|
ٻوڏ وارن ماڳن مان لڏ پلاڻ ڪري نوري آباد پهتل متاثر شمس پالاري سنڌ جي سانگهڙ، بدين، ٽنڊو محمد خان ضلعن جي مختلف ماڳن مان برساتي ٻوڏ ۾ ننڍا معصوم ٻارڙا، نياڻيون، ونيون، پوڙها، ابا امڙيون کي ساڻ ڪري گڏهه گاڏين، بيل گاڏين،، اٺ گاڏين تي سر بچائي نوري آباد ۾ پهتل متاثرن هن وقت کلي آسمان هيٺ ڏکن، بکن، بيروزگاري توڙي بيمارين سان جنگ وڙهي رهيا آهن، بدنصيب ٻوڏ متاثر اڻڄايل علائقي ۾ هجڻ ڪري سندن واهر لاءِ هتان جي سرڪار ڪن لاٽار ڪري رهي هجي، ڄڻ ته اهي ڪنهن پرڏيهي ملڪ جا ماڻهو هجن جيڪڏهن هتي افغاني پٺاڻن يا برمي بنگلاديشي اچن ها ته بااثر وڏيرن، اعليٰ منصب تي ويٺل ڊي سي او، وزير ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا ڪن ها، پر افسوس هنن جي ٻولي سنڌي آهي، سانگهڙ، بدين، ٽنڊو محمد خان جا رهواسي مالونده مارو آهن، ضلعي ڄامشورو جي سرڪار جي حد ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ لاءِ نه ته ڪو ايم اين اي، ايم پي اي، سانگهڙ جا متاثر يا بدين جا متاثر سپر هاءِ وي جي ڀرسان ويٺل آهن، جن وٽ پيٽ پالڻ لاءِ نه اٽو آهي ۽ نه ئي اس گرمي کان بچڻ لاءِ ڪو ٽينٽ آهي، معصومن جي جسم تي زخم ٿي چڪا آهن، پر مرهم رکڻ وارو ڪو به ناهي، سرڪار جي صحت کاتي کي ڪير چوي ته ڪوهستان جي پٿرن تي ساهه بچائي پهتل ٻوڏ متاثرن لاءِ زخمن تي مرهم جي هوا جو به حق ناهي، سپر هاءِ وي کان روزانو هزارين ڪامورا، وزير، مشير گذرن ٿا پر ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ ڪير ڏسندي به لنگهي نه آيو آهي، متاثرن ۾ ڪو به سانگهڙ جي شازيه عطا مري، ڄام مدد علي، امام الدين شوقين ته وري ڪو بدين جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تڪن سان واسطو رکن ٿا، حڪومت کي گهرجي ته ڄامشورو جي ڊي سي او ۽ صحت کاتي جي ڪامورن کي اهيا هدايتون ڪري ته سندن حدن ۾ آيل ٻوڏ متاثرن جي ترت واهر ڪن، |