڏيندڙ موسميات کاتي سنڌ سان جيڪو ڪلور ڪيو ان تان نه فقط پردو هٽڻ گهرجي پر سنڌ ۾ سموري تباهي جو ذميوار به کين قرار ڏنو وڃي. جنهن کاتي هن سال جي حوالي سان اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته سال 2011ع جي سانوڻ مند ۾ مون سون جون برساتون معمول کان ڏهه سيڪڙو گهٽ پونديون سندن ان پيشنگوئي جو سمورو رڪارڊ به  موجود آهي. آگسٽ مهيني جي آخري هفتي ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ برساتن جي حوالي  سان اها ئي خبر ڏيندو رهيو ته برساتن جو سلسلو  ٽي ڏينهن جاري رهندو.اهي  بار بار ٽي ڏينهن ٻڌائيندا رهيا ۽ برساتن جو سلسلو لڳاتار هڪ مهيني تائين جاري رهيو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هڪ مهيني تائين جاري برساتن ڪئين قيامت سندا منظرن کي جنم ڏنو پر اڄ تائين ڪنهن به موسميات کاتي، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کان نه پڇيو آهي ته ڇو سندن ناقص ڪارڪردگي سبب سنڌ صوبي جو کربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. سنڌ حڪومت 27 سيپٽمبر 2011ع جي اخبارن ۾ سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن جنهن مطابق  مجموعي نقصان 454 ارب 24 ڪروڙ ٿيو آهي. تفصيل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زراعت جي شعبي کي 217 ارب 75 ڪروڙ، آبپاشي ۽ ڊرينيج نظام کي ساڍا پنج ارب، صحت کي 3 ارب، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کي 2 ارب 93 ڪروڙ، گهرن جي نقصان جو ڪاٿو 204 ارب 39 ڪروڙ لڳايو ويو آهي. تعليم جي شعبي ۾ 2 ارب 22 ڪروڙ ۽ روڊن ٽٽڻ جو ڪاٿو 18 ارب 22 ڪروڙ لڳايو ويو آهي. انگن اکرن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان بدين، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ضلعي کي وڌيڪ متاثر ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته ضلعي سانگهڙ جي دوري دوران ملڪ جو وزيراعظم نه فقط ضلعي لاءِ ڪنهن پيڪيج جو اعلان ڪري نه سگهيو پر هن مهل تائين ضلعي سانگهڙ کي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سانگهڙ شهر، جهول، سنجهورو، شاهپورچاڪر، سرهاري ۽ ٻين شهرن ۾ برساتي پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. شهرن جو زميني رابطو به اڃان تائين ٻين شهرن کان ڪٽيل آهي. شهيد بينظيرآباد جيئن ته ملڪ جي صدر جو شهر آهي ان ڪري شهر مان ته هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي پر ٻهراڙي جا علائقا نه فقط ٻڏل آهن پر صدر سان واسطيداري سبب بااثر ماڻهو پنهنجي فصلن ۾ بيٺل برساتي پاڻي لفٽ مشينن ذريعي نيڪال  ڪري ان جو منهن شاخن ڏانهن ڏيئي اڃان تائين عام بي پهچ ماڻهن کي ٻوڙي رهيا آهن. ان جو هڪ مثال شهيد بينظير آباد ضلعي جي کڏهر شاخ به آهي جنهن جي پڇڙي ۾ نه فقط تيرهن ڳوٺ ٻوڙيا پر سرهاري شهر جي ٻن وارڊن کي به ٻوڙيو. اها شاخ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جو ڪارڻ بڻجي ٽي انساني جانيون به چٽ ڪري ويئي پر بااثرن اڃان تائين نيڪال جو پاڻي بند نه ڪيو آهي ۽ شاخ 33 ڏينهن کان لڳاتار 27 سيپٽمبر تائين تار وهي رهي آهي. اهڙا منظر هر هنڌ موجود آهن. هن سال برساتن بي حسي جي اهڙي موسم ساڻ آندي آهي جنهن ۾ احساس جي ڏڪار ڪر کنيو آهي. سڄي سنڌ ۾ بااثر ماڻهو توڙي چونڊيل نمائندا پنهنجي فصلن جو پاڻي نيڪال ڪري غريب ماڻهن جي علائقن ڏانهن موڪلي رهيا آهن جنهن ڪري برساتون بند ٿيڻ جي باوجود روزانو مسڪين ماڻهن جا ڳوٺ بااثر ماڻهن جي نيڪال ڪيل پاڻي ۾ ٻڏي رهيا آهن. ضلعي بدين  کي ته سم  نالن تباهه برباد ڪري ڇڏيو آهي پر سانگهڙ، سامارو، جهڏو، نئون ڪوٽ ۽ ٻين ڪيترن شهرن جو نقشو ئي بگاڙي ڇڏيو آهي. ڪيترا شهر برساتي پاڻي سبب نه پر بااثر ماڻهن جي مفادن ۾ ٻڏا آهن. اڃان به روز نيون تباهه ڪاريون جاري آهن.  امدادي ڪيمپن ۾ اڻ پورن انتظامن نه فقط ماڻهن جا اهنج وڌائي ڇڏيا آهن پر  ڪيمپن ۾ بيماريون به  وبائي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن جنهن جا سرڪاري سطح تي بيمارين ۾ وڪوڙيل ماڻهن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. اين ڊي ايم  اي برسات سٽيل ماڻهو 88 لک 35 هزار ڄاڻايا آهن جنهن ۾ ڪيمپن ۾ 30 لک ماڻهو بيمارين ۾ وڪوڙيل ڄاڻايا ويا آهن. متاثر ڪيمپن ۾ ڊينگي وائرس به پکڙجي رهيو آهي. اين ڊي ايم اي متاثر ڪيمپن ۾ مليريا، چمڙي، گيسٽرو، ساهه جي تڪليفن جا مرض ڄاڻايا ويا آهن ۽ مئل جانورن جي ڍانچن نه هٽائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. موجوده برساتن ۾ لکين ڍور پڻ مري ويا آهن ۽ هر هنڌ هزارن جي تعداد ۾ مينهن، رڍن، ٻڪرين، گڏهن، ڍڳين ۽ ٻين جانورن جا ڍانچا ٽڙيل پکڙيل نظر اچن ٿا، جيڪي بدبوءِ ڪرڻ کانپوءِ رهواسين لاءِ بيمارين پکڙجڻ جو سبب پڻ بڻجي رهيا آهن. برساتن ۾ حڪومت طرفان 413 ماڻهو مرڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته مري ويل ماڻهن جو انگ ان کان ٻيڻو آهي ڇاڪاڻ ته امدادي ڪيمپن  ۾ روز بروز ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ گيسٽرو جو مرض وبائي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. اڪثر ڪيمپن ۾ وقت تي متاثرين کي کاڌو نه ٿو ملي پر هو صاف پاڻي جي سهولتن کان به  محروم رهيا آهن. متاثرين گندو برساتي پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن جنهن پاڻي ۾ گٽرن جو پاڻي به شامل ٿي ويو آهي پر مجبوري ۾  کين اهو پيئڻو پئي ٿو، ڇاڪاڻ ته متاثر ڪيمپن ۾ متاثرين طرفان صاف پاڻي طلب ڪرڻ تي کين ڇڙٻون ملن ٿيون ۽ انتظام سنڀاليندڙ کين اهو چون ٿا برسات متاثر آهيو يا نواب آهيو؟ ان ڪري اڪثر متاثرن جون ڪئمپون پاڻي کان محروم آهن. متاثرين حيران آهن ته هيڪاندو پاڻي آيو ڪٿان، جنهن کين ٻوڙي ڇڏيو پر ساڃاهه وند سنڌ واسي ڄاڻن ٿا ته موجوده برساتون قدرت جو قهر نه پر بااثر ماڻهن جي مفادن جي متاثرين کي مليل سزا آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف انهن ٻنين مان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو ته ٻئي پاسي سنڌ جي اڪثر جاين تي بااثر ماڻهن جي مڇين جي تلائن کي ڏنل بند ٽٽي پيا. بااثر ماڻهن جي تلائن ۾ مڇين پالڻ لاءِ ايترو ته پاڻي موجود هوندو آهي جيڪو علائقو ٻوڙڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.  هيل جڏهن زوردار برساتون پيون ته بااثر ماڻهن جي ٻنين ۽ مڇين جي فارمن جو پاڻي مسڪين ماڻهن جي وسندين ڏانهن لوڙهيو ويو. عام طبقي جي ماڻهو کي پاڻي يڪدم ايئن گهيري ورتو، جو هو پنهنجي گهر مان ڪو به سامان کڻي نه سگهيو. بااثر ماڻهن کي غريب ماڻهن جو تر جيترو به احساس ڪونهي. تنهن ڪري اڃان تائين ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ روزانو نيڪال جي پاڻيءَ جي نظر ٿي رهيا آهن.  بااثر ماڻهن جون سرعام لفٽون هلندي ۽ سندن ٻنين جو پاڻي مسڪين ماڻهن جي وسندين ڏانهن وهندي نظر اچي ٿو، تڏهن نه فقط آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير اکيون پوري ڇڏيون آهن پر سنڌ حڪومت به بيوس بڻجي بااثر ماڻهن آڏو هٿيار ڦٽا ڪري خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جا جيڪي به علائقا ٻڏا آهن تن ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ته ڪو انتظام نظر نه ٿو اچي، نه وري پاڻي جي سطح گهٽجندي ٿي نظر اچي، ڇاڪاڻ ته ٻڏل ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن اڃان به پاڻي جي آمد جاري آهي ته اهو پاڻي ڪيئن گهٽجي سگهندو؟ جيڪڏهن سنڌ حڪومت بروقت انتظام ڪري بااثر ماڻهن جو نيڪال ڪيل پاڻي روڪي وجهي ها ته ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر ٻڏڻ کان بچي وڃن ها ۽ جن علائقن ۾ پاڻي داخل ٿيو هو، اهو به سڪي وڃي ها ۽ لکين ماڻهو دربدر ٿيڻ بجاءِ واپس پنهنجي ماڳن تي موٽي وڃن ها پر حڪومت طرفان بااثر ماڻهن کي رسو وجهڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. وزير قانون جي حڪمراني جون لٻاڙون هڻندو رهيا، اهي به بااثر ماڻهن اڳيان بي اثر نظر آيون، نتيجي ۾ سنڌ جا هزارين ڳوٺ، سوين شهر ٻڏي ويا. لکين ماڻهو دربدر ٿيا. قادر ته کڻي مهر ڪري برساتون بند ڪيون پر زميني آقائن ماڻهن کي ٻوڙڻ جو سلسلو بند نه ڪيو آهي. مزي جي ڳالهه اها به آهي ته متاثر ماڻهن جي امدادي سامان  ۾ گهوٻيون هڻي دوستن واسطيدارن کي ٺٺ ڪرائي ڇڏيا ۽ امداد جي اوسيئڙي ۾ ڪيمپن ۾ موجود ماڻهو بک ۾ پاهه ٿيندا رهيا. ڪا به انتظامڪاري نظر نه ٿي اچي. هڪڙن ماڻهن کي بار بار امداد ملي پئي ته ٻيا متاثر هفتن کان امداد لاءِ واجهائين پيا. امدادي سامان پنهنجا نوازي جي  نظر ٿي ويو آهي مصيبت جي هن گهڙي ۾ سياست جي چمڪ جا نوان نظارا سامهون آيا آهن. چونڊيل عيوضين مخالف متاثرين کي ووٽ نه ڏيڻ جي سزا طور کين بکون ماري رهيا آهن. گهڻن جاين تي امدادي سامان متاثرين ۾ ورهائجڻ بجاءِ افتتاح ۽ فوٽو سيشن جي انتظار ۾ خراب ٿي رهيو آهي ڪجهه  ڏينهن ته هيليڪاپٽر مان امداد جا ٿيلها اڇلائي متاثر ماڻهن جي تذليل ڪري سنڌ کي ايٿوپيا بنايو ويو. هاڻي اڪثر جاين تي ڪجهه لاٺڙيا اهڙا ماڻهو امداد ڦر ڪندي نظر اچن ٿا، جيڪي متاثر ئي نه آهن،  اهي جتي به امداد جي ڳالهه ٻڌن ٿا، ڊوڙي وڃي امدادي سامان جو اڳ جهلين ۽ اهو سامان ڦر ڪري شهرن ۾ وڪرو ڪن ٿا نتيجي ۾ اصل متاثرين امداد کان محروم رهجي وڃن ٿا.

هن وقت متاثر ماڻهن جي اهنجن  کي گهٽائڻ لاءِ سڀ کان پهرين کين کاڌو پيتو، دوا درمل جي انتظام کي شفاف بنايو وڃي ۽ هر متاثر ماڻهو کي پارٽي مفادن کان هٽي سهائتا ڪئي وڃي ته متاثر ماڻهن جا ڪافي اهنج گهٽجي ويندا. متاثر ماڻهن جا اهنج گهٽائڻ سان گڏ سندن بحاليءَ جا به انتظام ڪيا وڃن.