برسات جي تباهين ۾ اجڙي ويل سامارو تعلقو

عبدالحفيظ سنيهڙو


                سامارو تعلقو عمرڪوٽ ضلعي ۾ زراعت جي حوالي سان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، سامارو شهر به تاريخ ۾ آيل مختلف تبديلين سبب ڪيترائي دفعا اجڙي چڪو آهي، سامارو شهر اڳ ۾ درگاهه حسن شاهه باغبان ڀرسان قائم هو پر هاڻي اتي وڏا ڀڙا ۽ دڙا نظر اچن ٿا، جڏهن ته ڳوٺ گاڙوڙو خاصخيلي ڀرسان به وڏا ڀڙا آهن ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي انهي جاءِ  تي سامارو جو شهر قائم هو پر اهي شهر آيل طوفانن، زلزلن جي ور چڙهي ڀڙا ٿي ويا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سامارو جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪافي هنڌن تي ڪيو آهي،

سر سارنگ جي هڪ سٽ هن ريت آهي ته ”وٺا پت پراڻ جا وٺيون ساماري“

سامارو جو هاڻوڪو شهر پڻ حاليه برساتن سبب سخت لپيٽ ۾ آيو آهي، سامارو شهر جي ڀرسان ٻه وڏيون کاڻون ۽ هڪ وڏي ڍوري آهي، برسات سبب شهر جو پاڻي انهن ڍورين ۽ کاڻن ۾ نڪرندو آهي پر شهر جي ايگريڪلچر آفيس ڀرسان کاڻ تي بااثر ماڻهن پاران قبضا ڪري گهر ٺاهڻ سبب ۽ مين ڍوري ۾ بااثر زميندارن پاران پنهنجي زمينن جو پاڻي ڇڏڻ سبب سامارو شهر جو ڊرينيج نظام جام ٿي ويو، سامارو شهر ۽ ڀرپاسي جي ڪالونين ۽ پاڙن تي نظر وجهنداسين ته سامارو شهر ۾ کوسا پاڙو، خاصخيلي پاڙو، چانڊيا پاڙو، قائمخاني پاڙو، شاهه پاڙو، وارڊ نمبر 249، وارڊ نمبر 250 مڱڻهار پاڙو، پير ڪالوني، ٽانڪي پاڙو ۽ ٻيا پاڙا اچي وڃن ٿا. انهن پاڙن ۽ واردن حاليه برساتن تباهي مچائي ڇڏي، سامارو ۾ جيئن ئي برسات شروع ٿي ته سامارو تعلقي جو ايڊمنسٽريٽر نظام الدين شاهاڻي مڪمل طور عوام سان گڏ رهيو، سامارو شهر کي بچائڻ لاءِ هر اپاءُ ورتو ويو، سمورا ڪامورا مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيا پر ايڊمنسٽريٽر نظام الدين شاهاڻي پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا جي نمائندن ۽ شهرين کي گهراي اهو وچن ڪيو ته ايم اين اي مير منور ٽالپر، مير بابو ٽالپر اها ذميواري ڏني آهي ته شهر ۽ تعلقي کي بچائڻو آهي انهي لاءِ هاڻي جيستائين پاڻي جو مسئلو نٿو نبيري تيستائين گهر نه وڃبو ان موقعي تي پ پ اڳواڻ عبدالڪريم خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

بعد ۾ ايڊمنسٽريٽر هلندڙ برسات ۾ مشينون لڳائي شهر جو پاڻي ڇنڊ رايو هوڏانهن ڪجهه پاڙن جن ۾ پير ڪالوني، ميگهواڙ مالهي ڪالوني، ڀمرو مالهي ڳوٺ ۾ آيل پاڻي کي ڪڍرائڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر نظام الدين شاهاڻي جو ڪوششون جاري آهن. سامارو تعلقي ۾ حاليه برساتن تمام گهڻي تباهي آندي آهي، تعلقي 5 يوسيز سامارو (ون) سامارو روڊ، پڌريو فارم، يوسي آراڙو ڀرڳڙي ۽ يوسي ستڙيون ۾ هزارين ڳوٺ فصل، چوپايو مال تباهه ٿي ويا، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، مليل انگ اکرن موجب 50 هزار کان مٿي ايراضي تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن، 2 هزارن کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، هڪ لک کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، لکين ماڻهن پنهنجو سمورو الهه تلهه ڇڏي جانيون بچائي سرڪاري ڪئمپن، اسڪولن، ٿر جي ڀٽن روڊن رستن، شاخن ۽ واهن جي ڪنارن تي پناهه ورتي آهي، هڪ لک جانور مري ويا آهن، هر طرف بدبو جو راڄ آهي، سامارو مان چونڊيل پ پ ايم پي اي حاجي علي مراد راڄڙ برساتن بعد سامارو جو رخ ئي نه ڪيو ته هي مجبور ماڻهو حيات به آهن يا پاڻي ۾ لڙهي ويا. جڏهن ته سامارو مان چونڊيل پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر، مير بابو ٽالپر هلندڙ برسات ۾ به سامارو جو دورو ڪيو ۽ تقريبن هر روز سامارو جي عوام سان گڏ آهن، سامارو جي عوام مير منور ٽالپر آڏو  دانهون ڪيو ته سامارو جو ايم پي اي ته گم آهي پر توهان هتي جا بااثر ايم اين اي آهيون شهر  جي ڪجهه پاڙن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو ان  موقعي تي ايم اين اي مير منور ٽالپر چيو ته سامارو تعلقي جو ايڊمنسٽريٽر نظام الدين شاهاڻي هڪ بهترين آفيسر آهي، جنهن وڏي محنت سان شهر کي بچايو آهي، هاڻي شهر پير ڪالوني جو پاڻي به ڪڍرائڻ جي ذميواري انهن کي ڏيان ٿو ان موقعي تي مير منور ٽالپر پ پ اڳواڻن عبدالڪريم خاصخيلي، پير عمران جان سرهندي کي هدايت ڪئي ته تعلقي  ايڊمنسٽريٽر سان گڏجي سامارو شهر جي شهرين جو مسئلو حل ڪرائين.