|
هڪ غريب پاڪستاني جي ڪهاڻي آفتاب احمد خانزادو مان انهن 6 ڪروڙ پاڪستانين مان هڪ آهيان جيڪي روز بکيا سمهن ٿا، مان هڪ ڪچي آبادي جي انتهائي ڊٺل گهر ۾ رهان ٿو جنهن جا در ۽ ديوارون بس ڪرڻ تي ئي آهن. منهنجا پنج ٻار آهن جن منهنجي غربت جي سبب نه ڪڏهن پيٽ ڀري کير پيتو آهي ۽ نه ئي ماني کاڌي آهي ۽ نه ئي انهن ڪڏهن اسڪول جو منهن ڏٺو آهي. منهنجي زال جيسيتائين مون کي ياد اچي ٿو رڳو پنهنجي شادي جي ڏينهن ئي خوش و خرم هئي ان کانپوءِ مون هن کي ڪڏهن خوش ٿيندي يا کلندي نه ڏٺو آهي. جڏهن به ڏٺو رڳو چڱو مٺو چوندي ۽ پنهنجي مقدر کي پٽيندي ڏٺو آهي. پنهنجي ٻارن کي پيار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي انهن کي گاريون ڏيندي ٻڌو آهي. منهنجي ماءُ اڃا تائين زنده آهي پنهنجي ٻڍائپ ۽ بيمارين جي سبب ڏينهن رات پلنگ تي ليٽي رهي ٿي. مهيني ۾ ڪڏهن ڪڏهن حڪيم کان هن کي دوا وٺي آڻي ڏيندو آهيان. منهنجي هڪ ڀيڻ آهي جنهن جي شادي جي عمر گذري عرصو ٿي چڪو آهي هوءَ هاڻي پاڙي ۽ ٿورن امير گهرن جي عورتن جا ڪپڙا سبندي آهي. منهنجي ماءُ ٻڌائيندي آهي ته مان ڪاريگر آهيان. مان خيراتي اسپتال ۾ پيدا ٿيو هئس ۽ جڏهن پاڪستان بڻيو هو تڏهن منهنجي عمر 2 يا 3 سال جي هئي. منهنجي گهر جي ڪل ميراث 4 ٽٽل کٽون، 3 ٽين جون پيتيون، هڪ تمام پراڻي جهڙي ٽي وي جيڪا منهنجي ڀيڻ هڪ امير عورت کان 700 سؤ رپين ۾ خريد ڪئي هئي. ڪجهه گند جهڙا بسترا ۽ 5 يا 6 ڦاٽل چادرون ۽ صدين جا پراڻا ٿانوءُ آهن. منهنجي ماءُ کٽ تي پئي پئي پنهنجي موت جو انتظار ڪري رهي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ باقي اسين سڀ به هن جي موت جا منتظر آهيون. مان پيدائشي غريب آهيان. اهڙي ريت جهڙي ريت منهنجا ماءُ پيءَ پيدائشي غريب هئا. اسين نسلن کان وٺي غريب آهيون. فقير آهيون. مون کي ذليل ڪرڻ ۽ مهنجي بي عزتي ڪرڻ هر امير ۽ طاقتور انسان پنهنجو فرض سمجهي ٿو. منهنجي نصيب ۾ گاريون، ٺوڪرون، بدنصيبي جا طعنا، ذلت، مصبتون، پريشانيون، فاقا لکجي ويا آهن. مان روز جيئان ٿو ۽ روز مران ٿو. منهنجي زندگي ۾ ڏکن، تڪليفن ۽ غمن کانسواءِ ڪجهه نه آهي. جڏهن مان پنهنجي ٻچن ۽ گهر واري کي ننڍين ننڍين شين ۽ خوشين جي لاءِ سڪندو روئيندو ۽ آهون ڀريندو ڏسندو آهيان ته منهنجو دل چاهيندو آهيان ته پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيا. مان اڪثر ڪري آسمان ڏانهن ڏسي خدا کي فرياد ڪندو آهيان ته آخر مون کان ڪهڙو اهڙو گناهه ٿي ويو آهي، ڪهڙو اهڙو جرم ٿي ويو، ڪهڙي اهڙي خطا ٿي وئي جو تون مون سان ايترو ناراض ٿي ويو آهين. جو سڀ محروميون سڄي بي وسي ۽ بي پهچي تو منهنجي ئي مقدر ۾ لکي ڇڏي آهي. مان ته تنهنجي عبادت به ڪندو آهيان. توهان کان هر وقت توبه جو طلبگار به رهان ٿو. پر پوءِ به منهنجو خوشحالي ۽ خوشين ڏانهن سفر ختم ئي نٿو ٿئي. مان هر روز پنهنجو پاڻ تي ماتم ڪريان ٿو. مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي هي شايد 1967ع جي ڳالهه آهي مان ان وقت هڪ مل ۾ مزدوري ڪندو هئس. جڏهن مان ۽ منهنجا ساٿي ڪم ڪرڻ کانپوءِ گهرن ڏانهن ويندا هئاسين ته روڊن تي ماڻهو مختلف ٽولين ۾ ”ايوب ڪتا هاءِ هاءِ“ جي نعرا لڳائيندا رهندا هئا مان ۽ منهنجا دوست اسين وڏي شوق سان هي سڄو منظر ڏسندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ ئي مون کي منهنجي دوستن جي طرفان معلوم ٿيو ته لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ نئين سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي بڻائي آهي ۽ ان نئين پارٽي ۾ تمام گهڻي تعداد م مزدور، هاري، شاگرد، عورتون ۽ عام ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن ۽ ڀٽو صاحب چوي ٿو ته اٽي لٽي ۽ اجهي تي رڳو اميرن جو نه بلڪه غريبن جو به حق آهي ۽ هن اهو نعرو لڳايو آهي ۽ هي ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي غريبن جي قسمت بدلائي ڇڏيندي. انهن ٻڌايو ته ڀٽو غريبن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هو اسان جهڙن غريبن جو همدرد ۽ دوست آهي. مان ان ڏينهن گهڻو خوش ٿيس مون کي لڳ ته هاڻي منهنجا نصيب بدلجي ويندا ۽ منهنجي دوستن پاڻ ۾ هي فيصلو ڪيو ته اسين سڀ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏينداسين ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا اسان جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هر جاءِ تي پيپلز پارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ته اڄ ڀٽي اهو چيو آهي اڄ ڀٽو هتي جلسو ڪيو آهي. فلاڻو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ پوءِ 1971ع ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. مان منهنجي زال ۽ ڀاڻ صبح صبح جو پولنگ اسٽيشن تي پهچي وياسين ۽ جڏهن تلوار تي ٺپو لڳائي ڇڏيو ته اسان کي هن ڳالهه تي يقين هو ته پيپلز پارٽي کٽندي ۽ پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان کٽي ويئي. پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي ويئي ۽ ڀٽو صاحب جيڪي مون سان ۽ عام سان واعدا ڪيا هئا اهي هڪ ٻئي پويان سچ ٿيڻ شروع ٿي ويا. منهنجي پگهار وڌي ويئي، مل مالڪان جو رويو حيرت انگيز طور بدلجي ويو، ملڪ ۾ پيسي جي ريل پيل ٿي ويئي ۽ منهنجو به ننڍا ننڍا ڪم آرام سان بغير سفارش ۽ ڌڪا کائڻ بنا ٿيڻ لڳا ۽ منهنجي گهروارن جي زندگي سڪون سان گذرڻ لڳي ۽ پوءِ 4 جولائي 1977ع جو صبح مان سمهي اٿيس ته مون کي معلوم ٿيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ڪئي ويئي آهي ۽ جنرل ضياءَ اقتدار تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هي خبر ٻڌي مون کي ايئن لڳو ته منهنجي مٿي تان ڪنهن ڇت کسي ورتي آهي. مون کي چڪر اچي ويو در ۽ ديوارون منهنجي اڳيان ڦرڻ لڳا. منهنجي دل ويهي رهي ۽ منهنجي اکين مان بنا روڪ لڙڪ وهڻ لڳا ۽ مون کي ٻيهر لڳا ته مان اڄ وري يتيم ٿي ويو آهيان. منهنجو والي وارث مونکان کسيو ويو آهي ۽ جڏهن 4 اپريل 1979ع تي ڦاسي ڏني وئي ته مان ۽ منهنجا گهر وارا ڪيترائي ڏينهن سمهي نه سگهياسين. ان کانپوءِ جڏهن کليو کلايو پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي پٺين تي ڦٽڪا هنيا ويندا هئا اهو منظر ڏسي ڪري تڪيلف ۽ درد منهنجي پٺي ۾ ٿيندو هو ۽ مان جڏهن ٻڌندو هئس ته اڄ هڪ ٻئي ڀٽو جي شيدائي ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن کي ڦاهي ڏني وئي آهي ته ان وقت مون کي ائين لڳندو هو ته منهنجو ساهه بند ٿي ويو آهي ۽ مان زور زور سان ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. ذوالفقار علي ڀٽو سميت پيپلز پارٽي جي ڪارڪن جو قصور ۽ جرم رڳو ايترو ئي هو ته اهي سڀ منهنجي ملڪ جي ڪروڙين غريبن جا نصيب بدلائڻ چاهيندا هئا. اهي سڀ اسان جي زندگي مان سڀ تڪليفون، ڏک سور ۽ محروميون ختم ڪرڻ چاهيندا هئا. اهي سڀ ملڪ جي غريب کي خوشحال ڪرڻ چاهيندا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ جي ڪافي سالن کان پوءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي ته مون کي سالن کانپوءِ سک جو ساهه کڻڻ نصيب ٿيو فقط ڏيڍ سال کانپوءِ منهنجي زندگي ۾ ٻيهر اونداهي ڇائنجي ويئي. ان کانپوءِ 3 سالن تائين مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر سڪون مليو پر ان کانپوءِ 7 سالن تائين مان تڙپندو روئندو ۽ آهون ڀريندو رهيس. هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت ٻيهر آئي ته ملڪ جي غريبن جا دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف ٿي ويا آهن. مان اها ڳالهه چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته ملڪ جا ڪجهه لٽيرا ۽ سازشي عنصر ان لاءِ پيپلز پارٽي ۽ صدر آصف علي زرداري جي حڪومت جا دشمن بڻيل آهن. ڇاڪاڻ ته اهي نٿا چاهين ته غريبن جي زندگي ۾ خوشحالي اچي. انهن جون محروميون ختم ٿيڻ بلڪه اهي چاهين ٿا ته مان غلام بڻجي رهان. روز تڙپندو ۽ روئندو رهان پر هن وقت مون هي عهد ڪيو آهي ته مان حياتي قربان ڪندس پر پنهنجي غريبن جي همدرد حڪومت ختم ٿيڻ نه ڏيندس. |