عبرت ايديشن

شب برات - ڇوٽڪاري واري رات

صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو


                اسلامي مهينن ۾ شعبان جي مهيني کي وڏي عظمت حاصل آهي. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن شعبان کي پنهنجو مهينو قرار ڏنو آهي. امام نسائي رحه حضرت اسامه بن زيد رضه کان روايت ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن کي عرض ڪيم ته يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جيترا روزا اوهان ماهه شعبان ۾ رکو ٿا ايترا ڪنهن ٻئي مهيني ۾ رکندي نه ڏٺو اٿم. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته ماڻهو هن مهيني جي عظمت ۽ بزرگي کان غافل آهن هي مهينو رجب ۽ رمضان جي وچ ۾ اچي ٿو، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ مخلوق جا اعمال خدا وند ڪريم جي حضور ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا. مان چاهيان ٿو ته منهنجو عمل روزيدار جي حالت ۾ پيش ٿئي. هن مهيني ۾ پندرهين شعبان جي رات بابت حديثن ۾ وڏي برڪت بيان ٿيل آهي، هن رات ۾ ساري سال جا معاملا طئي ڪيا وڃن ٿا. ابن ماجه ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو ته جڏهن شب برات (پندرهين شعبان جي رات) اچي ته رات جو جاڳو، تلاوت ڪريو ۽ ڏينهن جو روزو رکو. انهيءَ ڪري جو انهيءَ رات سج لهڻ کان پوءِ خدا وند ڪريم آسمان، دنيا تي تجليٰ فرمائين ٿا ۽ خدا جو منادي ڏيندڙ فرشتو هن طرح پڪاريندو رهي ٿو ته "آهي ڪو معافي گهرڻ وارو ته ان کي معاف ڪريان" ۽ "آهي ڪو توبهه ڪرڻ وارو ته ان جي توبهه قبول ڪريان" ۽ "آهي ڪو سوال ڪرڻ وارو جو ان کي سندس گهربل شيءِ ڏيان ۽ ساري رات هي محبت ۽ شفقت آميز پڪار ٿيندي رهي ٿي."

هن رات کي برات جي رات انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو جو برات معنيٰ بري ٿيڻ، آزاد ٿيڻ. هي رات اڪثر گنهگارن جي ڇوٽڪاري جو باعث هئڻ سبب برات جي نالي سان مشهور آهي. حضرت ابوبڪر صديق رضه کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته شعبان جي پندرهين رات جو عبادت ڪريو. بيشڪ هيءَ مبارڪ رات آهي. انهيءَ رات الله تعاليٰ پنهنجن بندن کي فرمائي ٿو ته آهي ڪو مغفرت گهرڻ وارو ته ان کي بخشي ڇڏيان. ذڪر ڪيل حديثن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن رات ۾ جاڳي عبادت ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيل گناهن جي معافي وٺجي. جيترو ٿي سگهي پنهنجي رب جي عبادت ڪجي، نفل نمازون پڙهجن، ڪلام الاهي جي تلاوت ڪجي. ڦٽاڪا ڇوڙڻ ۽ ڏياٽيون ٻارڻ غير اسلامي رواج آهي انهيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. آتش بازي ۽ ڦٽاڪن جي ڪري پنهنجي حق حلال جي ڪمايل پئسن کي باهه جي حوالي ڪرڻ ڪيتري نه خراب ڳالهه آهي.

هن ڀلاري رات ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي:

1. سج لهڻ کان سومهڻيءَ تائين مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ.

2. سج لٿي جي نماز ۽ سومهڻيءَ جي نماز جي وچ ۾ سورت سجده ۽ سورت مـَـلڪ جي تلاوت ڪرڻ.

3. هڪ حديث ۾ آهي ته 15 شعبان جي رات سج لٿي جي نماز بعد ست پن ٻير جا پاڻيءَ ۾ وجهي غسل ڪندو ته هر هڪ قطري جي عيوض ست سئو رڪعتن جو ثواب ملندو ۽ سارو سال جادو ۽ جنن جي اثر کان محفوظ رهندو، غسل بعد 2 رڪعتون تحيته الوضو نماز پڙهي هر هڪ رڪعت الحمد کان پوءِ آيت  الڪرسي هڪ دفعو ۽ سورت اخلاق 3 دفعا پڙهجي.

4. هن رات ۾ مقامن ۾ وڃي اهل القبور لاءِ مغفرت جون دعائون گهرڻ سنت آهن ڇو جو انهيءَ رات خود سرورِ ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم جن به جنت البقيع جي قبرستان ۾ تشريف ٿيندا  هئا.

5. انهيءَ رات ۾ سوره يـٰـسين* شريف ٽي دفعا پڙهڻ گهرجي، پهرين يـٰـسين* شريف شروع ڪرڻ وقت رزق جي ڪشادگيءَ جي نيت ڪجي. ٻي يـٰـسين* شريف شروع ڪرڻ وقت دنياوي مصيبتن کان امن ۾ رهڻ جي نيت ڪجي.

6. هن رات ۾ 4 رڪعتون نماز تسبيح پڙهڻ گهرجي. هڪ روايت موجب هي نماز حضور صلعم جن پنهنجي چاچي حضرت عباس رضه کي سيکاري هئي ۽ پاڻ صلعم جن فرمايو ته هن جي پڙهڻ سان خداوند ڪريم اڳيان پويان، نوان پراڻا، ننڍا وڏا ۽ ظاهري ۽ باطني سڀ گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو. نماز تسبيح پڙهڻ جو طريقو: هي ڏينهن ۽ رات جي انهن حصن ۾ پڙهي سگهجي ٿي جنهن ۾ نفل پڙهڻ جائز هجن، هيءَ نماز شب برات کان سواءِ به پڙهي سگهجي ٿي ۽ صرف ڏينهن يا رات ۾ هڪ دفعو پڙهڻ گهرجي جيڪڏهن اهو به ممڪن ناهي ته صرف سال ۾ هڪ دفعو پڙهڻ گهرجي اهو به نه ٿي سگهي ته حياتي ۾ هڪ دفعو به ضرور ادا ڪرڻ گهرجي. تسبيح جي دعا سـُـبحـَـانَ الله،ِ وَالحـَـمدُ للهِ واِلـٰـه اله الا الله والله اڪبر

هي نماز 4 رڪعتون آهي ۽ هڪ سلام سان پڙهي سگهجي ٿي پهرين رڪعت ۾ ثناءِ تسميه کان پوءِ سوره فاتحه ۽ ڪاٻي سورت پڙهڻ بعد پندرهن دفعا تسبيح پڙهڻ گهرجي، ان بعد رڪوع ۾ وڃڻ سميع الله لمن حمد پڙهي وري ڏهه دفعا تسبيح پڙهجي پوءِ سجدي ۾ سبحان ربي الاعليٰ بعد ڏهه تسبيح پڙهجي پوءِ ٻئي سجدي ۾ به ڏهه دفعه تسبيح پڙهجي پوءِ بغير الله اڪبر چئي سجدي مان اٿجي ۽ ويهي ڏهه دفعا تسبيح پڙهجي ۽ بعد ۾ ٻي رڪعت لاءِ اٿجي ۽ اهڙي طريقي سان باقي رڪعتون به مڪمل ڪجن.

شب برات ۾ نماز نفل ادا ڪرڻ جا طريقا هن طرح آهن.

1. 8 رڪعتون نفل هر هڪ رڪعت ۾ الحمد کانپوءِ سورت اخلاص 25 دفعه

2. 2 رڪعتون نفل هر هڪ رڪعت ۾ الحمد کانپوءِ آيت الڪرسي هڪ دفعو ۽ سورت اخلاص 18 دفعه پڙهجي.

3. 2 رڪعتون نفل هر هڪ رڪعت ۾ الحمد کانپوءِ 10 دفعه سورت اخلاص پڙهجي.

4. 2 رڪعتون نفل هر هڪ رڪعت ۾ الحمد ۽ 50 دفعه سورت اخلاص پڙهجي ۽ صبح جو روزي جي نيت ڪجي.

5. 14 رڪعتون نفل هر هڪ رڪعت ۾ الحمد کانپوءِ ڪا به سورت پڙهجي نماز ختم ڪرڻ بعد الحمد، قل هو الله ۽ آيته الڪرسي هر هڪ 4 دفعا پڙهجي ۽ هيءَ دعا پڙهجي.

لـَـقـَـد حـَـّاءَ ڪـُـمُ رَسـُـول مـِ*ـن اَنفـُـسـِـڪـُـمُ عـَـزيزُ عـَـلـَـيهِ عـَـنـَـقـُـِم حـَـريصُ عـَـلـَـيکـُـم قـِـّاالمـَـومـِـنـِـينَ رَؤُف ر*حيم فـَـاِد تـَـوَلـ*ـو اَفـَـقـُـلُ حـَـسقـِـّيَ الله لا الـٰـه الا هـُـو عـَـلـَـيهِ تـَـوَکلتُ وُهـُـوَ رَقُّ العـَـرشِ العـَـظـِـيمِ.

ان بعد جيڪي به دفعا گهربي ته قبول پوندي. تسفير ڪاشف ۾ آهي ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته جيڪو شخص 15 شعبان جي رات جو 100 رڪعتون نفل نماز پڙهندو ته ان ماڻهوءَ جي لاءِ ساري سال واسطي 100 ملائڪ مقرر ڪندو. 30 ملائڪ بهشت جي خوشخبري ڏيندس. 30 دوزخ جي عذاب کان بچائڻ جي دعا گهرندس. 30 ملائڪ دنياوي مصيبتن کان امن جي دعا ڪندا رهندا.  باقي 10 ملائڪ شيطان جي شر کان محفوظ رکندس. نماز ۾ هر رڪعت ۾ الحمد بعد 10 دفعا سورت اخلاص پڙهڻ گهرجي. خدا وند ڪريم هن رات ۾ اسان کي وڌ کان وڌ عبادت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. (وما توفيقي الا البلاغ)

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk