گڙدن جي پيوندڪاريءَ ۾ SIUT جو ڪردار

محمود گهوٽو


                ڏاها سچ چئي ويا آهن ته تندرستي هزار نعمت آهي جيڪڏهن ڏاهن جي اُنهيءَ ڳالهه تي غور ڪجي ته اسان کي سئو سيڪڙو سچ نظر ايندو هوئين به ڏٺو وڃي ته دنيا تڏهن وڻندي آهي جڏهن صحت سالم هوندي آهي جيڪڏهن صحت سلامت نه هوندي ته هر شيءَ چاهي ڪيتري قيمتي ڇونه هجي ڪونه وڻندي. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ صحت جي حوالي سان وڏو فقدان آهي هر انسان حيران پريشان ڪنهن نه ڪنهن موذي مرض ۾ مبتلا آهي سڄي ملڪ جون سموريون اسپتالون نجي توڙي سرڪاري مريضن سان سٿيل آهن. شهرن کي ته ڇڏيو پر ٻهراڙي ۾ به عام سيکڙاٽ ڊاڪٽرن، حڪيمن، طبيبن وٽ به ميلو متل آهي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ اسان جي ملڪ ۾ انڌير نگري جو راڄ آهي. انسان ذات جي حياتين سان کيڏندڙن خلاف ڪير به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. صحت جو کاتو جيڪو هر سال صحت جي سنڀال تي اربين روپيا خرچ ڪري ٿو اُهوکاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. ملڪ جي صحت لاءِ رکيل بجيٽ ڪاڏي ٿي وڃي ڪا به خبر ناهي اهڙي حالت ۾ اسان جو ويچارو عوام ڏينهون ڏينهن ٽينشن ۾ مبتلا ٿيندي هائي بلڊ پريشر جو مريض ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن انهيءَ حوالي سان سروي ڪرائي وڃي ته اسان جو ملڪ پاڪستان صحت جي حوالي سان ترقي پذير ملڪن ۾ شمار ڪري سگهبو پر ان جي باوجود مجال آهي جي ملڪ جي حڪمران کي يا صحت کاتي کي ڪا ڪل پوي. هِن وقت اسان جي ملڪ ۾ بيشمار بيماريون پيدا ٿي رهيو آهن ڪڏهن ڊينگي ته ڪڏهن هيپا ٽائيٽس، ڪڏهن گڙدن جو فيل ٿيڻ هر چوٿون ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن موذي  بيماري جو شڪار آهي. ڏٺو وڃي ته هر بيماري خطرناڪ آهي شل رب تعاليٰ هر انسان کي محفوظ رکي پر انهن مڙني بيمارين مان گڙدن جو فيل ٿي وڃڻ خطرناڪ آهي جنهن جو ڪو به علاج ناهي سوائي ٽرانسپلانٽ جي. اڳ ٽرانسپلانٽ لاءِ ماڻهن کي ٻاهر ملڪ جهڙوڪ انڊيا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃڻو پوندو هو جتي لکين روپيا خرچ اچي ويندو هو پر جي مريض ڪو غريب هوندو هو ته اهو ويچارو تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سڀ در بند ٿي ويا ته خدا تعاليٰ هڪ فرشتي صف تي انسان کي هي ڪم حوالي ڪيو اهو انسان آهي ”ڊاڪٽر اديب رضوي“. جيڪڏهن هي ٻاهر وڃي ڪنهن اسپتال ۾ ڪم ڪري ها ته کيس بيشمار دولت ملي ها. پر هن اُن دولت کي لت هئي پنهنجي ملڪ جي مظلوم عوام جي اهنجن کي ترجيح ڏني ۽ سال 1970ع هن سول اسپتال ڪراچي ۾ گڙدن جي پيوندڪاري جو هڪ وارڊ شروع ڪيو جتي هن دل و جان ۽ سچائي سان ڪم ڪيو ۽ ملڪ جي غريب عوام جي خدمت ۾ لڳي ويو وقت گذرندي کيس ڪيترا مرحلا گذريا پر هن نوجوان حمت نه هاري مٿس ڪيترائي سياسي حڪومتن جا پريشر آيا پر هي ڪونه جهڪيو هن جي ڪم جو طريقو انتهائي نرالو آهي هي خودار جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي جتي کيس سياسي مداخلت نظر ايندي آهي. ان جو مڙسي سان مقابلو ڪندو آهي ان ڪري هي اڄ ملڪ جو مظلوم عوام سندس دل سان عزت ڪري ٿو ۽ جيئن ۾ جايون ڏئي ٿو ۽ هر وقت دعائون ٿو ڏي ته خدا تعاليٰ کيس هميشه زنده رکي اڄ جڏهن هر انسان پيئسن ڪمائڻ جي مشين لڳو پيو آهي اُتي هن جهڙا مسيحاٰ خدا تعاليٰ پيدا ڪري ڏيکاري ٿو ته عزت صرف پئسن ۾ ناهي خدمتِ انسانيت ۾ آهي. اسان جڏهن سنڌ يا ٻين صوبن ۾ ڏسون ٿا ته اسان جون سرڪاري اسپتالون ويران آهن انهن ۾ مقرر ڊاڪٽر، پروفيسر، سرجن پرائيوٽ اسپتالن ۾ پئسي ڪمائڻ ۾ رڌل آهن کائن اهو قسم به وسري ٿو وڃي جيڪو انهن ڊاڪٽري جي تعليم مڪمل ڪرڻ محل خدا جي حضور کنيو هو. ملڪ جي حڪمرانن غريب عوام کي اسپتالون ته ڏنيون آهن پر انهن جيڪي مسيحاٰ ويهاريا آهن لڳ ڀڳ چور آهن. انهن خلاف قانون سازي جي سخت ضرورت آهي. هتي جڏهن ”ڊاڪٽر اديب رضوي“به سول اسپتال ۾ وارڊ کوليو گڙدن جي پيوندڪاري جو ته اهڙا مرحلا هن کي پيش آيا پر هن ڄمي ڪري مقابلو ڪيو نتيجي ۾ هن کي ملڪ جي سرندي وارن مدد ڪئي ۽ هن مسيحاٰ جو ساٿ ڏيندي سندس هڙان وڙان مدد ڪئي يقينن اهي به خدمتِ انسانيت جي لائق آهن. انهن جي ساٿ سان هن SIUTسنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن جو بنياد وڌو  ۽ گڙدن جي مريضن جي بقائدي پيوندڪاري شروع ڪئي. هن جي سچائي ۽ خلوص کي ڏسندي ديوان فاروق گروپ سال 2000ع ۾ کيس شاندار بلڊنگ تيار ڪري ڏني جتي اڄ SIUTجي نالي تي وڏو ادارو قائم آهي غريب مريضن جي خدمت ٿي رهي آهي. هن اداري ۾  ڪنهن به مريض کان ڪا به فيس ناهي ورتي ويندي. مريضن تي لکين روپين جا اخراجات هي ادارو ڀريندو آهي. هن وقت پوري پاڪستان جا مريض بنا ڪنهن سفارش جي هن اداري ۾ ٽرانسپلانٽ لاءِ اچن ٿا. اداري ۾ روزانو هڪ کان ٻن مريضن کي پيوندڪاري جي ذريعي نئي زندگي ملي ٿي پاڪستان ۾ هي واحد ادارو SIUTآهي جتي سفارش ڪلچر جو خاتمو آهي هر ڪنهن مريض جو چيڪ اَپ خالصتن ميرٽ تي ڪيو ويندو آهي اِهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري هي ادارو ڪاميابي جون منزلون ماڻي رهيو آهي. اسپتال کان ٻاهر اڄ به اها پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته هاڻي ”ڊاڪٽر اديب رضوي“ هاڻي ناهي هوندو ٻيا سيکڙاٽ ڊاڪٽر مريضن جو علاج ڪن ٿا پر ايئن ناهي مان خود هن اسپتال مان ٽرانسپلانٽ ڪرائي اهو محسوس ڪيو ته هن اسپتال ۾ هن وقت هر ڊاڪٽر اديب رضوي آهي. هن پنهنجا اهڙا جانشين پيدا ڪيا آهن جهڙو پاڻ آهي. اهو سڄو ڪريڊٽ اديب رضوي ڏانهن پيو وڃي اهو به غلط آهي ته هو پاڻ نه ٿو ويهي هو باقائدي نگراني ڪندو آهي هر ڊاڪٽر توڙي عملي تي نظر رکي ٿو. ڪنهن ڊاڪٽر سان ڪنهن مريض جو مسئلو آهي ته بنا ڪنهن چڪ چڪ سڌو اديب رضوي سان رابطو ڪري ٿو جنهن جي سرپرستي ۽ صلاح سان مسئلو حل ٿئي ٿو. ان کان سوائي ان اسپتال جي نئي ديوان فاروق بلڊنگ ۾ باقائدي هڪ نظام آهي ڏسندڙ کي اهو محسوس ٿيندو ته هي واقع هڪ ادارو آهي جيڪو پنهنجي اصول سان ڪم ڪري ٿو. اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرن مٿان اهو لازم ڪيل آهي ته اهو پرائيوٽ پريڪٽس نه ڪندو سچائي ۽ ايمانداري سان صرف هن اداري لاءِ ڪم ڪندو ٻيو ته ڇڏيو اسپتال جو هيٺيون عملو صفائي ڪارڪن کان وٺي چوڪيدار، ڊسپينسر ۽ نرس جي پنهنجي حيثيت آهي هو خلوص سان غريب مريضن جي خدمت ڪري رهيا آهن. مان هڪ صحافي جي حيثيت سان ٻين سرڪاري توڙي پرائيوٽ اسپتالن جو دورو ڪيو آهي پر جيڪو اصول هن اسپتال ۾ ڏٺو ڪٿي نظر ناهي آيو. اسپتال جو اسٽينڊرڊ ڪنهن به ترقي يافتا ملڪ جي اسپتالن کان گهٽ ناهي جديد ٽيڪنالاجي وارين مشينن جو استعمال ٿئي ٿو. ٽرانسپلانٽ ڪرائيندڙ مريض توڙي ڊونر جو هميشه لاءِ انشورنس ڪيو وڃي ٿو. هو پوري زندگي هن ئي اسپتال ۾ مفت چيڪ اَپ ڪرائي مفت دوا وٺي سگهن ٿا. اسپتال ۾ ٽرانسلانٽ کان  سوائي ڊائيلاسس به ٿئي ٿي پيشاب جي مريضن جو علاج به ٿئي ٿو هن اسپتال ۾ روزانو 650 مريضن جو مفت ڊائيلاسس ڪيو وڃي ٿو ان کان سواءِ ڊرگ روڊ تي به هڪ سيٽلائيٽ اسپتال قائم ڪيل آهي جتي اضافي مريضن جو ڊائيلاسس ڪيو وڃي ٿو. هتان جي ڪن ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اسان کي فنڊ وغيره جي ضرورت ناهي ڇو ته اسان جي سچائي خدمت کي ڏسندي ملڪ جا ڪيترائي سرندي وارا اسان کي فنڊ ڏين ٿا صرف اها شڪايت آهي ته اسان وٽ ڪيترائي اهڙا گڙدن جا مريض آهن. جيڪي جواني ۾ آهن پر انهن کي ڪير به پنهنجو عزيز گڙدو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن ڪري هو ڊائيلاسس ڪرائي زندگي جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن. ان لاءِ مريضن جي عزيزن کي گذارش آهي ته اسان وٽ داخل اهڙن 300مريضن جي جان بچائي وڃي ۽ انهن کي نئين زندگي ڏني وڃي ۽ ٻيو حڪومت کي گهرجي ته هوءَ پيوندڪاري واري عمل تي نرمي ڪري ته جيئن ضرورتمندن نوجوانن مريضن جي پيوندڪاري ڪري انهن جي جان بچائي وڃي. ڇو ته جن کي ڪو وارث عزيز گڙدو ڊونيٽ نه ڪري اهي وصيت ڪري وڃن ته ڪنهن حادثاتي موت کان پوءِ پنهنجا عضوا مثال گڙدو، اک، جگر، دل وغيره ڊونيٽ ڪن اهڙو اطلاع گهر ڀاتين کي ڏين ان جو هڪ فارم آهي جيڪو ڀري ڪارڊ حاصل ڪن ۽ اهو پاڻ سان گڏ رکن ان جي اسان کي اسلام به اجازت ڏئي ٿو ۽ ٻيو ته دنيا جي ٻين اسلامي ملڪن ۾ به اهو قانون لاڳو ٿيل آهي پر اسان وٽ هن تي سختي آهي ۽ ان ۾ نرمي ڪئي وڃي. هن سڄي صورتحال کان پوءِ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته جيڪڏهن سڄي ملڪ جون اسپتالون SIUT وانگر انسانيت جي خدمت واري هن مشن کي پنهنجو مقصد بڻائن ته مان يقين سان چوان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو به انسان بيمار نه رهندو ۽ پورو ملڪ ترقي جي راه تي گامزن هوندو. مان خدا تعاليٰ جي حضور مان اهائي دعا گهرندس ته شل خدا ”ڊاڪٽر اديب رضوي“ کي هميشه سلامت رکي جنهن مون جهڙي ڪوجهي ماڻهو جوبه ٽرانسپلانٽ ڪري مون کي نئين زندگي ڏنائين.