|
وٺا مينهن ملير تي ٽهڪي نڪتا ٽوهه ناشاد نصرالله سمون هيلوڪي بارشن ٿر جي اُڃارين اکين کي طويل انتظار جا عذاب ڏيڻ کانپوءِ جڏهن مهربان پرينءَ جي اڻ کٽ چاهتن جيئن مينهن ڪڻين جون چميون ارپڻ شروع ڪيون آهن تڏهن ٿر جي درد ماريل وياڪل دل جي ويساهه جي وارتاتن ۽ بارشن جي ڀرم کي ڪو لوڏو اچي نه سگهيو آهي ڇو ته ٿر فطرت جي مهڪارن جو شاهڪار خطو آهي ۽ فطرت جي محبوبيت جو مظهر آهي ان ڪري ئي ٿر فطرت جي ڪرم تي ڀرم رکي ٿو. ٿر فطرت جي مهربانين کان ڪڏهن به مايوس ٿي دل هاري ناهي! تڏهن ئي ته چوندا آهن ته ٿري ماڻهو ڪڏهن به نااميد نه ٿيندو آهي ڇو ته قدرت جي شان سان هر سال مقرر وقت تي امبر جي نيري آڳند تان گهنگهور گهٽائون گجگوڙ ڪري کنوڻين جي کينچل سان ڌرتي جي پيلسي بدن تي برسن ٿيون ۽ برسنديون ئي رهن ٿيون. جن جي برسڻ سان اها ڌرتي اهو خطو جتي ڪو به نهري نظام موجود ناهي بنجر ۽ ڀڙڀانگ ڀٽون آهن سڪل ۽ ٺوٺ واري آهي انهيءَ جي اجڙيل ڇاتي مان راتو رات سوين قسمن جا ساوا چهچ گاهه، گلابي ۽ ناسي ٻوٽا ۽ وليون ائين اڀري پون ٿا جيئن نئين جوڀن ۾ شرميلي حسن کي الهڙ نيڻن ۾ عشق جو منظر اترڻ سان هزارين نفيس حسرتون ڪرموڙي جاڳي پونديون آهن! هونءَ ته ٿر جي قديم تاريخي دامن ۾ فطرتي سونهن جا سوين رنگ موجود آهن پر سندن سندرتا ۽ ڪوملتا سانوڻي جي مندائتي مينهن جي ڪڻين سان ئي نکري ۽ نئون منظر پيش ڪرڻ لڳندي آهي. ٿر صوبي سنڌيڍ جو اهو وارياسو علائقو آهي جتي سموري انساني آبادي ۽ چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت ۽ هزارين وڻن ۽ ٻوٽن جي زندهه رهڻ لاءِ هر سال بارشن جو وسڻ انتهائي ضروري آهي سندن حيات جو سڳو مينهن سان گهاٽو نينهن رکي ٿو. هي اهو علائقو آ جتي بارش کانسواءِ ڪا به آبادي نه ٿي ٿئي ۽ نه ئي چوپائي مال لاءِ چارو ٿئي ٿو. بارشون نه پوڻ ڪري ٿر جتي معاشي حوالي سان سخت متاثر ٿئي ٿو اتي فطرتي حسن جوبه ڄڻ ته موت ٿئي ٿو، تاريخي ۽ ثقافتي حوالي سان به ٿر وانجهيل ئي رهجي وڃي ٿو. جڏهن ٿر تي سانوڻي جي سدا سرهي رت ۾ ڪارا ڪڪر پرينءَ جي نڪ جي ڦلي جيئن چمڪاٽ ڪندڙ کنوڻيون کڻي وڏو ڦڙو سائيندا آهن ٿر جي واري اُڃ اجهائيندي آهي سبز گلابي گاهه ۽ ٻوٽا گلزارڪري ڇڏيندا آهن،ويران پيل پٽن ۾ ٿري فصل ڦٽي پوندا آهن ۽ ماروئڙن جو چوپايو مال به چهچ ساوا گاهه چري ۽ پلر پي پيو ڀٽن پاسي گهمندو آ ماروئڙا خوشحال ٿي ويندا آهن ۽ گڏجي پيا مسرتون ملهائيندا ۽ مختلف شوق پورا ڪرڻ لاءِ ثقافتي سرگرمين ۾ سرگرم ٿيندا آهن، تڌهن ئي ٿر معاشي، تاريخ ثقافتي ۽ سياحتي ميدانن ۾ اڳڀرو ٿيندو آهي. هيل مندائتي مينهن اڳ جيان اچڻ ۾ ڪجهه دير ڪئي آهي ٿر ۾ جولاءِ جو مهينو مينهن جو موزون مهينو سمجهيو وڃي ٿو، هن سال ٿر جي ماروئڙن آسائتين اکين کي کنوڻ جو ڪو کينچلپڻو پسڻ لاءِ ڪافي ڏينهن آڪاش ۾ اٽڪائي رکيو ۽ آس رکي اداس دل کي آٿتون ڏيندا رهيا ته قـْلــــي آس قــًر مــــــان نه آٿوهـــــــرن، ڀٽائي ڏسيــــن ٿو وڄون ٿيون ورن!! ٿر جي لکين بيوس ۽ بي پهچ مفلس ماروئڙن جي بيوسي واري حالت زار تي فطرت هيڪاندي مهرباني ٿي پئي ۽ جولاءِ جي آخري تاريخن ۾ ڪارونڀار ڪڪرن جي اڪثر علائقي کي پلر پالوٽ سان وهنجاري ڇڏيو آهي. وُٺو وڏو ڦڙو آهي، خوشبو دڙو دڙو آهي! وينگس جي وارڇنڊڻ سان، مهڪيو هر مڙهو آهي! درد مندن جي ديس تي هيلوڪي سانوڻ رت جي رسيلين بوندن رنگ لائي ڇڏيا آهن ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ٿر جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن تي مندائتي مينهن برابر ڀال ڪيا آهن ۽ ٻاجهاري رب* جي ٻاجهه جا ڪڪر اوڙڪون ڪري اُڃاري ڌرتي اڃا به ڀڄائي رهيا آهن! بنا ٻج پوکڻ جي ڪئي قيمتي ۽ خوبصورت گاهه، ٻوٽا نئين جوڀن جهڙن جذبن جون مستيون کڻي ڦٽي نڪرن ٿا، جيڪي ڪجهه وقت کانپوءِ ٿر واسين لاءِ وڏو قدرتي قيمتي سرمايو بڻجن ٿا. ٿر ٿوهـــــــر گهر جهـــــــوپڙا ٻارڻ جنيـــــن ٻـُـــــوهه، وٺا مينــــهن مليـــــر تي ٽهـــــڪي نڪــــقـِا ٽــــوهه، رات به منهنجي روح سـُـتي سانگي ساريا....!! (شاهه) هينئر جڏهن ٿر جي قديم ٿاڪن کي مندائتي مينهن ٿڌاڻ ۽ سرهاڻ سان سنواري ڇڏيو آهي ڌرتي جي تڙپندڙ ۽ اڃاري وجود تي وڏ ڦڙي وڙڪري ڇڏيا آهن نئين ڪوٽ کان ننگر پارڪر ۽ امراڻي توڙي مهراڻي تي مندائتي مينهن جون پرين جي پهرين پيار ۾ ڏنل چمين جهڙيون ڪڻيون ڇڻيون آهن، ڌرتي پياس اجهائي آ، ڌرتي تي پيل بارش جي بوندن کانپوءِ اُٺي جا هڳاءَ حسين هوائن ۾ شامل ٿي احساسن جي اڱڻ ۾ جڏهن پهچن ٿا ماڻهو جومن فطرت جي محبوبيت ۾ مخمور ٿي وڃي ٿو! ها مارئي جي ديس تي هنن هيلوڪين بارشن کانپوءِ ڀنل ڀونءَ مان مدهوش خوشبو مهڪي اٿي آ هر طرف هوائن ۾ حسناڪ هڳاءُ آهن، سڪل وڻن ۾ ڄڻ ته ساهه پئجي ويو آ، وڻ ٻوٽا نئين زندگي جو مزو ماڻي رهيا آهن، ڌرتي تي پله جي پالوٽ ٿي ڏسجي نيزي امبر تي ڪنهن جي ڪاڪلن جهڙيون گهنگهور گهٽائون ڇانيل آهن جي ڌرتي تي محبوب جيان ڇانورو ڪيو بيٺيون آهن ۽ موسم مهڪارن ۾ وڃايل ۽ احساسن کي ڇهاءُ ڏيندڙ ٿي وئي آ، ڪارونجهر جي ڪور تان مورن جي مٺڙن سرن سان مهڪندڙ ٽهوڪا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ڀتن جي ڀنل ڀوري بدن تي به ڊيلن جون ڊوڙون مورن جا رومينٽڪ رقص ۽ روهيڙن جا عڪس اکيون ڏسي رهيون آهن! اکيون اهو به ڏسي رهيون آهن ته آگميل آڪاش جي هيٺ مينهن جي متوالي ٻاٻيهي ۽ ٻين معصوم پکين جون اڏارون ڀوڏيسر تي بنا ڪنهن ڀو جي لهي رهيون آهن ۽ پکين جي مڌر مڌر ٻولين ۾ مسرت، مستي محبت سان گڏ ٻاجهاري رب جي پچارن جا پڙلاءُ اهو چوپايو مال جيڪو سخت تڪليفن ۾ ورتل هيو ۽ بکن ۾ پاهه ٿي رهيو هو بک ۽ اڃ سندس وجود کي ساڻو ۽ بي ستو بڻائي ڇڏيو هو جنهن ڪري سندس ٿڻن کير ڏيڻ ئي ڇڏي ڏنو هو بارش پوڻ کانپوءِ خوش ۽ خوشحال نظر اچڻ لڳو آئون ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو آ، پلر جي پالوٽ ٿيڻ سان انهن بي زبان ساهوارن جي اڃ به اجهي وئي آ سائي چهچ گاهه جي سنهڙن سلن ڏسڻ سان ئي بک دور ٿي وئي آ! ان ڪري ئي ٿر واسين جي جهرندڙ جيءَ ۾ جرڪندڙ جذبا جاڳي پيا آهن. لٿل ۽ اداس چهرن تي خوشيءَ ۾ اطمينان جي چانڊوڪي وري چمڪي پئي آ ۽ ماٺ جي مڪلي ٿي ويل مرجهايل چپن تي موڪلائي ويل مرڪن جا گلاب وري ٽڙي پيا آهن ۽ سندن نئين امنگن جي انڊلٺ اڀري پئي آ. ٿر، وسڪاري، اٺي جي هيرن، ڌرتي جي ڀنل خوشبو، ساهوارن جي مسرتن سان جهومندڙ احساسن ۽ ڪنهن سندر وينگس جهڙو ڏيک ڏيندڙ منظرن کي عظيم لافاني شاعر مرشد لطيف، شيخ اياز، تاجل بيوس، حليم باغي کان وٺي سنڌ جي نئين ٽهي جي ناميارن شاعرن ايوب کوسو، ناشاد رحم علي، حاجي ساند، سائينداد ساند، بلاول اوٺو ۽ ٻين جي لفظن ۾ جڏهن پڙهجي ٿو ته ڪنهن سفيد ڪپڙي تي نفيس ۽ گلابي آڱرين جي محنت سان ڀريل سنڌي ڀرت جيئان ڀاسي ٿو! مرشد لطيف جي مقدس رسالي جي سر سارنگ، سرمارئي ۽ سـُـر کنڀات ۾ ٿر جي فطري حسن جي دلبرين جا داستان مرشد ائين سمايا آهن جو سموري فطرت جو اڻ ڏٺي ئي مطالبو ۽ مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. مرشد لطيف فرمايو آهي: نڪا جهل نه پل، نڪو رائڙ ڏيهه ۾ آڻيو وجهن آهرين روڙيو رتا گل، مارو پاڻ امل، ملير هون مرڪڻو!! هي اها محبوب ۽ رومانس جي ريشمي رومال ۾ ويڙهيل رت آ جنهن جي ٿڌيرين سرمئي شامن ۾ جڏهن ڀٽن جي ڀورڙي بدن تي ٻه پل ويهي ڏور نگاهون تاڻي ڏسجي ٿو ته ٿر ڀٽائي جي سرسارنگ جي بيتن جو حقيقي پسمنظر لڳي ٿو. جڏهن ڪو ٿري ڌنار اندر جي اونهائين مان نڪرندڙ بانسري جي مڌر آلاپن ۾ ڇيڙي ويهي ٿو. "رات به مينهڙا وٺا کنوڻين کيل ڪيا" يا بوند برهه جي بهار لڳي وئي دردمندي جو ديس وسي پيو!! سچ پڇو ته احساسن جي سمنڊ ۾ چنچل جذبن جون چريون ۽ ڇوليون سانوڻي جي سنڌوءَ جيئن ڇلي پون ٿيون!! هي رت ٿر جي کيتن کي به کيڙڻ جي رت آهي، برسات پوڻ کانپو”ٿري هاري پنهنجي ٻنين مان جهنگ ۾ جهاڙيون ڪڍي صاف ڪري اٺن، ڍڳن، گڏهن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب ٽريڪٽر سان کيت کيڙيندا آهن، هن وقت ٿر جي واهن وستين ۽ ڳوٺن ڀرسان ٻنين ۾ پوکي ڪندڙ ٽريڪٽرن جي ٽيپ رڪارڊرن تان فل آواز ۾ ٿر ڄائي سريلي فنڪاره مرحومه فوزيه سومرو ۽ حيدر رند جي مارواڙي ۽ سنڌي گيتن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جيڪي ٿري ماروئڙن جي من ۾ ويتر مسرتون ڀري ڇڏن ٿا. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ انهن کيڙيل کيتن ۾ ٻاجهر، گوار، مڱ، موٺ، چونرن ۽ جوئر جا فصل لهرائيندي ڏسبا ۽ ٿري ڀاڄيون تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهچنديون. کنڀي ٿر جي اها لذيذ ترين ڀاڄي آهي جيڪا سڪل ڌرتي تي بارش پوڻ کانپوءِ فقط ٻن يا چئن ڏينهن ۾ بنا پوکڻ جي وڏي مقدار ۾ اڀري پوندي آهي ان کانسواءِ مريڙون به هڪ سائي ۽ تازي ڀاڄي تصور ڪئي وڃي ٿي جيڪا بهترين ۽ مزيدار ڊش بڻجي ٿي. هينئر جڏهن ٿر وٺو آهي ڌرتي جي بدن تي مخملي سبز ۽ رنگين ساڙهي ستت ئي ويڙهجڻ واري آ، تل، ترايون، ٽوپا پلر سان ڀريل آهن ڀٽاريون پلر پي ڀٽن پاسي ڀيرا پيون ڏين، ڪارونجهر، ڪجلاسر، ڀوڏيسر، آڌيگام، ۽ ڪاسٻي جو فطرتي حسن الهڙپدمڻي جي ادائن جهڙو پيو لڳي، ڪارونجهر تي مورن جون مٺڙيون صدائون آهن ڀٽن تي بانسري جا سر وکريل آهن ماروئڙا مال سميت خوش آهن! ڪارونجهر ڪجهه ڏينهن ۾ ئي هزارين سياحن لاءِ تفريحي گهرجن جو گهوارو بڻجڻ وارو آهي ڪجلاسر ۽ ڪاسٻو ڪجلين اکين جي سيج تي ستل ڪنهن سندر سپني جي تعبير پيا لڳن انهن سمورن محبوب منظرن کي مرشد لطيف جي بيتن ۾ ئي بيان ڪري سگهجي ٿو. هن مند مارو سنرا ويڙهين وڳ وارين ڇڇئين ڇيڪاريو ڇيلڙا، پٽين پهرائين، تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون....!!! (لطيف سرڪار) |
|
|