زرعي يونيورسٽي کان مڪلي تائين مطالعاتي دورو

احسان علي بوزدار


                انسان جي زندگي هڪ سفر آهي، پر اهو سفر تڏهن رنگين ۽ دلچسپ لڳندو آهي، جڏهن همسفر سٺا هجن. من گهريا محرم سفر جا ساٿي هجن، ته اهو سفر هڪ رنگين خواب مثل هوندو آهي ۽ ڊائري جي ورقن تي اتارڻ کان من مڙندو ناهي. بقول ڪنهن شاعر جي:

دل گهرين دوستن جي محفل ۾،

 جيڪو دم گذري، سو غنيمت آهي.

  اهڙو هڪ سفر، ٻن سالن کان گڏ پڙهندڙ دوستن سان ڪرڻ جو موقعو مليو. 28 فيبروري 2010، آچر ڏينهن، سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميه طرفان، ٺٽي جي تفريح گاهن ۽ مڪلي جي معلوماتي دوري لاءِ، هڪ خوبصورت پوائنٽ بس مهيا ڪئي وئي، جيڪا 9 وڳي ڌاري زرعي يونيورسٽي جي مشهور، ماهر تعليم سائين شمشاد حسين سپيو جي زير نگراني، ٺٽي ۽ مڪلي جي معلوماتي دوري لاءِ، زرعي جي خوبصورت گلن ۽ وڻندڙ وڻن کي الوداع چئي، ميرپورخاص- حيدرآباد روڊ وٺي، حيدرآباد طرف رواني ٿي.اٽڪل ساڍي نائين وڳي ڌاري سٽي گيٽ وٽ پهتاسين، جتي حيدرآباد ۾ رهندڙ ڪجهه دوست انتظار ۾ بيٺل هئا. انهن ساٿين  جي سوار ٿيڻ کانپوءِ، بس پنهنجي اڳئين منزل ڏانهن رواني ٿي.  قاسم چوڪ ۽ راجپوتانه اسپتال کان ٿيندي، اتان قاسم آباد جي شاگرد دوستن کي بس ۾کڻي، پنهنجي منزل طرف راهي ٿياسين.  هي ٻن سالن ۾ مليل يونيورسٽي طرفان پهريون اسٽڊي ٽوئر هو، جنهن ڪري خوشي مان سڀني دوستن جا چهرا ٻهڪي رهيا هئا. ڏهين وڳي ڌاري حيدرآباد ڪراچي نيشنل هاءِ وي ڇڏي، ٺٽي وارو رستو ورتوسين، ڇو ته اسان جي سفر جي آخري منزل مڪلي هئي.

 ڪوٽڙي ڦاٽڪ  بند هجڻ ڪري، اسان جي سفر کي  45 منٽ ”سفر“ Suffer ڪرڻو پيو. ان دوران جيڪي دوست نيراني سوار ٿيا هئا،  انهن کي ناشتو ڪرڻ جو موقعو ملي ويو  ۽ هادي بخش مهر (جيڪو ٻئي سال ۾ پڙهندڙ اسان جو ڪلاس فيلو آهي) وري ٻه ٽي ڪلو ٻير وٺي آيو،  جيڪي هن پوائنٽ ۾ ويـٺل شاگردن ۾ ورهايا،  پر شاباس هجيس جو وتائي واري ورڇ ڪيائين.  بيمار ماڻهو وانگر هلندڙ پاڪستاني ٽرين نيٺ ڦاٽڪ پار ڪيو. ڦاٽڪ کلڻ کانپوءِ  اسان جي گاڏي ڪوٽڙي  جي سائيٽ ايريا ۾ داخل ٿي، پنهنجي منزل ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. ڪوٽڙي درياهه جي ڪپ تي آباد شهر آهي، ڪوٽڙي جي پل خوبصورت ۽ پراڻي آهي، جيڪا حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي کي پاڻ ۾ملائي ٿي، هن وقت ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد  کي ملائڻ لاءِ هڪ ٻيءَ پل به ٺهي چڪي آهي، جنهن سان حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ فاصلو تمام گهٽجي ويو آهي،  ڪوٽڙي مختلف فيڪٽرين ۽ ملز جي ڪري تمام گهڻي مشهور آهي ۽ ڪوٽڙي جي هڪ علائقي کي صنعتي علائقو پڻ سڏيو وڃي ٿو، هي فيڪٽريون شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ لڳايون ويون هيون، پر ان کانپوءِ ڀتا خوري جو رجهان وڌڻ ڪري، وڌيڪ فيڪٽريون نه لڳي سگهيون ۽ ڀتا خوري جي آزار سبب، گهڻا صنعتڪار منظور ٿيل فيڪٽريون به ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرائي ويا. هاڻي اسان جي گاڏي ڪوٽڙي شهر کي الوداع چئي اڳئين منزل ڪينجهر طرف ڊوڙڻ لڳي.

ڪوٽڙي شهر کان نڪرندي ئي روڊ جي ٻنهي طرفن کان خوبصورت پهاڙين جو سلسلو شروع ٿي  وڃي ٿو، هتي جا رهواسي پري پري کان پاڻي ڀري کڻي اچڻ تي مجبور آهن، سندن آمدني جو ذريعو صرف مال متاءُ آهي، برسات پوڻ کانپوءِ پهاڙن مٿان خوبصورت ساوڪ ٿئي ٿي، ان وقت اهي پهاڙيون گهمڻ وٽان هونديون آهن، پوائنٽ بس کي ”استاد پکي”  پکي واري ڪار اڏارڻ لڳو، پهاڙين جي وچان تقريبن منو ڪلاڪ سفر ڪرڻ کانپوءِ، بس سُنڊا اسٽاپ تي پهتي، جتي چانهه پيئڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. سُنڊا اسٽاپ تقريبن 20 دڪانن ۽ هوٽلن تي مشتمل آهي،  پر هاءِ وي تي هجڻ ڪري، انهن دڪانن تان ضرورت جون سڀ شيون مليو وڃن، اسان کي به ڪئميرا لاءِ رول ۽ سيل وٺڻا هئا، جيڪي پڻ سُنڊا اسٽاپ تان ورتاسين، چانهه جي چسڪي پيئڻ کانپوءِ، ڪينجهر طرف راهي ٿياسين، سُنڊا اسٽاپ جي هوٽل واري بيري ٻڌايو ته هتي جر جو پاڻي مٺو ناهي، ان ڪري واٽر سپلاءِ ذريعي ڪينجهر کان پاڻي هتي پهچي ٿو، هيئنر ڪينجهر جو تصور ذهن جي اسڪرين تي ڦري پيو ته ڪينجهر ڪا هلڪي ڦلڪي ندي  هوندي، ڪجهه وڻ هوندا، جتي واندا ماڻهو ڪجهه وقت سڪون وٺڻ لاءِ ايندا هوندا. انهن ئي سوچن  ۾ هئس ته دوست بابر هٿ مان وٺي لوڏا ڏيندي چيو ته، ڪهڙي سوچن ۾ گم آهين، سامهون ڏس ڪينجهر جو بند آهي، ڏس ته سهي. ٿوري ئي وقت ۾ اسان جي بس ڪينجهر جي ڪپ تي پهتي ته عجيب نظارو ڏسڻ ۾ آيو. هر طرف ماڻهن جا انبار، ڪي ڍنڍ ۾ تڙ ڪندي نظر آيا، ته ڪي ماڻهو ٻيڙين ذريعي، ڍنڍ جي ياترا ڪندي. اتي موجود سڀني ماڻهن جا چهرا خوشي مان ٻهڪي رهيا هئا، ڪينجهر ڍنڍ جي خوبصورتي ۽ دلفريبي کي آئون لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.  بس ايترو ئي چوندس ته ڪينجهر  نوري وانگر حسين آهي ۽ ان حسن جي پرک صرف ڄام تماچي واريون اکيون ئي ڪري سگهن ٿيون. ” اچ ڪينجهر تي ڪيٽي بندر تي“ جڏهن مون گانو ٻڌو هو ته مون کي يقين نٿي آيو، ته آخر شاعر ڪهڙي ڳالهه ڪينجهر ۾ڏٺي، جو ڪينجهر جا گيت لکڻ تي مجبور ٿيو، پر مون کي اڄ يقين ٿي ويو ته ڪو به عاشق طبيعت ماڻهو ڪينجهر کي ڏسڻ کانپوءِ ڪجهه لکڻ کان هر گز نٿو مڙي سگهي، ڇو ته هي قدرت جي فطرت، سونهن ۽ سوڀيا جو انمول تحفو آهي، ڪينجهر جي سيني ۾ هندوري جيان لڏندڙ لهرن جي دلفريب ۽ دلڪش سيني ۾، نوري ۽ ڄام تماچي جي لوڪ داستان جون يادون، هن وقت به ڪنهن حسين خواب جيان ذهن تي رڪس پيون ڪن. نوري ۽ ڄام تماچي جي عشق جو قصو به تمام گهڻو مشهور آهي. ڪينجهر ڍنڍ کي نوري ۽ ڄام تماچي جي ماڳ هجڻ ناتي به تمام گهڻي اهميت آهي.  ڄام تماچي وقت جو بادشاهه هو،  جنهن کي نوري سان عشق ٿيو ۽ عشق کيس بادشاهي ڇڏائي، مهاڻو بڻائي، ڄار کڻڻ ۽ مڇيون مارڻ تي مجبور ڪيو. ڀٽ جي گهوٽ، لاکيڻي لطيف رحه ”سرڪاموڏ“  ۾ نوري ۽ ڄام تماچي جي عشق کي بيان  ڪيو آهي. نوري جي نوڙت ۽ ڄام تماچي جي خودي کي ترڪ ڪرڻ ۽ بادشاهي ڇڏي محبوب خاطر فقيري اپنائڻ کي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو اٿن. نوري، ڄام تماچي اڳيان هٿ ٻڌي عرض ٿي ڪري، ته آئون گندري آهيان، مون ۾ عيب لک آهن، ڇا تون مون کي ان باوجود به قبول ڪندين، ان سادگي  کي ڀٽ جو گهوٽ هينئن ٿو بيان ڪري:

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيب اپار،

پسيءَ راڻين روءِ، متان ماڱر  مٽئين!

 ٻئي هنڌ  چوي ٿو:

تون سمون، آئون گندري، مون ۾ عيبن لک،

هن منهنجي حال جي، توکي سڀ پرک،

ڪارڻ رب الک، متان ماڱر مٽئين

نوري جي ان نوڙت، سادگي ۽ محبت، وقت جي بادشاهه کي محلن ۽ ماڙين ۾ ملندڙ  عيش ۽  آرام ترڪ ڪري ڪينجهر جي ڪناري تي اڏيل جهوپڙن ۾، اڌ انگ اگهاڙن مهاڻن سان رهڻ تي مجبور ڪيو.

تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو، جهڙي سونهن سنديس،

مڏ، مياڻيون، مڪڙا، مڙئي معاف ٿياس،

مورڇل  مٿانس، اڀو تماچي تي هڻي،

شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو، ته جهڙو نوري جو حسن، نياز ۽ نوڙت آهي، تهڙي ڪنهن ۾ به مڻيان ناهي، ڄام تماچي مٿس موهجي پيو آهي ۽ نوري کي سڀئي مهاڻين واريون ڪم ڪاريون معاف ٿيا. ڪجهه وقت ڪينجهر جي ڪپ تي بيهڻ کانپوءِ دوستن صلاح ڪئي، ته نوري ۽ ڄام تماچي جي مزار جي زيارت ڪجي، اهڙي طرح اسان هڪ ڪاٺ واري ٻيڙي ۾ سوار ٿي، نوري ۽ ڄام تماچي جي مزار طرف وڃڻ لڳاسين، اتر جي هير لڳڻ ۽ بوٽ (موثر تي هلڻ واري جديد ٻيڙي-واٽر بوٽ) ٻيڙين جي پاسي مان گذرڻ ڪري، اسان جي ٻيڙي ڪينجهر جي پاڻي ۾، هندوري وانگر لڏي رهي هئي، ڪنهن ڪنهن وقت وڏيون ڇوليون اچڻ سبب  ڊپ به ٿي رهيو هو، ته خدا نه خواسته، جيڪڏهن ٻيڙي اوندهي ٿي، ته پوءِ ڪيڏانهن وينداسين؟ بهرحال ڊپ به هڪ فطري عمل آهي، جيڪو هر انسان جي اندر ۾ موجود رهي ٿو. ان دوران ڀائو بابر تصويرون ڪڍڻ ۾ مصروف رهيو، اسين ٻيڙي ۾ صرف ٽي دوست آئون، ڀائو بابر ڀٽو، ڀائو منظور علي جسڪاڻي هئاسين ۽ ٻه ٻيڙي هلائڻ وارا ناکئا. ان دوران مون ناکئي کان ڪينجهر بابت ڪجهه ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. ناکئي ٻڌايو ته ڪينجهر نوري جي پيءُ جو نالو هو، جنهن ڪري هن نديءَ تي ڪينجهر جو نالو پيو. ڪينجهر 48 اسڪوائر ڪلو ميٽرن جي هم چورس  پکيڙ تي مشتمل آهي ۽ چئن طرفن کان  پهاڙن جو نظارو ڪينجهر کي ڄڻ ته جهولي ۾ کڻي بيٺل آهي، اتي وري ڀرسان جڏهن وهندڙ سنڌو درياءَ وهي ٿو ته ان  جي اوج ۽ زرعي زمينون، ڪينجهر جي حسن کي مهڪائين ٿيون، تقريبن اڌ ڪلاڪ جو سفر ڪري، اسان جي ٻيڙي به ان جاءِ تي پهتي، جتي اڳ ۾ ئي ماڻهن جا ڪٽڪ موجود هئا، اها نوري ۽ ڄام تماچي جي مزار آهي، جيڪي ڪينجهر جي وچ ۾ آهي ۽ چؤطرف پاڻي آهي. جنهن جي  زيارت کانپوءِ، اسين واپس پوائنٽ ڏانهن موٽڻ لڳاسين. وري به تقريبن اڌ ڪلاڪ جو پنڌ ڪري اچي ساڳي  ڪناري تي رسياسين، جتان نوري ڄام تماچي جي مزار طرف راهي ٿيا هئاسين.

ڪينجهر کانپوءِ اڳين منزل، ٺٽي لاءِ سڀ دوست تيار هئا. اهڙي طرح وري ملڻ تائين ڪينجهر کي الوداع چئي، ٺٽي وڃڻ لاءِ بس ۾ سوار ٿياسين. ٺٽو تاريخي شهر آهي، شاهه بندر، ڪيٽي بندر، هاليجي جبل ۽ شيخ زيد بن سلطان النحين جي ڍنڍ ( جنهن کي دبئي  وارن شيخن جي ڍنڍ به سڏين ٿا) ٺٽي جي سڃاڻپ آهي. پير پٺي جي درگاهه، شاهه عقيق جي درگاهه ۽ گهاري جي  گلستان رحمان ۾ واٽر پارڪ پڻ ٺٽي جي حسن کي چار چنڊ لڳائين ٿا. منجهند جو اڍائي وڳي ڌاري اسان جي بس ٺٽي شهر  ۾ داخل ٿي. ٺٽي  شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي، شاهجهان مسجد جي دروازي اڳيان اچي، استاد  پکي، بس کي بيهاريو. اسين سڀ لهي، تاريخي  مسجد جي زيارت  لاءِ روانا ٿياسين، جامع مسجد شاهجهان مشهور مغل بادشاهه  شاهجهان، 1644ع ۾ تعمير ڪرائڻ شروع ڪئي، جيڪا 1647ع ۾، ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ تعمير ٿي راس ٿي. هن مسجد جي اڏاوت تي 9 لک شاهجهاني روپيه  خرچ آيو، جيڪي شاهي خزاني مان ڏنا ويا، مسجد جي پيڙهه  9 فٽ گهرائي ۾ پٿرن  تي مشتمل آهي. مسجد شريف جا 5 دروازا آهن، مسجد ۾ ننڍا وڏا 100 گنبز آهن، هن مسجد ۾ هڪ ئي وقت  20 هزار  ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. مسجد شريف جي زيارت  کان پوءِ، صفا سڪون اچي ويو، مسجد شريف ۾ پاڻي جو ڪو خاص انتظام نه هو، ان ڪري پيئڻ واري ڪولر مان پاڻي ڀري وضو ڪيو سين، اهڙي طرح شاهجهان مسجد ۾ ظهر جي نماز ادا ڪرڻ جوشرف پڻ مليو، ساڍي ٽئين وڳي ڌاري مسجد مان نڪري سڀ پوائنٽ بس وٽ گڏ ٿياسين. هاڻي پيٽ ۾ به  گهوڙا نچي رهيا هئا. ان ڪري ٺٽي جي مشهور هوٽل ( بڪڪ هوٽل ) تي ماني کاڌيسين. ٺٽو پان جي پيدوار جي حوالي سان به مشهور آهي، هوٽل جي ٻاهران پان جو ڪيبن آهي، جتي سر شمشاد  حسين جي فرمائش تي، گهڻن دوستن پان کائڻ  جو مزو ورتو. اهڙي طرح هاڻي  اڳيئن منزل  يعني مڪلي  طرف راهي ٿياسين بس ۾ ” عاشق مجبور آ“  گاني تي دوست ناچ ۽ جمهريون پائي رهيا هئا. جنهن ڪري هي سفر گهڻو سفر محسوس نه ٿي رهيو هو، کل ڀوڳ ۾، سفر جي خبر ئي نه پئي  اهڙي طرح مڪلي ۾ رسياسين.

مڪلي  جي سڃاڻپ  تاريخي ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان  آهي، جتي وڏا ٰ اوليا ۽  سپهه سالار دفن ٿيل آهن، مڪلي تي نالو ” مائي مڪلي“  جي ڪري پيو، جنهن جي مزار به اتي موجود آهي، مڪلي ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون مزارون آهن، جتي هر وقت ميلي جو سماع  هوندو آهي، شام جو ساڍي 4 وڳي ڌاري،  اسين حضرت عبدالله شاهه اصحابي جي درگاهه جي زيارت لاءِ پهتاسين، سندس اصل نالو عبدالله شاهه بغدادي آهي. پر هاڻي عبدالله شاهه اصحابي جي نالي سان مشهور آهي، سندس مقبرو ڄام مبارڪ خان عرف دولهه دريا خان تعمير  ڪرايو، 15 رجب تي ساليانه غسل ٿيندو آهي، عبدالله شاهه اصحابي درگاهه تي  ميلي جو سماع  محسوس ٿي رهيو هو، درگاهه ٻاهران مختلف شين جا دڪان پڻ آهن. جتان  دوستن ڀائو بابر ۽ ڀائو وحيد منڊيون پڻ خريد ڪيون.  (وحيد اسان جي ڪلاس جو سي آر آهي، محبتي ۽ خلوص وارو ۽ يارن جو يار آهي ۽ منڊين جي باري ۾ به سٺي ڄاڻ اٿس)، ڀائو وحيد جي ڪوششن سان ئي هي اسٽڊي ٽوئر منظور ٿيو هو ، کيس جس هجي. عبدالله  شاهه اصحابي  جي درگاهه کان ٿوري ئي فاصلي تي، ملان  لٽن جي درگاهه آهي، اتان زيارت  ڪري وري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي  رح جي درگاهه جي زيارت  لاءِ پهتاسين،  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي  رح  تاريخ جا وڏا عالم ۽ فاضل  ٿي گذريا، پاڻ  ماه ربيع الاول جي ڏهين تاريخ، 19 نومبر 1692ع، خميس جي رات تعلقي بٺوري ضلعي ٺٽي  ۾ ڄاوا، پاڻ عربي ، فارسي، ۽ سنڌي زبان ۾ 300 کان وڌيڪ علمي ۽ اسلامي ڪتاب لکيا، جيڪي اسلامي دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا. مخدوم صاحب  6 رجب  شريف  9 فيبروري 1741ع خميس جي ڏينهن، هن فاني دنيا مان  برقعو مٽائي ويا. سندس مقبري مٿان ڪو به مينار وغيره نه هو. پر اتي به مجاور هو، جنهن پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو، ته هن مقبري مٿان ڪا به ڇت وغيره ڪا نه ٿي بيهي! ان جو ڇا راز آهي؟  رب ئي ڄاڻيندو هوندو. ان جي زيارت ڪرڻ  بعد، دعا گهري ٻاهر نڪتاسين، ته دوست رشيد آرائين چيو ته مولا علي عليه اسلام جي قدمن جي به زيارت ڪريو. (رشيد آرائين بي اي فيڪلٽي جو اڳوڻو شاگرد آهي، جنهن سفر ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ ڄاڻ ڏني). اهڙي طرح اسين مولا علي رح  جي قدم ۽ تلوار جي زيارت سان به منور ٿياسين، مولا علي عه جي قدمن جي زيارت  ڪري اچي، پوائنٽ  بس ۾ ويٺاسين ۽ پوئتي موٽڻ جي سنبت ڪئي سين. سج لهي چڪو هو، سڄو ڏينهن گهمڻ ڪري، ٿڪاوٽ به محسوس ٿي رهي هئي. اهڙي حال ۾ چانهه پيئڻ واري صلاح کان ڪوبه انڪار نٿي ڪري سگهيو، جيڪا دوست عاشق مورجي ڪئي هئي، (عاشق موريجو اسان جي ڪلاس جو نائب مانيٽر آهي. سير تفريح جو ڏاڍو شوقين آهي، ان ڪري، هڙان واڙن خرچ ڪري سڀني دوستن  جي چانهه  جو بندوبست ڪيائين. اهڙي مهمان نوازي تي  کيرون لهڻي)،  بخاري ريسٽورينٽ تي چانهه پيئڻ کان پوءِ، مڪلي شهر کي الوداع چئي, گل ورسٽي طرف راهي ٿياسين ۽ رات جو 11 وڳي ڌاري اچي ٽنڊو  ڄام ۾ رياسسين ، ملياسين, ٻيو خير...........