ڪرمپور ٻيهر ٻوڏ جي گهيري ۾ اچي ويو

سيف الله بجاراڻي


                گذريل سال آيل مها ٻوڏ ۾ ڪرمپور جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ آيل تباهي ۽ بربادي کي سال گذرڻ باوجود متاثرين اڃان تائين کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. سندن اين جي اوز توڙي سرڪاري ادارن ڪابه سار نه لڌي، سهولت نه هئن ڪري کين ڪيترائي ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن ۽ سندن زندگي مفلوج بڻيل آهي. درسگاهه ويران ٿي ويا. مسڪين ماروئڙن جي ڏکن ۽ ڏوجهڙن جي ڪنهن به قسم جي تدارڪ نه ٿي سگهي. اهڙي طرح معصوم ٻارڙن پوڙهن توڙي عورتن ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو. ڪيترن ئي وسندڙ وستين ۾ ماروئڙا مفلسي واري زندگي گهاري رهيا آهن. انهاري جي شديد گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ ڪيترائي ماڻهو بي يارومددگار واهر لاءِ واجهائي رهيا آهن. ڪرمپور ۽ ان جي پسگردائي جي مختلف ڳوٺن محمد عظيم بجاراڻي، تڳيو خان جعفري، جمعو خان جعفري، ڳوٺ نور نبي بنگلاڻي، ڳوٺ لال بخش بجاراڻي، ڳوٺ محمد ابراهيم جعفري، ڳوٺ منظور احمد ۽ ڳوٺ پهلوان بنگلاڻي ۾ مها ٻوڏ ايتري ته تباهي آندي جو هر سوچ ۽ ساڃاه وند جي ڏندين  آڱريون اچي ويون. تباهي جو هن وقت تائين ڪنهن به اداري وٽ ڪوبه اندازوڪونه آهي. ڪيتريون ئي انساني قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون. ڪيترائي ماڻهو اپاهج بڻجي ويا. اهڙي طرح ڳوٺ تڳيو جعفري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ اوچتو  ٻوڏ اچڻ ڪري هڪ عورت سميت 2 ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا. سورن جو داستان اسان جي سينن ۾ سمايل آهي. هن مهل تائين انهن ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ ورتلن جي ڪنهن به قسم جي ڪابه سار نه لڌي وئي. اهڙي طرح مذڪوره علائقن تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته هن مهل به اهي وسندڙ وستيون ۽ واهڻ موئن جي دڙي جي کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳنديون. اجڙيل اجها، مسجدون شهيد ٿي ويون، هزارين ايڪڙ آباد زمينون بنجر بڻجي رهواسين جي ڏکن جا چٽا ثبوت پيش ڪري رهيا آهن. ٻوڏ سبب آبپاشي جي نهري سرشتي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ دعويدار به نسورو ٺڳ ۽ ڪوڙا ثابت ٿيا. انهن جو  ذڪر پنهنجي هن لکڻي ذريعي اڳتي هلي ضرور ڪندس پر هن وقت قلم دردن جي داستان کي اجگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

انساني قيمتي جانين جو ازالو ڪرڻ ته ڪنهن  جي وس جي ڳالهه نه آهي پر انهن ڏکويل خاندانن جي مالي سهائتا به حڪمرانن کان شايد وسري وئي. اهڙي طرح حڪومت پاران مالي سهائتا لاءِ اعلانيل هڪ لک رپيا وطن ڪارڊ جي ذريعي ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر اعلان 20000 هزارن تائين محدود ڪري ڪجهه خاندانن کي وطن ڪارڊ ڏيئي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي وطن ڪارڊ جا ويهه هزار به  پوليس ۽ انتظاميه جي لٺ بازن ۾ پوءِ چند خاندانن کي نصيب ٿيا پر ذڪر ڪيل ڳوٺاڻن کي حڪمرانن جي ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪيا پر هن مهل تائين ڪنهن به ضلعي توڙي اعليٰ عملدارن جي ڪن تي جونءِ به نه چري، اهو هڪ سواليه نشان بڻيل آهي. شايد ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي ته انهن ٻوڏ ستايلن جي سورن جو سهارو بڻجي، گرمين جي سخت گرمي ۾ گرم خيمن ۾ زندگي گهاريندڙ پوڙهن، عورتن ۽ مصعوم ٻارڙن ۾ ڪيتيريون ئي بيماريون پکڙجي ويون ڪيترن ئي وڏي عمر وارن کي وڌيڪ سختيون سهڻيون پيون. انهن ۾ اکين جي بيماري، پيٽ جون بيماريون، مليريا، چمڙي جون بيماريون پکڙجڻ سبب مصيبت واريون گهريو بغير ڪنهن سهاري جي گذارڻ تي مجبور آهن. هن وقت تائين صحت کاتي پاران به ڪي اپاءُ نه ورتا ويا آهن. شڪايتون ڪرڻ باوجود صحت عملي به وساري ڇڏيو، اهِڙي طرح مسڪين ماروئڙا عطائي ڊاڪٽرن وٽان مدي خارج دوائون واپرائي ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا. ضلعي حڪومت کي ٻوڏ متاثرين لاءِ مليل ڪروڙين روپين جي امداد هڙپ ڪرڻ ۾ ڪا به  ڪسر نه ڇڏي. انهن پنهنجن من پسند ماڻهن ۽ ڪجهه فرضي نالن تي لسٽ جوڙي ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري ڇڏيا پر انهن خلاف ٻوڏ متاثرين پاران بار بار دانهڻ باوجود حڪومت جي اعليٰ اختيارين لاءِ سنجيده آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺن جي سروي ڪري انهن جا هيڻا حال ڏسي واهر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگهي ٿي. انهن ڳوٺن ۾ گذريل سال آيل بوڏ وارا ڏکن ۽ ڏوجهڙن جا منطر چٽا نظر ايندا. انهن آفيسرن کي ايئن لڳندو ته هتي هينئر هينئر قدرتي آفتن حملو ڪيو آهي. اهڙي طرح منظر ڏسي يقينن اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا، مون جڏهن ڳوٺاڻن جا اهي منظر ڏسي برداشت نه ٿي قلم کي کڻي هن اچي پني تي مختصر دردن جو داستان لکڻ لاءِ مجبور ٿيس. گذريل سال مختلف اين جي اوز سرگرم رهيو، جن ڏيهي توڙي پرڏيهي امداد جا اريبن روپيا متاثرن جي بحالي جي نالي تي وصول ڪيا ڄاڻايل اين جي اوز جي ورڪرن متاثر علائقن جي پنهنجي پنهنجي طريقي سان سروي ڪئي اين جي اوز جي ٽيم ورڪرن متاثرين کي سبز باغ ڏيکاري ڪجهه ڏيڻ بجاءِ کين رشوت وٺڻ شروع  ڪئي جنهن ذريعي تنطيمن جا ورڪر متاثرين لاءِ آيل سامان پاڻ متاثر بڻجي کائي ويا. اين جي اوز ۾  ڪم ڪندڙ پيادل اچڻ وارا ورڪر وڏين گاڏين ۽ بنگلان جا ملڪ بڻجي ويا پر متاثر اڃا تائين خيمن ۽ وڻن جي ڇانوءُ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. جڏهن ته ڄاڻايل ڳوٺن ۾ هڪ اين جي اوز نالي جنوري ۾ سروي ڪئي جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻن کي تباهه ٿيل واٽر ڪورس جي بحالي گهر ٺهرائي ڏيڻ تباهه ٿيل رستن جي بحالي ۽ راشن سميت ڪيترائي سبز باغ ڏيکاري مسلسل اٺ مهينا آفيسرن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا پر ان جي اوز جي ورڪرن رشوت ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن.

اين آر ايس پي کي جڏهن ته واس جو پراجيڪٽ مليو جيڪو ٻوڏ متاثرين بدران عام ماڻهن کي 300 کان 500 روپيا ۾ في ٽوڪن ڏيئي پنهنجي مليل پراجيڪٽ ختم ڪري ڇڏيو متاثرين خاندانن کي سواءِ ٺلهن آسرن جي ٻيو ڪجهه به نه ملي سگهيو. سرسو اين جي او کي سندن سنڌ حڪومت جي سپورٽ هجڻ بعد به مٿي ڄاڻايل خاندانن جي ڪابه واهر نه ڪئي. جڏهن ته حڪومت جي اعلان ٿيل گهر، راشن، واٽر ڪورس جي بحالي سميت مختلف متاثرين کي سبز باغ ڏيکاري پر انهن تي عمل نه ٿي سگهيو. ٻوڏ متاثر ضلعي حڪومت ۽ سماجي تنظيمن ڏانهن واجهائي رهيا آهن. واهر ڪرڻ لاءِ ڪوئي ايندو  علائقائي ۽ حڪومت کي گهرجي ته بي يارومددگار بڻيل متاثرين جي مالي سهائتا ڪري اجها ٺهرائي ڏنا وڃن جيئن هو اونهاري جي سخت گرمي ۽ سياري جي سردي کا پنهنجا معصوم ٻچڙا بچائي سگهين. هاڻي ٻيهر ٻوڏ جي صورتحال سرجي رهي آهي. خدا انهن متاثرين جو خير ڪري.