حضرت حيدر شاهه جو ميلو

علي احمد درس


                لاڙ جي مشهور بزرگ اولياءَ حضرت حيدر شاهه بخاري جي ساليانو ميلو ٽنڊو محمد خان لڳ لاکاٽ ۾ ٿي گذريو، جڏهن ته ميلي جي آخري رسمن ۾ ايم پي اي محمد نواز چانڊيو خصوصي طور شرڪت ڪري ميلي کي رونق بخشي، جڏهن ته ميلي ۾ سردي سبب گادي نشين علي رضا شاهه  پاران لنگر سميت جوڳا انتظام ڪيا ويا هئا. جڏهن ته ميلي ۾ مچ ڪچهرين سان گڏ عوام جي تفريح لاءِ ايراني لڪي سرڪس جهولا ميجڪ شو موت جو کوهه کان علاوه ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور فنڪارن ثريا سومرو، ثنا سومرو، جاني بلاولي ۽ٻين پنهنجي فون جو مظاهرو ڪري خوب انعام حاصل ڪيو. جڏهن ته ميلي ۾ سندس جي مشهور گهوڙن جي ڊوڙ جا بين الصوبائي دلچسپ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ هڪ سئوکان وڌيڪ گهوڙن شرڪت ڪئي. جڏهن ته گهوڙن جي ڊوڙ دوران مقابلي ۾ اڳوڻي ايم اين اي بشير احمد هاليپوٽو جي جهاز گهوڙي حاجي جاويد جهيجو جي دلربا، بشير احمد پنهور جي لال پري، سيد نبي شاهه حسيني جي بالم، گل محمد ٿيٻو جي بادشاهه ڪرم علي لاشاري جي يار جاني، ڏاڏا محمد هاليپوٽو جي جاني من محمد جمن جي شير سنڌ پوزيشنون ماڻي شائقين ۾ ٽاڪوڙ مچائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ مان آيل سوين ڀلوڙ ڍڳن جا پٽ ڊوڙ جا زبردست مقابلا ٿيا، جنهن ۾ سيد علي قطب شاهه جي چڪو ڍڳي محمد حسن جي مور الهه ورايو عاقلاڻي جي پکي، شمن زئور جي سڄڻ، سچي ڏنو رند جي يار بادشاهه، شمن زنئور جي ڍڳي پڻ ڪاميابيون ماڻي شائقين ۾ تاڙيون ۽ سيٽيون وڄرائي ڇڏيون، جڏهن ته ميلي ۾ سنڌ جي ثقافت ملهه راند جا پڻ وڏا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ مختلف ضلعن مان آيل ملهه پهلوانن حصو ورتو ۽ پنهنجي طاقت جا جوهر ڏيکاريا. جڏهن ته ملاکڙي ۾ پهرين جوڙ جي نالي وارن پهلوانن علي نواز پنهون، غلام محمد نارو، مراد مڱڻهار، خير محمد ڀٽي، ستار شيدي، نور محمد پنجابي، الهه ڏنو پنهور، هوشو شيدي، جاني ملاح پنهنجن حريفن کي ملهون ماري خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيا. ٻئي طرف ميلي ۾ درگاهه جي گادي نشين پير علي رضا شاهه جيلاني پاران امن امان جي سلسلي ۾ جوڳا انتظام ڪيا ويا هئا. ڪو به نا خوشگوار واقعو پيش نه آيو.