|
ميرپورخاص پريس ڪلب کي 40 سال ٿي ويا، صحافي ڪالوني نه ٺهي سگهي شير محمد ملڪاڻي سنڌ جي چوٿين وڏي شهر ميرپورخاص ۾ پريس ڪلب کي قائم ٿئي 40 سال پورا ٿي چڪا آهن پر انهن 40 سالن جي ڊگهي عرصي گذرڻ ۽ صحافين جي ڀرپور جدوجهد باوجود ميرپورخاص ۾ صحافي ڪالوني قائم نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري ميرپورخاص جا صحافي رهائشي مشڪلاتن ۾ مبتلا آهن. پس منظر 1971ع ۾ ملڪ ۾ يحيٰ خان جي مارشلا دور جي خاتمي کانپوءِ 20 ڊسمبر 1971ع تي آڌي رات جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سنڀاليو، 71ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ان وقت جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪافي ايراضي تي ڀارت قبضو ڪري ورتو هو. سنڌ ۾ ممتاز علي ڀٽو کي گورنر سنڌ بڻايو ويو. جيڪو ٿرپارڪر ضلعي جي دوري تي ميرپورخاص آيل هو. هڪ ڏينهن صبح جو ممتاز علي ڀٽو سان ميرپورخاص جي ان وقت جي صحافين مرحوم رمضان منهاس، مرحوم دوست علي ڀٽي، مرحوم سيد غلام رسول شاهه ۽ مرحوم حاجي محمود هالائي نيو ٽائون ۾ سيد خادم علي شاهه جي رهائش گاهه تي ملاقات ڪري ميرپورخاص ۾ پريس ڪلب لاءِ جاءِ ڏيڻ جي گهر ڪئي، جنهن تي گورنر سنڌ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته بلديه ۾ موجود پريس ڪلب واري جاءِ صحافين کي الاٽ ڪئي وڃي ۽ صحافين کي ٽي وي خريد ڪرڻ لاءِ هڪ هزار روپيا به ڏي، جنهن تي عمدرآمد ٿيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ميرپورخاص پريس ڪلب قائم ڪيو ويو. جنهن جو باقاعده افتتاح ان وقت جي قومي اسيمبلي جي ميمبر پير غلام رسول شاهه جيلاني ڪيو. وقت سان گڏ پريس ڪلب ترقي ڪندي اڄ شاندار ۽ خوبصورت عمارت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ميرپورخاص پريس ڪلب جي عمارت پهرين ننڍي هئي جنهن کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ توسيع ڏني وئي، ان وقت جي وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه پريس ڪلب جي عهديدارن محترمه دوست علي ڀٽي جي ڪوشش ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ شاهجهان ايس ڪريم جي سفارش تي پريس ڪلب جي توسيع لاءِ 12 لک رپيا گرانٽ ڏني. ان وقت پريس ڪلب جي هيٺين منزل ۾ هڪ هال، ٻه ڪمرا تعمير ڪيا ويا، عمارت جي تعمير ۾ ٿر جو قيمتي پٿر به لڳايو ويو. هال ۽ آءِ ٽي سينٽر جو قيام سال 2009/10ع ۾ صدر پريس ڪلب محمود سلطان چانڊيو رات ڏينهن محنت ڪري ميرپورخاص پريس ڪلب جي عمارت مٿان هڪ وڏو هال، ٻه ڪمرا ۽ آءِ ٽي سينٽر جي قيام لاءِ منصوبو جوڙيو، هن ان مقصد لاءِ پريس ڪلب لاءِ ڪميونٽي بورڊ ٺاهي ضلعي حڪومت ميرپورخاص کان 50 لک رپيا منظور ڪرايا، تعميراتي ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو هو ته 5 ڊسمبر 2010 آچر ڏينهن نامعلوم هٿياربندن مرحوم محمود سلطان چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، بعد ۾ پريس ڪلب جي نئين باڊي جو اجلاس صدر راشد سليم جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پريس ڪلب جي رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ابوبڪر رند کي چيئرمين سي سي بي چونڊيو ويو. جنهن جي ڪوششن سان ڪم پورو ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح جنوري 2012ع ۾ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ميمڻ ڪيو. ميرپورخاص پريس ڪلب جي عمارت جو شمار شهر جي خوبصورت عمارتن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي 40 سالن جي شاندار تاريخ آهي ۽ سينئر ساٿين جون ڪوششون شامل آهن. ميرپورخاص پريس ڪلب جيڪو 1972ع ۾ قائم ٿيو هو، جنهن کي 40 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر افسوس آهي ته ايڏو وڏو عرصو گذري وڃڻ ۽ ڪوششن جي باوجود ميرپورخاص ۾ صحافي ڪالوني لاءِ صحافين کي پلاٽ نه ملي سگهيا آهن،جنهن ڪري ڪيترائي سينئر صحافي سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا آهن ۽ ڪيترا مسواڙ جي جاين ۾ رهن ٿا. ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر راشد سليم ۽ سيڪريٽري جنرل محمد صالح اوٺي ٻڌايو ته موجوده چونڊيل باڊي ميرپورخاص ۾ صحافي ڪالوني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ضلعي حڪومت طرفان صحافي ڪالوني جي پلاٽ لاءِ 3 جاين جي نشان دهي ڪئي آهي، وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته انشاءُ الله ٻن ٽن مهينن اندر صحافين کي پلاٽ ملي ويندا. ميرپورخاص ۽ سنڌ جي صحافين سنڌ حڪومت جي وزارت اطلاعات جي ڪارڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته موجوده سنڌ حڪومت وٽ ڪو به اهڙو ميمبر ناهي جنهن کي وزيراطلاعات مقرر ڪري سگهي، جيئن هو سنڌ جا دورا ڪري صحافين جا مسئلا حل ڪري سگهي، 4 سالن جو ڊگهو عرصو گذاري ويو آهي پر ڪنهن به وزير اطلاعات ميرپورخاص شهر يا پريس ڪلب جو دورو ناهي ڪيو، موجوده حڪومت جو باقي هڪ سال رهيو آهي. جيڪڏهن صحافين جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي مخالفن سان گڏ صحافين جي مخالفت کي به منهن ڏيڻو پوندو. محترمه شازيه مري کي ڪراچي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ وقت ناهي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جو رويو به محترمه شازيه مري ٻيو دفعو وزيراطلاع ٿي آهي ته هن ميرپورخاص جو دورو ناهي ڪيو، ساڳيو حال ٻين وزيرن جو آهي، جن به هاڻ دورا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن. حڪومت سنڌ کي گهرجي ته هو صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪري صحافين جا وڏا مسئلا ناهن، صحافين جا مسئلا ننڍا آهن، جنهن ۾ بيمار صحافين جو علاج پريس ڪلب جي گرانٽ يا صحافي ڪالوني وغيره.اميد ته موجوده حڪومت پنهنجي دور ۾ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ وزارت اطلاعات کي متحرڪ ڪندي. اطلاعات کاتي جي آفيس تي ڌيان نه ڏيو ميرپورخاص ۾ سنڌ اطلاعات کاتي جي ڊويزنل آفيس قائم آهي، جنهن ۾رڪارڊ تي ته سليم قريشي ڊائريڪٽر اطلاعات مقرر ٿيل آهي پر 4 مهينن ۾ موصوف ٻه يا 3 دفعا صرف پگهار کڻڻ لاءِ آيو آهي، هن ڪڏهن به پريس ڪلب جو دورو نه ڪيو آهي نه ئي صحافين کي آفيس ۾ گهرائي انهن جا مسئلا معلوم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي، ڊائريڪٽر اطلاعات جي عدم موجودگي ۾ اطلاعات کاتي جو عملو به پريشان آهي، آفيس جا مسئلا به حل طلب آهن پر صوبائي سطح تي هن طرف به ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. سرڪاري ملازم ميمبر ناهن ميرپورخاص پريس ڪلب سنڌ جو اهو واحد پريس ڪلب آهي، جنهن جي ميمبرن ۾ ڪو به سرڪاري ملازم، ماستر، ڪلارڪ، اسسٽنٽ وغيره ناهي. جمهوري ماحول ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ جمهوريت رائج آهي، هر سال 7 ڊسمبر ۾ پريس ڪلب جون چونڊون ٿين ٿيون، جنهن ۾ پريس ڪلب جا ميمبر پنهنجي مرضي سان پنهنجي پسند جي اميدوارن کي ووٽ ڏين ٿا. سال 2012ع ۾ ميرپورخاص پريس ڪلب جون چونڊون ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري جان علي جوڻيجو، وڪيل احمد سعيد قائمخاني ۽ وڪيل شوڪت راهمون جي صدارت ۾ ٿيون، جنهن ۾ اڪثريت راءِ سان صدر ارشاد سليم، نائب صدر عاشق حسين ميمڻ، جنرل سيڪريٽري محمد صالح اوٺو، جوائنٽ سيڪريٽري واحد پهلواني، پريس سيڪريٽري آفتاب قادري ۽ خزانچي شوڪت علي پنهور چونڊيا ويا. |