|
|||
|
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو مولائي ملاح اڄ 15هين شعبان المعظم جي رات آهي. جنهن کي "شبِ برات" چيو وڃي ٿو هر رات جيان هن رات جي به هڪ پنهنجي اهميت ۽ فضليت آهي. هن رات جي حوالي سان ڪيترائي واقعا منسوب ٿيل آهن. اڄوڪي برڪتن ڀري رات مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ خدا پاڪ جا حمد رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ نعتون امام عالي مقام جا قصيدا محفلن ۾ ٻڌايا ويندا آهن. هي ڇوٽڪاري واري رات آهي، هن رات جون ڪيتريون ئي فضيلتون آهن روايت ۾ آهي ته اڄوڪيءَ رات تي حضرت علي عليه اسلام جن جي رسول صلعم جن جي اڪيلي نياڻي حضرت فاطمته الزهره سلام الله عليها جن سان شادي ٿي. ٻي هڪ روايت اها به آهي ته اڄوڪي رات حضرت امام مهدي آخر زمان عليه اسلام جن جي ولادت ٿي آهي. هن رات تي رب پاڪ پنهنجن بندن لاءِ پنهنجي سخاوت جي خزاني جا سڀ دروازا کولي ڇڏيندو آهي. ائين کڻي چئجي ته هيءَ رات رب پاڪ پاران پنهنجن گنهگار بندن لاءِ هڪ قسم جي نئين سال جي بجيٽ جي رات هوندي آهي. "پويون حساب پنهنجي جاءِ تي ۽ نئون حساب شروع". اڄوڪي رات اسان کي اهو موقعو فراهم ڪندي آهي ته جيئن اسان پنهنجا گناهه بخشرائڻ لاءِ مالڪ حقيقيءَ جي درٻار ۾ سرنوائي توبهه تائب ٿيون، ته جيئن اڄوڪي رات جي عبادت جي واسطي مالڪ حقيقي اسان جي ڪيل توبهه قبول ڪري وجهي. هر حوالي سان هن رات جي هڪ اهميت آهي. ننڍپڻ ۾ اڄوڪي رات جي هڪ فضليت جي حوالي سان امڙ جي هنج ۾ ويهي ڪهاڻي هيئن به ٻڌندا هئاسين ته اڄوڪي رات هڪ مسڪين ماڻهو مفلسيءَ کان ڏاڍو تنگ ٿي، درياهه جي ڪنڌيءَ ويهي پنهنجي آڏو مٽيءَ جي ڪچي سر رکي الله هو الله هو جي تسبيح سورڻ لڳو. پهريائين اهائي صدا هيس ته اي رب پاڪ هن مٽيءَ جي سر کي سون ۾ تبديل ڪري ڏي. جڏهن هڪ پهر تائين اها مٽيءَ جي سر سون نه ٿي ته هن اميد نه هاري، وري اکيون بند ڪري چوڻ لڳو ته اي! رب مٺا هن سر کي هاڻ ڀلا چانديءَ ۾ تبديل ڪري ڏي. رات جي هڪ پهر تائين ائين ئي ٻاڏائيندو رهيو. اکيون جو کولي ته ساڳي مٽيءَ جي سر اڳيان. وري هن رات جي آخري پهر ۾ ٻاڏائڻ شروع ڪيو ته اي! رب مٺا هن کي هاڻ ڀلا ٽامي جي سر ۾ تبديل ڪر ته اها سر ان مهل ئي ٽامو ٿي وئي. هن ڳوڏن تي هٿ هڻي چيو ته ابول سڄي رات جي عبادت جي اها ئي ته گهڙي قبوليت جي هئي. هي مون ڇا ڪيو! ان مهل اگر سون چوان ها ته سون ٿي پوي ها. ٻي ڪهاوت اها به آهي ته ان رات جي ڪنهن پهر ۾ سڀ وهندڙ درياءَ کير ٿي ويندا آهن. پر اها به سڄيءَ رات ۾ ڪائي هڪ مختصر گهڙي هوندي آهي. هتي سڀني شين جو حوالو ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته هن رات جي فضليت، برڪت تمام گهڻي آهي. اڄوڪي رات جي عظمت کان هر فقه جو عالمِ دين ڪنهن به ريت انڪار نٿو ڪري سگهي. اڄوڪي رات 200 کان وڌيڪ رڪعت نماز نفل پڙهيا ويندا آهن. سومهڻيءَ ٿيڻ کان پوءِ فضا ۾ هر طرف کان الله هو - الله هو جي صدا ٻرڻ لڳندي آهي. مسجدن، امام بارگاهن ۽ گهرن تي چراغان ڪيو ويندو آهي. اگربتين جي خوشبوءِ جو هڳاءُ ماحول کي معطر ڪندو آهي. اها ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ان رات اسان وٽ خدا پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارو عمل ڪيو ويندو آهي. جيڪو آهي ڦٽاڪا ڦاڙڻ وارو. هن عمل سان ڌرتيءَ تي فرشتا هيٺ اچڻ کان لنوائيندا هوندا ڇو ته اهڙن عملن سان پاڪ مخلوق ۽ ديندار ماڻهن جي دل آزاري ٿيندي آهي. ڪنهن جي به دل ڏکائڻ ڀلا ڪو ئي چڱو قدم آهي ڇا؟! ڦٽاڪا ڦاڙڻ جي روايت، ڪافرن، يهودين جي آهي. اهي شادين جي رسمن، مسلمانن جي عبادت ۾ رخنو وجهڻ لاءِ ائين ڪندا هيا. اسين اڄوڪي رات ايئن ملهائي آخر ڪنهن کي راضي ڪندا آهيون؟ شيطان کي يا خدا پاڪ کي....!؟ اسان کي حيرت ته ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن ڪي پڙهيا لکيا ماڻهو به پنهنجي اولاد کي هزارين روپين جا ڦٽاڪا وٺي ڏيندي فخر محسوس ڪندا آهن. اسان پنهنجي اهڙي عمل تي سوچيو آهي ته اسين اهو آخر ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ائين ڪرڻ سان هڪ ته اسان پنهنجي رزق حلال جي ڪمائي کي پوٽاش جي دونهين جي ڌپ ۾ اجايو زيان ڪري رهيا آهيون ٻيو ته پنهنجي اولاد کي عبادت لاءِ ڪنهن مسجد، امام بارگاهه ۾ وڃڻ کان روڪي رهيا آهيون. اڄوڪي برڪتن ڀري عظيم رات ۾ پنهنجي اولاد کي عبادت ڪرڻ کان روڪي رهيا آهيون. فضول خرچي کي اسلام ۾ چڱن عملن ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. اڄوڪي عظمت ڀري رات جي تقدس کي ائين پائمال ڪرڻ سان خدا تعاليٰ اسان تي ناراض ٿيندو. اڄوڪي رات جي تقدس کي بحال رکڻ لاءِ انهن باشعور ماڻهن کي انهيءَ طرف وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڦٽاڪا ڦاڙڻ وارين رسمن کان پاسو ڪري پنهنجي اولاد جي هٿن کي گندرف کان خالي ڪري انهن پتڪڙن هٿن ۾ تسبيح پڪڙائڻ گهرجي. جنهن عمل ۾ رب پاڪ به راضي ٿي پوندو. معصوم فرشتن جي دعا عرش تان خالي واپس ڪو نه ٿيندي آهي. هنن ڏهاڙن ۾ پوليس جي مدد سان شهرن ۽ ڳوٺن جي هر گهٽيءَ ۾ تخريبڪاريءَ جا سوداگر سڄو مادو، سامان ريڙهن تي سجائي کلي عام وڪرو ڪندا آهن. جتي ٻارڙن جي رش سڀ کان گهڻي هوندي آهي. رڳو ٻار ئي نه پر مرد توڙي عورتون به ريڙهن تان ڦٽاڪا خريد ڪنديون آهن. جيڪي رات جي پهرين پهر ۾ گهر، محلي جي گهٽين ۾ ننڍڙن ٻارڙن جيان انهن کي تيلي ڏئي ڦٽو ڪنديون آهن. |
|||
|