|
قاضي محمد اعظم قريشي جي مان ۾ مڃتا تقريب رضا محمد ميمڻ اسان مرده پرست قوم نه آهيون، جو ماڻهن جي وڇوڙي کانپوءِ لڙڪن مان درياءَ ٺاهيون ۽ جيئري پنهنجن محسنن کي هر جاءِ تي تنقيدن جون مالائون پهرايون... خير ڪجهه ڳالهه هن ريت آهي سائين ته پاڻ درياءَ جي ڪپ جا رهواسي آهيون، درياءَ ۾ واري جو مينهن به سنڀرون ۽ مهران جي مستي ۽ موج به... اسان جو ڳوٺ سنڌ ۾ جنت جو ٽڪڙو آهي، ”دعا جا داڻا هالا پراڻه“ ها يار پاڻ هالا پراڻه جا رهواسي آهيون. هالا پراڻه علم و ادب، تهذيب و ثقافت، بزرگن ۽ وهنر جي ڪري ملڪي توڙي بين الاقوامي ليول تي هڪ خاص مقام رکي ٿو. سو سهڻل سائين هيل هالا پراڻا ۾ سال جي شروعات واري ڏهاڙي تي هڪ تقريب ڪئي ويئي. توهان سوچيندا هوندا ته راڳ رنگ يا ڪوڏي ڪوڏي جي تقريب هوندي. نه سائين نه... زنده دلان هالا پراڻا طرفان پنهنجي هڪ محسن جي مڃتا جي تقريب هئي. محترم قاضي محمد اعظم قريشي صاحب هالا پراڻا جي اها شخصيت آهي جنهن پنهنجي سڄي عمر ڳوٺ جي تعليمي ادارن، اسپتالن، صحت و صفائي جي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. سو منهنجا سائين هالا پراڻا جي چئن سماجي ادارن طرفان جن ۾ حفيظ قريشي ٽرسٽ جي سرواڻ قاضي طاهر قريشي، هالا ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي سرواڻ محترم سائين حبيب سنائي، حاجي يار محمد اڪيڊمي جي سرواڻ امان الله صدر ۽ جياپو سوسائٽي جي سرواڻ رضا محمد ميمڻ جن گڏيل طور هڪ تقريب محترم قاضي محمد اعظم قريشي جي مان ۽ مڃتا ۾ منعقد ڪئي ويئي. پروگرام جي تقريب مخدوم محمد صالح ڀٽي گرلس هاءِ اسڪول هالا پراڻا ۾ ڪئي ويئي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ خادم حسن ڀٽو ڪئي جڏهن ته تلاوت جي سعادت وسيم احمد ميمڻ ۽ نعت پاڪ پڙهڻ جو شرف عباس آخوند جن کي نصيب ٿيو. آجياڻي واري خطاب ۾ امان الله صدر سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو اهڙيون تقريبون منعقد ڪري عظيم ۽ خدا ترس سماجي شخصيت کي مڃتا ڏيئي رهيا آهيون. جيڪو ڳوٺ جي هر حال ۾ خدمت جاري رکندو اچي ۽ قاضي محمد اعظم قريشي جي شخصيت انمول آهي. آجياڻي کانپوءِ باقاعده اسٽيج تي محترم قاضي محمد اعظم قريشي، قاضي خادم حسين سنڌي ڊپارٽمينٽ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ مشهور شاعر سوز هالائي کي ويهاريو ويو ۽ کين اجرڪون اوڍائڻ لئه حبيب سنائي، قاضي خادم کي ، قاضي طاهر قريشي، قاضي محمد اعظم قريشي کي ۽ رضا محمد ميمڻ سوز هالائي کي اجرڪون اوڍايون. نديم ڀٽو انگريزي ۾ تقرير ڪئي جيڪو ڪي جي ايليمينٽري اسڪول جو فارغ التحصيل شاگرد هو. هن چيو ته اسان جنهن تعليمي اداري ۾ پڙهندا هئاسين اهو ادارو به قاضي محمد اعظم جي بدولت هلي رهيو آهي ۽ ڳوٺ لئه سندس خدمتون تاريخي آهن. مشهور وڪيل ۽ لا ڪاليج هالا جي پرنسپل قربان ڀٽو تقرير ڪندي چيو ته مهان شخصيت قاضي محمد اعظم قريشي ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي ۽ سندس ڳوٺ لئه ڪيل تاريخي خدمتون تاريخ جو حصو آهن ۽ سماجي سوچ رکندڙ ماڻهن لئه مشعل راهه آهن. سماجي شخصيت غلام حسين، دودو ميمڻ تقرير ڪندي چيو ته قاضي محمد اعظم قريشي هنن جو ان وقت جو دوست آهي جڏهن هنن 80 ڌاري هالا پراڻا ۾ سگا جو بنياد رکيو هو ۽ قاضي هڪ بهترين طبعيت جو مالڪ آهي. جيڪو هر هڪ کي عزت ڏيندو آهي ۽ سندس سماجي خدمتون ڪنهن کان به لڪيل آهن ۽ هن وڌيڪ چيوته هي هي جن تنظيمن هن مڃتا جو پروگرام رکيو آهي تن کي پڻ مبارڪون هجن. سائين نور محمد نوح ميمڻ تقرير ڪندي چيو ته هو قاضي کي هر لحاظ کان پاڙيسري هئڻ جي ناتي سان سڃاڻان، قاضي صاحب هر لحاظ کان هڪ بهترين ۽ همدرد انسان آهي ۽ خدا پاڪ منجهس بيشمار خوبيون رکيون آهن. رضا محمد ميمڻ تقريب ڪندي چيو ته قاضي محمد اعظم قريشي هميشه هن ڳوٺ جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي ۽ سندس ڪاوشن بدولت ڳوٺ جا ڪيترائي ادارا وجود ۾ آيا ۽ پاڻ غريب شاگردن جي مالي مدد پڻ ڪندو رهيو آهي. حبيب سنائي تقرير ڪندي چيو ته قاضي محمد اعظم جن جي اها شخصيت آهي جنهن جي بدولت هالا پراڻا ۾ هلندڙ شام جي اسپتال جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ مريض علاج ڪرائي چڪا آهن ۽ جتي دوائون به مفت ۾ آهن. قاضي صاحب جن جي اها شخصيت آهي جنهن هالا پراڻا لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آهي. سندس ڪيل خدمتون پڻ هڪ تاريخ آهن ۽ سندس خدمتن مان هر وقت انسانيت جو عڪس ظاهر آهي. قاضي طاهر قريشي تقرير ڪندي چيو ته زنده قومون ڪڏهن به محسنن کي نه وسارينديون آهن. قاضي محمد اعظم قريشي هالا پراڻا جي تعليم صحت روڊن رستن جي بهتري لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندو رهندو اچي ۽ سندس شخصيت اڄ علائقي جي سماجي سوچ رکندڙ هڪ آئڊيئل شخصيت آهي. مشهور اديب قاضي خادم جي هٿان قاضي محمد اعظم قريشي کي مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. صدارتي خطاب ۾ قاضي خادم چيو ته قاضي محمد اعظم قريشي کي ننڍپڻ کان سڃاڻي هو بهترين انسان آهي. جنهن جي سوچ هر وقت بهتر رهي آهي ۽ ان جي بدولت ان سوچ تحت اهي ڪم ۽ خدمتون ڪيون آهن. جنهن جو اڄ هي سڄو ايوان شاهدي ڏئي مڃتا ڏيئي رهيو آهي. آخر ۾ قاضي محمد اعظم قريشي خطاب ڪندي چيو ته هو سڀني جو خاص ڪري انهن ادارن جو ٿورائتو آهي جنهن هي تقريب منعقد ڪئي آهي. هن چيو ته ڳوٺ جي بهتري لاءِ هر حال ۾ هر جاءِ تي سڀني سان گڏ آهي ۽ نوجوانن کي گهرجي ته هو تعيم حاصل ڪن ۽ ڳوٺ جي وس آهر خدمت ڪن. قاضي صاحب هر ڳوٺ واسي ۽ سنڌ واسي کي دعائون ڏنيون ۽ آخر ۾ چيائين ته: سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين. هن تاريخي تقريب ۾ شهر جي جن ماڻهن شرڪت ڪئي تن ۾ خاص حيدرآباد کان آيل سنڌ جو مشهور ۽ ڀلوڙ شاعر عاشق هالائي، مشهور وڪيل ۽ حيدرآباد جي بار جي جنرل سيڪريٽري بشارت احمد ميمڻ، ميان منصور احمد ڀٽي، عبدالله قريشي، ڊاڪٽر رضا محمد صدر، ڊاڪٽر عطاءُ الله صدر، بشير احمد سنائي، مخدوم آفتاب احمد ڀٽي، علي اختر ميمڻ، اڳوڻو ڪائونسلر مير محمد ميمڻ، عرفان عيسيٰ ميمڻ، حميدالله ميمڻ، علي ڏنو ميمڻ، فضل حسين ميمڻ، محمد رحيم ميمڻ، محمد اسلم صدر، سليم احمد دايو، ميونسپل اڪائونٽ آفيسر غلام مصطفيٰ سنائي، طارق سنائي، شارق احمد قريشي، پير بخش ڀٽو، قاضي اميد علي، قاضي زوهيب، علي احمد دايو، عبدالغني صدر ۽ ٻيا شامل هئا. |