|
بدين جي سامونڊي پٽي ۾ موت جو رقص الهه بچايو جمالي لاڙ جي دل سڏجندڙ تاريخي ضلعو بدين ملڪي حڪمرانن جي غفلت ۽ بي ڌياني جي ڪري هن وقت مڪمل طور تي تباهه ۽ تاراج جي ٿي هڪ رڻ پٽ ۽ ڀيانڪ بيابان جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. تيل ۽ گئس جي معدني وسيلن سان مالا مال ٿيل ماضي جي شگرڪين اسٽيٽ وارو هي سڄي ملڪ جو امير ترين ضلعو بدنصيبي سان چند سال اڳ عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين معتبر عالمي ۽ ملڪي ادارن جي رپورٽن موجب ڏتڙجي بنهه ڪنگال ٿي سڄي ملڪ جو انتهائي غريب ترين ضلع بڻجي غريبت ۾ ملڪ جي ٻين سڀني ٿرپارڪر جهڙن ڀڙ ڀانگ ٿيل ضلعن کي به ملهه ماري اول نمبر تي اچي ويو هو. هن وقت جي اٽڪل 17 لکن جي آبادي واري هن ضلعي جي چند ورهيه اڳ تائين غربت جي شرح 88 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي ويئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته بدين ضلعي جا 80 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺاهين واري دوزخ جهڙي حياتي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هيٺيان انگ اکر سال 2005-06ع جا آهن. سروي رپورٽن موجب غربت جي حوالي سان سڀ کان گهڻي غربت تباهي هيٺ آيل ڊزاسٽر ريڊ زون قرار ڏنل بدين ضلعي جي ڏاکڻي قديم ڊيلٽائي ۽ موجود سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ آهي. جتي غربت جي شرح 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. بدين جي سامونڊي پٽي وارو خوفناڪ علائقو ان کي قرار ڏنو ويو آهي. جتان ايل بي او ڊي، خوني راڪاس جا سمنڊ سان غير فطري طور تي ڳنڍيل خونخوار اجگر سم نالا گذرن ٿا، ان ڊزاسٽر ريڊ زون واري ڀاڱي ۾ ضلعي جي ڪل پنجن تعلقن مان ٽن تعلقن بدين، گولاڙچي ۽ تعلقه ٽنڊي باگي جي انساني ۽ زرعي آبادي واري ايراضي اچي وڃي ٿي. جنهن ۾ وري ٻه تعلقا بدين ۽ گولاڙچي جا ڏاکڻي طرف وارا ڀاڱا 19 مئي 1999ع جي هولناڪ سامونڊي طوفان بعد سڌي طرح سامونڊي ٻوڏ جي نشاني تي اچي ويا. جولاءِ 2003ع جي ايل بي او ڊي خوني راڪاس وگهي آيل ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ ۾ سمنڊ وڃي موجوده بدين شهر جو دنگ ڪيو، درگاهه شيخ قرهيو ڀانڊاري، روپاماڙي، شيخاڻي گهاڙي ۽ علي بندر کان وٺي بدين شهر تائين انساني ۽ زرعي آبادي وارو مذڪوره وسيع علائقو 10 کان 17 فوٽ کاري سامونڊي پاڻي ۾ غرق ٿي ويو. جنهن پاڻي ۾ سوين انساني لاش ۽ لکن جي تعداد ۾ چوپائي مال ۽ جهنگلي حيوانن جا مڙهه تري رهيا هئا. ڪڍڻ ۽ ٻهڊمي جا قديم شهر ولاسو ۽ مانڌر ۾ زمين جو ڪو اهڙو پاڻي کان خالي ٻه گز ٽڪرو به نه بچيو جتي کڻي انساني لاش دفن ڪري سگهجن. اهڙي طرح تاريخ جي انتهائي ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ ۾ سوين مسڪين بدين واسين جا انساني لاش بي گور ڪفن سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي ۽ ڳجهن جو کاڄ بڻجي ويا، پر وقت جي حڪومت ٻوڏ ستايلن جي ڪابه واهر نه ڪئي. ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جو ڪوبه عملي بنياد نه هئڻ ڪري سوين معصوم انسان موت جو کاڄ بڻجي ويا لکين ماڻهو بي گهر ٿيا. اربين روپين جي ماليت جا زرعي فصل سؤ سيڪڙو تباهه ٿي ويا ان سان گڏ ٻوڏ متاثرن جو الهو تلهو ۽ گذر جا هڙئي وسيلا تباهه ٿي ويا. متاثرن لاءِ آيل امدادي ۽ رليف جو سمورو سامان سرڪاري ڪامورا ۽ ناظم هڙپ ڪري ويا، ايتري قدر سرڪاري ڪامورن جي بي رحمي ڏسڻ ۾ آئي جو ڏهه ڪلو جي اٽي جي هڪ ٿيلهي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٽرڪ پويان ڊوڙندي ديهه ولهاري جو هڪ بکايل ڳڀرو هاري نوجوان محمد حسن لاشاري بدين پوليس جي گولين جو کاڄ بڻجي قتل ٿي ويو. مقتول کي پوليس سڌيون ڇاتي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو. ٻهڊمي لڳ ڳوٺ صالح لوهار جي هڪ ئي ڪٽنب جا 11 انسان جنهن ۾ معصوم ٻار ۽ نوجوان عورتون پڻ شامل هيون موت جو شڪار ٿي ويون. ٻهڊمي لڳ ئي هڪ ٻئي ڳوٺ رمضان دل جي هڪ گهر جا 6 معصوم پورهيت هڪ ئي وقت موت جو بک بڻجي ويا. هزارين ٻوڏ متاثر چند هزار روپين جي سرڪاري امدادي چيڪن جي حاصلات ۽ 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهين لاءِ مهينن تائين سرڪاري ڪامورن ۽ ناظمن جي آفيسن اڳيان احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻندا رهيا پر سندن دانهن ڪنهن به نه ٻڌي. اصل وارا نيارا انهن اين جي اوز وارن جا ٿيا جيڪي جي نه فقط متاثرن جي نالي ۾ عالمي ڊونر ادارن کان مليل راشن ۽ ٻيو سمورو امدادي سامان هڙپ ڪري ويا پر انهن ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي ڊونر ادارن کان ڪروڙين روپين جا وڌيڪ پراجيڪٽ حاصل ڪيا جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. اهڙي طرح 2003ع جي ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ جي تباهڪارين کي ڪن اين جي اوز وارن خوب ڪيش ڪرايو. لکين ٻوڏ متاثرن جي بحالڪاري، غربت جي خاتمي، تباهه ٿيل روزگار جي وسيلن جي بحالي، پيئڻ جي مٺي پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي نالي ۾ گذريل ستن سالن جي عرصي ۾ مختلف اين جي اوز وارن عالمي ڊونر ادارن کان ڪروڙين نه پر اربين روپين جا پراجيڪٽ حاصل ڪيا، ايتري قدر جو 2003ع جي ٻوڏ ۾ متاثرن جي رليف واري هڪ پراجيڪٽ ۾ بليڪ لسٽ ٿيل هڪ اين جي او سامونڊي پٽِ جي ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ وڌيڪ ڪروڙين روپين جا پراجيڪٽ حاصل ڪرڻ کان سواءِورلڊ بئنڪ جي ايل بي او ڊي خوني راڪاس جي متاثرن جي بحالڪاري وارو ڪروڙين روپين جو هڪ پراجيڪٽ پڻ اها بليڪ لسٽ ٿيل اين جي او وٺي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي ويئي. ٻئي طرف حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي، غريت جي خاتمي، صحت تعليم ۽ روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ لاءِ تباهي هيٺ آيل بدين جي ساموندي پٽي ۾ جيڪي اڪ ڪارا ڪيا آهن ۽ جيڪي وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اها ترقي به تڏي تي اچي ڏسي سگهجي ٿي. خاص طور تي ضلعي ڪائونسل بدين جنهن کي هر سال سنڌ ۽ وفاقي حڪومت طرفان اربين روپين جا فنڊ ترقياتي ڪمن لاءِ ملن ٿا، گذريل ستن سال جي عرصي ۾ بدين جي ضلع حڪومت بدين جي سامو نڊي پٽي ۾ جيڪي بيمثال ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ڪمن کي ڏسڻ لاءِ آئون هتي انساني درد رکندڙ سڀني ساڃاه وند ماڻهن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي يوسي ڀڳڙا ميمڻ يوسي، احمد راڄو يوسي، سياڻي يوسي ڪڍڻ ۽ يوسي مٺي ٿري وغيره جي سخت متاثر ٿيل سوين ڳوٺن ۾ ٿيل ترقي اچي پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن کي اچي داد ڏين. 2003 ع ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ بعد هٿرادو طورتي بدين جي سامونڊي پٽي بڻيل سنڌ جي سڀ کان آڳاٽي قديم ڊيلٽائي ڀاڱي ولاسو جي گلن ۽ باغ واري جنت نما واري کي مقامي قديم لوڪ موت جي وادي سڏين ٿا، اتي موت جو رقص جاري آهي. زرعي ۽ چراگاهي معيشت تي مدار رکندڙ هن علائقي ۾ لکين ماڻهن کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي نٿو ملي گذريل اٺن مهينن کان بدين جي سامونڊي پٽي جي ماڻهن جي پيئڻ جو مٺو پاڻي بند ٿيل آهي هزارين معصوم انسان ۽ حيوان رڃن ۽ بکن ۾ تڙي پنهنجا پساهه پورا ڪري رهيا آهن. زير زمين جر جو پاڻي بنهه کارو ۽ زهريلوآهي جنهن جر جي پاڻي قاتل زهر سنکئي جو مقدار خطرناڪ حد تائين وڌيل آهي.بدين ضلعي جي ان موت جي بڻايل وادي مان آيل ايل بي او ڊي (خوني راڪاس) جا جيڪي اجگر سم نالا گذرن ٿا، انهن سم نالن ۾ هڪ طرف مٿي کان شگر ملن جي خطرناڪ ڪيميڪل وارو بدبودار زهريلو مادو هڪ زهر جي درياهه جي صورت ۾ وهي رهيو ته وري انهن ساڳي خوني سم نالن ۾ سامونڊي ويرون علائقي کي سامونڊي کاري پاڻي سان ٻوڙي رهيون آهن. مٿان وري هن وقت مٽي جا خوفناڪ طوفان شروع ٿي ويا آهن تيز سامونڊي هوائون لڳڻ ڪري هن وقت سمنڊ مستي ۾ آيل آهي خوفناڪ سامونڊي ويرون انساني آبادي وارن ڳوٺن ۾ داخل ٿي ڀيانڪ تباهي مچائي رهيو هو. 1999ع جي هولناڪ سامونڊي طوفان کان به هڪ سال اڳ جون 1998ع ۾ سگهارين سامونڊي ويرن ايل بي او ڊي (خوني راڪاس) جي غير فطري طور تي شاھ سمايو ڪريڪ وٽان سمنڊ سان ڳنڍيل 42 ڪلو ميٽر ڊگھي سم نالي ٽائيڊل لنڪ ڊرين جومڪمل طورتي اوجهه ڦاڙي ان کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان وقت کان اها تباه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين جنهن جا ٻنهي طرفن جا بند ان ساڳي سال ۾ پٽ ٿي ويا آهن. سامونڊي ڪئنال بڻجي اُبتو وهي سامونڊي کاري زهريلي پاڻي سان بدين ضلعي جي ڏاکڻي ڀاڱي ۽ ٺٽي ضلعي جي تعلقي جاتي جي انساني آبادي ۽ زرعي ايراضي کي ٻوڙي سمنڊ حوالي ڪري رهي آهي. مذڪوره 42 ڪلوميٽر ڊگھو تباهي جو شڪار ٿيل خوني سم نالو جنهن جو پيٽ 2003ع جي ٻوڏ بعد ڪجهه هنڌن تان 2 کان 3 ڪلوميٽرن تائين ويڪرو ٿي ويو آهي. جنهن جي اونهائي پڻ ڪن هنڌن تان 2 کان 3 سؤ فٽ ٿي ويئي آهي. هڪ سم جو نالو هاڻي آهي نه پر سنڌو ڪئنال درياهه کان بنهن وڏي درياءَ جي صورت اختيار ڪئي آهي.ايل بي او ڊي جي زيرو پوائنٽ ۽ درگاههَ شيخ ڪهيو ڀانڊا ايستائين مست سمنڊ جي صورت ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي. اهڙي طرح ايل بي او ڊي (خوني راڪاس) وسيلي سنڌي سمنڊ گذريل 12 سالن ۾ شاھ سمايوڪريڪ کان درگاهه شيخ قرهيو ڀانڊاري، روپاماڙي ۽ شيخاڻي گھاڙي تائين اٽڪل 100 ڪلو ميٽر اڳتي خشڪي طرف وڌي آيو آهي. ڪجھه سال اڳ جي سروي رپورٽن موجب سمنڊ لاڙ جي ٻن تاريخي زروخيز ضلعن جي انساني ۽ زرعي آبادي واري 22 لک ايڪڙ ايراضي کي ڳڙڪائي ويو آهي. گذريل هڪ سال جي سروي رپورٽ موجب ته 30 لک ايڪڙن تائين پهتو آهي. تازو ڪجهه مهينا اڳ سرڪاري انگن اکرن موجب سمنڊ ڏهاڙي ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي 80 کان 100 ايڪڙن جي ايراضي کي ڳڙڪائي رهيو آهي. سرڪاري ۽ غيرسرڪاري رپورٽن ۾ انڪشاف ڪيو ويوآهي ته ڪوٽڙي بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ تباهه ٿيل انڊس ڊيلٽا ۾ ساليانو 30 ملين فوٽ مٺو پاڻي فراهم نه ڪيو ويو آهي. ايل بي او ڊي وسيلي سان سامونڊي پاڻي جي اُبتي وهڪري کي جلد بند نه ڪيو ويو ته لاڙ جا اهي ٻئي تاريخي ضلعا سنڌ ۽ پاڪستان جي نقشي تان مٽجي گم ٿي ويندا ۽ سمنڊ پراڻا پير وٺي گنجي ٽڪر تائين ڇوليون هڻندو. ان سان گڏ ملڪي ۽ عالمي تحيقاتي ادران جي ماهرن ڊزاسٽر ريڊ زون قرار ڏنل لاڙ جي سامونڊي پٽي ۾ ڀيانڪ سامونڊي طوفانن جي هر وقت خطرن کان سواءِ سونامي جھڙي هيبت ناڪ خطري جو پڻ امڪان ظاهرآهي. هوڏانهن اڄ کان 12 ورهيه اڳ ايل بي او ڊي (خوني راڪاس) جي ڦاٽل اوجھه جي ڊونگ کي واپڊا، سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جا نقلي ماهر، انجينئر واپڊا، ورلڊ بئنڪ ، وهندڙ دريائي وهڪرو لکين ڪيوسڪ سمنڊ جو کارو پاڻي اڄ ڏينهن تائين واهي رهيو آهي جنهن سان بدين ضلعي ۾ اٽڪل 10 ڪروڙ 25 ڪروڙ رپين جي لاڳت وارو واپڊا جو 2009ع ۾ شروع ٿيندڙ ميگا پراجيڪٽ پڻ رولڙي جو شڪار ٿيو ويو آهي. جنهن منصوبي جو ڪم اڃان تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي. بدين ۽ لاڙ واسين جو ساھ مٺ ۾ آهي. سمنڊ سندس سرن تي چهڙي بيٺل آهي ۽ ملڪي حڪمران خاموش تماشائي بڻجي چين واري بانسري وڄا ئي رهيا آهن.
|