سنڌ ۾ برسات رحمت يا زحمت، حڪومتي ڪاوشون ۽ امدادي  قدم

حزب الله ميمڻ


                سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سانوڻي جي برساتن هر طرف پنهنجو رنگ ڏيکاريو، آگسٽ جي مهيني ۾ اسلامي مهيني رمضان المبارڪ ۾ شروع ٿيل اها رحمت عوام مٿان زحمت بڻجي آئي يا خوشحالي، انهي جو فيصلو مقامي ماڻهو ئي ڪري سگهندا، برسات جتي پهرين وهڪري ۾ ٿر جي بيابان ۾ رڻ واري علائقي ۾ رڪارڊ ٽوڙيو ته هتان جي عوام جي چهرن تي مرڪون ۽ سرهائي اچي ويئي، تنهن هوندي به هيٺين سطح جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جن نقصان ته ضرور ڪيو پر ٿري عوام خوشيون ملهايون ۽ صوبي جي ٻين علائقن مان عوام وڏي تعداد ۾ ٿر اچي وسڪاري جو مزو ماڻيو ۽ سرسبز هريالي جو نظارو پنهنجن اکين سان ڏٺو، ٻئي وسڪاري تي ٿر ۾ به نقصان ته نه ڪيو پر آس پاس جي علائقن بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪافي حد تائين زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، سانوڻي جي هن برساتن سبب  اڄ ڏينهن تائين سرڪاري غير سرڪاري انگن اکرن مطابق  80 لک کان به وڌيڪ عوام برساتن سبب لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيو آهي، اڳي وانگر ٺٽي ۽ سامونڊي پٽي جي عوام کي بدين  ضلعي وارن پناهه ۾ رکيو ته هينئر وري بدين ضلعي جي متاثرين کي ٺٽي ضلعي جي عوام پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏني، اهڙي طرح ڄامشورو ضلعي ۾ به ٻين علائقن جي متاثرين اچي محفوظ جاين هنڌن تي پناهه حاصل ڪئي، جن جو تعداد ٿورو سگهي پر ضلعي انتظاميا انهن جي مناسب طور تي پر گهور لهي رهي آهي ۽ کين وس اهر حڪومتي مدد ۽ پنهنجي پاران امداد ۽ ضروري راشن جو به بندوبست ڪري رهي آهي، هن وقت به 43 کان وڌيڪ ريليف ڪئمپن ۾ 4758 متاثرين کي رهايو ويو آهي جڏهن ته ضلعي جا 614 ڳوٺ ۽ آباديون متاثر پڻ ٿيون آهن، اهڙي صورتحال تقريبن سنڌ جي هر متاثر ٿيل ضلعي جي آهي، ضلعي انتظاميا پنهنجي وسيلن ۽ ٽيمن جي مدد سان متاثرين جي پر گهور لهي رهي آهي، وفاقي ڊزاسٽر مينجمينٽ ۽ صوبائي حڪومت ماتحت صوبائي ڊزاسسٽر مينجمينٽ اٿارٽي، فلڊ ريليف ڪمشنر پڻ متاثر ٿيل ضلعن ۾ امدادي سامان گهربل تعداد ۾ موڪلي رهيا آهن، امدادي ڪم جاري ۽ ساري آهن، صدر پاڪستان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پنهنجو آمريڪي دورو سنڌ جي صورتحال جي پيش نظر ملتوي ڪري سنڌ جي مختلف متاثر ٿيل ضلعن جو ذاتي طور جائزو ورتو ۽ اڳتي وڌي هڪ قدم طور مرڪزي ڪنٽرول روم ۽ ميڊيا سينيٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جئين عالمي سطح تي انگ اکر پيش ڪري مدد حاصل ڪئي وڃي ۽ ميڊيا کي  مڪمل ڄاڻ ڏجي ته جيئن اهي صحيح انگ اکر پيش ڪري عوام تائين آگاهي، رسائين ۽ مدد وارا عالمي توڙي ملڪي سطح تي مناسب پر گهور لهي متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۽ حڪومت جو ساٿ ڏيئي سگهن، انهي سلسلي ۾ صدر پاڪستان جي سطح تي ميڊيا ڪوآرڊينيشن سيل قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي چئن ڊويزن لاڙڪاڻي، سکر، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي ميڊيا، پريس ۽ ذرائع ابلاغ جي نمائندن ملڪي توڙي عالمي ميڊيا جي نمائندن کي وقتائتي ڄاڻ ۽ معلومات فراهم ڪري سگهندا.

موجوده عوامي حڪومت اهڙن بحرانن واري صورتحال چاهي زلزلو هجي، سيلاب يا ٻوڏ جي يا وري هاڻوڪي سانوڻي جي برساتون هجن عوامي هئڻ جي ناتي ڏک سک ۾ گڏ رهڻ جو عزم ورجائيندي ٻوڏ واري صورتحال وانگر عوامي نمائندن ذريعي برسات متاثرين جي واهر لاءِ چونڊيل نمائندن کان علاوه اعليٰ بيورو ڪريسي کي به ريليف جي ڪم جي نگراني لاءِ مامور ڪيو آهي ۽ هر هڪ متاثر ضلعي ۽ تعلقي ۾ مقرر ڪيو آهي، جيڪي پنهنجن پنهنجن تجربن جي بنياد تي متاثر ٿيل ضلعي يا علائقي جي صورتحال کي ڏسي رهيا آهن، هاڻي برساتون ته ختم ٿي ويون آهن پر سهائتا ۽ رليف جو ڪم اڃا هلي رهيو آهي، جتي جتي ڪا ڪمي، شڪايت يا کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، عوام کي جيترو به رليف ملي گهٽ آهي، انساني وسيلن ۽ صلاحيتن موجب ئي مدد ڪري سگهجي ٿي، موجوده حڪومت کي ڪيئي چئلينج در پيش آهن، اندروني توڙي ٻاهرين صورتحال تڪليف واري آهي، دهشتگردي خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۽ اندروني سطح تي  امن امان قائم رکڻ به اهم ذميواري ۽ جوابداري آهي، حڪومت وس آهر، محدود وسيلن ۽ حڪمت عملي تحت انهن محاذن تي پنهنجو هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر انهي سان گڏو گڏ مصيبت جي گهڙي ۾ ڦاٿل پنهنجي عوام کي به اڪيلو نه ڇڏيو آهي، وزيراعظم پاڪستان پنهنجي سنڌ جي دوري دوران وفاقي حڪومت جي ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏ سنڌ جي چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ متاثرين جي دلجوئي ڪن ۽ انهن سان گڏ گذارين، ساٿ نڀائين جيستائين اهي پنهنجن اصل ماڳن تي نٿا وڃي سگهن، تيستائين سندن ڀرپور پر گهور لهن ۽ ريليف جو ڪم نگراني ۾ ڪن جنهن کان پوءِ ويتر عوامي نمائندن پڻ عمل ڪندي اڃا به تيزي سان رليف جي ڪم کي اڳتي ڪري متاثرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ تائين ڪم جي نگراني ڪري رهيا آهن ۽ رليف کي ايمانداري سان متاثرين تائين پهچائڻ واري ڪم ۾ پڻ رڌل آهن، انهي ڪم ۾ شڪايتون به آهن ته متاثرين کي رليف برابر نٿو ملي، کين مشڪلاتون پيش اچن پيون، انهي لاءِ خصوصي قدم کڻندي ضلعي سطح تي، تعلقي سطح تي پڻ ذميواري ڏيندي شفاف طريقي سان ڪم سر انجام ڏنو پيو وڃي ۽ متاثرين جون شڪايتون حل ڪري کين ترجيحي بنيادن تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ  قدم کنيا پيا وڃن، متاثرين جي اميدن کي جيئارڻ لاءِ صدر پاڪستان آصف علي زرداري  پاڻ نوابشاهه جو دورو ڪري عوام کي همٿايو ۽ سندن سان ساٿ جو سهڪار وڌايو، سماجي توڙي ادبي حلقن انهي قدم کي عوام جي تڪليفن جو، ڏکن، اهنجن جو اونو آهي، سندن تڪليفون نٿيون ڏسي سگهجن، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيئي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن آئنده اهڙيون تڪليفن جون گهڙيون مصيبت يا آفت نازل نه ٿي جيڪڏهن ٿئي به ته اڳواٽ جوڳا قدم ۽ اپاءُ وٺجن ته گهٽ کان گهٽ مصيبت جون گهڙيون سامهون ٿي سگهن، ٻنهي هڏ ڏوکي سربراهن رليف جو ڪم پنهنجي نگراني ۾ کڻي عوام جي تڪليف تي مرهم رکيو آهي ۽ سندن دلجوئي ڪري پنهنجي حڪمراني جو حق ادا ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي.

وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه پڻ پنهنجي تجربي ۽ قابليت جي پيش نظر مثبت قدم کڻندي آئنده علائقن جو دورو ڪري صورتحال معلوم ڪئي ۽ تيز برساتن به پڻ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين رليف جي نگراني لاءِ ايندڙ نمائندن سان پڻ اجلاس  منعقد ڪري برسات جي نقصانن بابت حقيقت تي ٻڌل انگ اکر پيش ڪيا ۽ متاثر ٿيل ضلعن کي آفت زده قرار ڏيئي ٽيڪس معاف ڪيو ۽ مصيبت جي هن ڏکي گهڙي ۾ پنهنجي قيادت جو اعليٰ مظاهرو پڻ ڪيو ۽ سنڌ جو ڪيس لڙي رهيو آهي ۽ عالمي نمائندن کي پڻ صحيح ڄاڻ ڏيئي سنڌ جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهي رهيا آهن، سندن هدايتن جي روشني هيٺ صوبائي وزير ۽  ايم پي ايز پڻ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ برسات متاثرين جي واهر ڪرڻ ۾پڻ مصروف آهن.  ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته حڪومت سان گڏو گڏ معاشري جي هر هڪ فرد کي پنهنجو ڏک ۽ درد سمجهي هن مصيبت جي گهڙي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومتي وس آهر وسيلن موجب متاثرين جي سهائتا لاءِ 40 ڪروڙ ڊالرن کان به وڌيڪ رقم مدد لاءِ گهربل آهي اڃا ٻوڏ وارو نقصان ۽ بحالي پروگرام پورو نه ٿيو آهي، 80 لک کان وڌيڪ برسات متاثرين جي بحالي لاءِ هر هڪ فرد کي اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ۽ اشد ضرورت آهي.