تباهه ٿيل ضلعو شهيد بينظير آباد ۽ مقامي قيادت جي بي حسي....!

 مشرف علي ڀٽي


                سنڌ ۾ آيل تازين خطرناڪ برساتن جتي سموري سنڌ جي اقتصاديات ۽ زراعت کي تاريخي هاڃيو رسايو آهي، ساڳئي وقت صدر پاڪستان آصف علي زرداري جو اباڻو ضلعو شهيد بينظير آباد پڻ برسات سبب مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي، سنڌ  جي سينٽر ۾ واقع هي ضلعو زراعت جي حوالي سان هڪ خوشحال ضلعو ليکيو ويندو آهي، انهي ضلعي جا برسات کانپوءِ وارا منظر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ضلعي جي چئني تعلقن نوابشاهه، دوڙ، سڪرنڊ ۽ قاضي احمد ۾ شامل 51 يونين ڪائونسلز ۽ انهن يوسيز ۾ ايندڙ هزارين ڳوٺ تباهه ڪن برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، برسات جي تباهه ڪارين ۽ ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ کانپوءِ فوري طور صدر آصف علي زرداري هنگامي بنيادن تي پنهنجي اباڻي ضلعي جي دوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ خصوصي پرواز ذريعي نوابشاهه پهتو جتي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ۽ چونڊيل نمائندن سندس آجيان ڪئي صدر صاحب پنهنجي شهر جي تباهي ڏسي ڏکارو ٿي ويو ۽ هن بنا دير سڀ کان پهرين سموري ضلعي جو تفصيلي فضائي معائنو ڪيو ۽ پنهنجي محبوب ضلعي جي ماروئڙن جا ڪچا ۽ ڪکاوان گهر مڪمل طور تي ڊٺل ۽ پاڻي جي گهيري ۾ ڏسي سندس اکيون آليون ٿي ويون نه صرف ايترو پر پنهنجي شهر نوابشاهه ۾ مصيبت ۾ گهيريل ماڻهن جي تڪليف ۽ پيڙاهه ڏسي کائنس رهيو نه ٿيو ۽ هن  جي اکين آڏو عوام جي هر دل عزيز ليڊرن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو  جي بيباڪ ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ روپ نروار ٿي پيا ۽ هن سمورو سرڪاري پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي رسڪ هڪڙي پاسي رکي نوابشاهه جي ٻڏل روڊن ۽ رستن جو شلوار جا ور کڻي پيرين پنڌ دورو ڪيو ۽ ڏتڙيل ۽ تڪليف ۾ مبتلا شهر واسين سان ڀاڪر پائي کين آٿت ڏنا ۽ ساڻن هر حال ۾ گڏ هئڻ جو ويساهه ڏيارو ان کان اڳ ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن صدر کي ضلعي جي برسات کان پوءِ مجموعي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني انهي موقعي تي صدر آصف علي زرداري ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي بار بار اها هدايت ڪئي ته هي ضلعو منهنجي خوابن جي تعبير آهي، هتان جي عوام مون کي هميشه بي  انتها محبت ۽ پيار ڏنو آهي انهي ڪري اوهان سڀني جي اهم بنيادي ۽ انساني فرض بڻجي ٿو ته اوهان هن وقت تڪليف ۾ مبتلا هن ضلعي جي عوام جي وڌ کان وڌ امداد ڪيو ۽ اهي علائقا جيڪي حد کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ۽ جيڪي ماڻهو برسات جي  پاڻي ۾ ڦاٿل آهن انهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ ۽ سندن مستقل کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، ابتدائي طور تي صدر آصف علي زرداري  ضلعي جي بي گهر بڻيل عوام لاءِ 36 هزار خيما ڏيڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ڪجهه مخالفن ۽ حاسدن جي اها تنقيد بي معنيٰ ۽ اجائي آهي ته صدر پاڪستان کي ضلعي جي دوري دوران برسات متاثرين جي بحالي لاءِ ڪنهن وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها پر احمقن جي جنت ۾ رهندڙ اهڙن بي شعور ماڻهن کان پڇيو وڃي ته ڇا ڪنهن جو پنهنجو گهر جڏهن مصيبت يا آفت جي ور  چڙهندو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ اهو فرد پنهنجي گهرڀاتين جي ڏکن ۽ تڪليفن کان ڌار هوندو آهي؟ ۽ اهڙي صورت حال ۾ جڏهن گهر ڀاتي تڪليف ۾ مبتلا هجن تڏهن انهن جي داد رسي لاءِ ڪو باشعور ماڻهو دهل کڻي جڳ وارن کي اعلان ڪري ڪجهه ٻڌائيندو آهي؟ اهڙي امتحاني گهڙي ۾ گهر جو سربراهه هر  اهو قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائيندو آهي جنهن سان سندس گهر ۽ ڪٽنب جو تحفظ يقيني ٿي سگهي ۽ صدر آصف علي زرداري پڻ سنڌ تي آيل هن آفت واري صورتحال ۾ سموري سنڌ سميت پنهنجي اباڻي ضلعي شهيد بينظير آباد جي 13 لکن کان وڌيڪ برسات متاثر ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي تڪليف ۽ پريشاني کان ڪئين ٿو بي خبر رهي سگهي؟ نوابشاهه شهر جا اهي روڊ ۽ رستا جن تي هلندي هن زندگي جي ڪي بهارون گذاريون اڄ انهي شهر جو خزان وارو موسم هن  کي ڪٿي چين ۽ آرام سان ويهڻ ڏئي سگهي ٿو...؟ جڏهن کان وٺي ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ تباهي آڻيندڙ برسات پئي آهي تڏهن کان هتان جي هر دل عزيز شخصيت اڳوڻي ضلعي ناظم ايم اين اي فريال ٽالپر مستقل طور تي نوابشاهه ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ هن پڻ ڪا به گهڙي يا پهر پاڻ کي ضلعي جي پريشان حال عوام کان ڌار نه ڪيو آهي، مختلف اسڪولن ۾ ويٺل برسات متاثرين کان وٺي انتظاميا طرفان متاثرين جي ساهتا لاءِ ۽ ورتل اپائن جو حق پاڻ ذاتي طور تي هر  شيءِ جي مانيٽرنگ ڪئي آهي ۽ انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن کي سختي سان تاڪيد ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پر آسائش زندگي کي ڇڏي انهن  بي گهر ۽ دربدر ٿيل عوام جي ڏکن جي داد رسي ڪن جن جو خدا کانپوءِ اهي ئي سهارو آهن هتي اها ڳالهه به قابل غور آهي ته ڪجهه چونڊيل نمائندا وٽن ايندڙ برسات متاثرين کي اهو چيئي مايوس موٽائي ڇڏين  ٿا ته سندن هٿ وسن ۾ ڪجهه به ناهي جڏهن ته حقيقت انهي جي ابتڙ آهي، هن صورتحال ۾ جيتريون امدادي ڪارروايون ۽ پيڪيج هن ضلعي جي عوام لاءِ صدر صاحب جي خصوصي هدايتن ۽ ايم  اين اي فريال ٽالپر جي ذاتي دلچسپي ڪارڻ ممڪن ٿيون آهن اهي ٻيو ڪٿي نظر نٿيون اچن انهي جي باوجود تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي قاضي احمد ۽ نوابشاهه جي شهري علائقن جي برسات متاثرين جي واهر نه ٿي سگهي آهي ته انهي جا ذميوار انهن تڪن جا چونڊيل نمائندا آهن جن حڪومت پاران مليل بي تهاشا امدادي سامان جائز ۽ مستحق متاثرين کي ڏيڻ بدران اقربا  پروري جي ور چاڙهي ڇڏيو اهڙي صورتحال سامهون اچڻ کانپوءِ حڪومتي پارٽي طرفان اهو طئي ڪيو ويو ته امدادي سامان جي منصفاڻي ورڇ لاءِ يوسي سطح جي قيادت ۽ اڳواڻن ناظمن ۽ نائب ناظمن کي ذميواري ڏني وڃي، اهو فيصلو جيتوڻيڪ ساراهه جوڳو ۽ درست هيو پر انهي جي باوجود ڪافي هنڌن تي امدادي سامان جي ورهاست ۾ بد ديانتي جو مظاهرو ڪيو ويو ايتري حد تائين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ برسات  متاثرين اهي الزام پڻ هنيا ته مختلف يوسيز جي مقامي اڳواڻن غريب ۽ بي حال برسات متاثرين جي امداد لاءِ آيل سامان انهن ۾ ورهائڻ بدران ڳجهه ڳوهه ۾ پنهنجي سکين ستابن ماڻهن کي ڏنو ۽ ٻيو سامان سيٺن ۽ واپارين کي وڪرو ڪيو مقامي قيادت جي اهڙي بديانتي واري روش سبب عوام ۾ مٿين قيادت بابت منفي خيال ۽ سوچون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ اهي اعليٰ قيادت کان امدادي سامان جي ورڇ جي جاچ جا مطالبا ڪري رهيا آهن.

تازين برساتن جي تباهه ڪارين کانپوءِ ضلعي انتظاميا جي طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب برسات سبب  ضلعي جي 51 يوسيز ۾ ٽي لک گهر ۽ پنج لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ ٽي لک 80 هزار ايڪڙن تي بيٺل چونڊائي  ۽ ڪٽائي لاءِ تيار  بڻيل ووئنڻن ۽ ڪمند سميت ڀاڄين جا فصل پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن ۽ 50 هزار متاثرين لاءِ 650 ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ميڊيا ۽ آبادگارن جي دعويٰ آهي ته ضلعي اندر 12 لک کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 6 لکن کان وڌيڪ گهر برساتن سبب تباهه ٿي چڪا آهن، آبادگارن جو چئن لکن ايڪڙن تي مشتمل ووئڻن جو فصل ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ايڪڙن تي مشتمل ڪمند ۽ هڪ لک ايڪڙن تي مشتمل ڀاڄين، سارين ۽ ٻيو فصل  مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي ۽ آبادگارن کي پوکي جي مد ۾ هڪ ارب رپيا ۽ پيداوار جي مد ۾ ست ارب رپين جو ازالي نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيو آهي، ٻئي طرف رليف ڪيمپن جي صورتحال هي آهي ته غريب عوام گوڏي جيڏي پاڻي ۾ گهيريل سرڪاري اسڪولن ۽ عمارتن ۾ مڇرن جي آزار ۽ فاقاڪشي ۾ مبتلا آهي، سندن معصوم ٻارڙا طبي ٽيمون نه پهچڻ سبب ڊائريا گيسٽرو ۽ چمڙي جي خطرناڪ بيمارين ۾وٺجي ويا آهن، وبائي بيمارين جي خاتمي لاءِ نالي ماتر اسپري ڪرڻ سبب ضلعي ۾ 25 کان وڌيڪ قيمتي  انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، وٽرنري ٽيمن پاران  ڳوٺن ۾ نه وڃڻ ۽ مال کي ويڪسين نه ڪرڻ سبب هزارين مالوند ماڻهن جي گذران جو ذريعو مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون ۽ ٻيا جانور مري ويا آهن، ضلعي اندر هر شيءِ جي دستيابي هئڻ باوجود عوام جي ايڏي وڏي جاني ۽ مالي نقصان جو ذميوار ڪير آهي ؟  انتظاميا، مقامي قيادت يا گهرن تائين محدود رهندڙ چونڊيل نمائندا. انهن سوالن جو عوام جواب طلبي ٿو ۽ عوام تڏهن مطئمن ٿيندو جڏهن صدر آصف علي زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر ذاتي طور تي ايڏي وڏي غفلت ۽ لاپرواهي جي مرتڪب عنصرن جي جاچ لاءِ فوري قدم نه کڻندا.