|
گولاڙچي جي تباهي رپورٽ: عبدالقيوم ميمڻ امير شاهه سم نالي کي ولهار وٽان لڳل گهاري ڳوٺ ولهار، ميران پٽيل، ڳوٺ عيدو سميجو، ڳوٺ حسين، ڳوٺ مٺو، ڳوٺ آسيلي سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي جتي هزارين ماڻهن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ هزارين ايڪڙن تي سارين، ڦٽين، ڪمند ۽ ٻين فصل کي ٻوڙي ڇڏيو، متان رهيل ڪسر امير شاهه سم نالي ۾ ڇوڙ ڪندڙ ڌاڌرڪو سم نالي کي ڪجهه ڏينهن پهرين لڳل گهاري پوري ڪئي جنهن تعلقي گولاڙچي جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙڻ کانپوءِ لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري روڊ رستن تي آڻي ڇڏيو آهي، اتي سوين ڪچن گهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي چڪا آهن، ڪيترن ئي گهرن ۾ اڃا به 4 کان 6 فٽ پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ڌاڌرڪو سم نالي کي گهارو لڳو ته نه انتظاميا پهتي ته آبپاشي عملدارن جيڪڏهن گهارو بند نه ڪيو ويو ته بدين – ڪراچي هاءِ وي کي پاڻي ٻوڙي ڇڏيندو ۽ پاڻي ڏکڻ طرف وڌي رهيو آهي، ڌاڌرڪو سم نالي وارو گهارو دٻي شاخ کان وٺي امير شاهه سم نالي اتر طرف ايترو ته پاڻي آهي ڄڻ ته ڪو دريا هجي هن گهاري ايتري ته تباهي آندي آهي جنهن جو 50 سالن جي تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو نه ئي انسان جي ذهن ۾ اها ڳالهه هئي ته ڪڏهن ڪو ايترو پاڻي ٿيندو، ڌاڌرڪو واري گهاري کي ڳوٺ آسيلي، ڳوٺ پٽيل، ڳوٺ محب ڏاهري،ڳوٺ صفدر چانڊيو، ڳوٺ يوسف زيندپور، ڳوٺ بادل چانڊيو، ڳوٺ علي محمد ترڪ، ڳوٺ حيدر شاهه، ڳوٺ علي حسن نهڙيو، چڪ نمبر 13،14 سميت 200 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اتي اسڪول، پڪي عمارتن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهاري ڇڏيو آهي ۽ ڳوٺ درياهه جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ڌاڌرڪي واري گهاري جتي 200 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، ڳوٺن ۾ رهواسين کي بي گهر ڪري روڊ رستن تي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هزارين جي تعداد ۾ خاندان بدين – ڪراچي روڊ جي ٻنهي پاسي تي پنهنجا عارضي اجها ٺاهي انهي آسري ۾ ويٺل آهن ته شايد عملدارن کي ڪو هنن تي رحم اچي پر هتي متاثرين تي رحم ڪرڻ بجاءِ ڪنهن کي اها ڳالهه به ياد نه ٿي اچي ته شايد هي برسات جا ستايل آهن، ڌاڌرڪي واري گهاري جون تباهيون اڃا به جاري آهن، جڏهن ته گهاري جو پاڻي 13 ميل بس اسٽاپ تي ڪراچي- بدين روڊ تي مسلسل چاڙهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن پاران وڌيڪ ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ امير شاهه سم نالي کي 8 فٽ ڪٽ ڏئي پاڻي جو ڇوڙ سم نالي ۾ ڪيو ويو پر ڪٽ آخرڪار غلط ثابت ٿيو ۽ پاڻي ڪراچي بدين روڊ تي چڙهي ويو آهي ۽ وڌيڪ ڳوٺن ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته تعلقي گولاڙچي جي مختلف شاخن کي لڳل گهارا بند نه ٿي سگهيا آهن ۽ آبپاشي عملو گم آهي، جيڪو اڳ ۾ ته ايندو ئي نه آهي، پر هن وقت به نه آيو آهي، ڌاڌرڪو سم نالي واري گهاري 2 لک ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ انهي کي بي گهر ڪري بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو، انهي سان گڏو گڏ اربن رپين جي فصل کي به نقصان پهتو آهي، ڄڻ ته 1999ع ۾ آيل لاڙ ۾ سامونڊي طوفان ۽ 2003ع ۾ آيل ٻوڏ به ايترو نقصان نه ڪيو هو جيڪو هنن گهارن 250 ڳوٺن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. |