وطن ڪارڊ تي ڪاروبار شروع

حاجي فيروز علي پٺاڻ


                هاڻوڪين برساتن کانپوءِ برسات جي تباهي ۾ متاثر ٿيل لکين بي گهر ٿيل خاندانن جي مالي سهائتا لاءِ هن عوامي حڪومت پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، 28 آگسٽ کان هن سنڌ صوبي جي وچ وارن ضلعن ۾ خاص طور سنڌ جي دل جو درجو رکندڙ، ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ جيڪا تباهي برپا ٿي، جنهن هن صدي جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو، جڏهن ته برساتي سلسلي کي ختم ٿئي هڪ مهينو گذري چڪو آهي پر اڃا تائين هن علائقي جون ڪافي ديهون، زرعي زمين، باغ، ڳوٺ گهر، قديمي قبرستان، مسجدون، ڀاڳين جا وٿاڻ پاڻي هيٺ آهن. برساتي سلسلي جي شروع ٿيڻ سان ضلعي شهيد بينظير آباد ۽ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي آبائي اليڪشن تڪ ۾ تعلقي دوڙ ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم ايم اين اي  فريال ٽالپر، هتان جي چونڊيل ايم اين اي عذرا پيچوهو  طرفان هنگامي بنيادن تي متاثرين جي هر ممڪن واهر ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا. تعلقي ۾ امدادي سلسلو تيزي سان شروع ٿي ويو ۽ متاثرين ۾ راشن ۽ ٻيو ضرورت زندگي جو سامان وڏي مقدار ۾ تقسيم ٿيو. امدادي سامان جو سلسلو اڃا جاري آهي ته هتان جي متاثرين لاءِ تعلقي دوڙ ۾ چار سينٽر قائم ڪري پاڪستان ڪارڊ (اي ٽي ايم) کان دوڙ، سٺ ميل، ڄام صاحب، پنج چڪ سهيلو ۾ سينٽر قائم ڪري نادرا طرفان يو بي ايل بئنڪ جي تعاون سان ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ڪارڊن جي جاري ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان انتهائي صاف ۽ شفاف طريقي سان  ڪمپيوٽرائيزڊ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن گهڻين پيچيدگين جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪارڊ جي مدد سان ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اهتمام ڪيل آهي ۽ هڪ اطلاع مطابق جيئن ته ضلعي شهيد بينظير آباد کي چئني تعلقن سميت آفت سٽيل علائقو قرار ڏئي هر هڪ فيملي اڳواڻ کي پاڪستان ڪارڊ جاري ڪرڻ جو ٻڌايو ويو آهي، انهي آسري ۽ اميد سان هتان جا هزارين ماڻهو  صبح الفجر کان شام تائين پاڪستان ڪارڊ جاري ڪندڙ سينٽرن آڏو وڏيون وڏيون قطارون ٺاهي بيٺل  نظر اچن ٿا ۽ اهو سلسلو 3 آڪٽوبر کان شروع آهي. پاڪستان ڪارڊ حاصل ڪندڙ انهن هزارين متاثرين سان ڪهڙا ڪهڙا مسئلا پيش اچن ٿا، ان جو ذڪر ته هيٺ ڪجي ٿو پر اهي هزارين متاثرين جيڪي اڳي برسات جي تباهي جو شڪار ٿيل آهن. جن جا ڳوٺ برباد ٿي چڪا آهن، گهر ڊهي چڪا آهن، بيٺل فصل خاص طور ڦٽيون جيڪي چند ڏينهن بعد روزي ۽ سندن معاش جو ذريعو ۽ هزارين ننڍين وڏين خواهشن ۽ خوشين کي  پورو ڪرڻ جو ذريعو  بڻيل هيون، چند ڏينهن ۾ سرسبز فصل سڪل ڪکن ۾ تبديل ٿي ويو. هڪ طرف، هر هڪ اهو ننڍو وڏو زميندار آبادگار جيڪو پنج ايڪڙ زمين رکندڙ يا پنج سئو ايڪڙ زمين جو مالڪ هاري ۽ مزدور زميندار ۽ مقاطعيدار يا زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيو جو جيئن ڪنهن بکايل آڏو ماني رکي واپس کنئي وڃي. ٻئي پاسي سرڪاري امداد ۽ هن وقت پاڪستان ڪارڊ جنهن مان پهرين مرحلي ۾ ڏهه هزار ۽ بعد ۾ ٻئي مرحلي ۾ ڇا ملند؟ اها رقم سندن  نقصان جو ته ازالو نه ٿي ڪري سگهي پر تنهن هوندي به حڪومت طرفان ملندڙ امداد کي ٻڏل ٻيڙي جون هريڙون سمجهي. متاثرين پاڪستان ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا ڪم ڪار ڇڏي پاڪستان ڪارڊ سينٽرن سامهون اڃ، بک، اس ۽ گرمي ۾ صبح کان شام تائين پيهه ۽ رش ۾ بيٺل نظر ايندا آهن، پر بدقسمتي سان انهن متاثرين کي پنهنجي نمبر اچڻ تي اندر داخل ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو ته خبر پئي ٿي ته سندس جو ڪارڊ اڃا نه آيو آهي.

3 آڪٽوبر کان اڄ تائين مليل معلومات مطابق 40 کان 60 سيڪڙو متاثرين جا ڪارڊ نه آيا آهن پر جيڪر ڪنهن کي ڪارڊ مليو آهي ته انهن مان 40 کان 60 سيڪڙو ڪارڊ ايڪٽو نه آهن، يعني انهن جا پئسا نه آيا آهن،  اهڙو طرح  روزانو مليل شيڊول مطابق نوان ماڻهو ۽ انهن سان گڏ جيڪي رهيل ماڻهو آهن انهن جي رش ۾  بي پناهه اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ساڳيا ساڳيا متاثرين ڪئي ڏينهن کان  روزانو قطار ۾ بيٺل نظر ايندا آهن. جنهن سان متاثرين غير يقيني واري صورتحال ۾ دل برداشت ٿي پاڪستان ڪارڊ سينٽرن تي بيٺل ٺيڪيدار ۽ سرڪاري ملازمن جي  ور چڙيو وڃن. اهڙي طرح پاڪستان ڪارڊ گهڻن ماڻهن لاءِ بنا ڪنهن  سيڙپ جي ڪاروبار جو ذريعو بڻجي ويو آهي ۽ اهو ڪاروبار هڪ مارڪيٽ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جتي مختلف شعبن جو قيام عمل ۾ اچي ويو. متاثرين لاءِ پهريون مرحلو ٽوڪن حاصل ڪرڻ بعد ۾ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ ڪارڊ ملڻ کانپوءِ بئنڪ مان ڪارڊ ڪيش ڪرائڻ تائين جي انهن ٽن مختلف مرحلن لاءِ ٺيڪيدارن، سرڪار طرفان مقرر ڪيل سرڪاري ملازمن ۽ بلخصوص پوليس وارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻو پوي ٿو. يا وري مجبوري  تحت اهي ڪارڊ حاصل ڪندڙ متاثر ڏهن هزارن وارو ڪارڊ پنج کان اٺن هزارن ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. جنهن لاءِ اهڙي قسم جا ڪارڊ خريد ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ خانگي ٺيڪيدار اهو ڪاروبار بنا ڪنهن ڊپ جي کلي عام ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪارڊ حاصل ڪندڙ متاثرين کي انهن ٽن مختلف مرحلن مان تڪڙو ۽ جلد گذارڻ لاءِ هر هنڌ نمبر ملڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي. ڇو جو وڏي قطار ۾ نمبر اچڻ لاءِ صبح کان شام تائين وقت جي ضروت آهي، تڏهن هر هنڌ اڳتي نمبر وٺڻ لاءِ ظاهر آهي ٺيڪيدارن ۽ ڊيوٽي ڪندڙ عملي جي مدد  جي ضرورت آهي ۽ ان مدد لاءِ ڪجهه قرباني ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ اهي ڪاروباري ماڻهو ڊيوٽي سان  گڏ ايترو ڪجهه ڪري رهيا آهن جو  کين کي ٻي تباهه ڪاري واري برسات پوڻ تائين ٻيو ڪجهه ڪم ڪار ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي.

پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي معاشري ۾ انهن سر عام ڪرپشن ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي  ڇو نه ٿي ٿئي ۽ جڏهن ته ميڊيا وارا ويچارا گهڻو ڪجهه اعليٰ اختياري وارن سامهون عالم آشڪار ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ۽ پوءِ به رزلٽ 0 ۽ 0 آهي اهو ڇو؟ تڏهن ته هر شاطر ذهن افلاطوني اهو چوي ٿو ته ميڊيا  وارا ڇا ڪندا. جو ڪجهه وڻين وڃي لکين اسان کي ڪا به پرواهه نه آهي، ڇا حقيقت آهي جا سچ آهي ان جو فيصلو اخبار جي قارئين کي ڪرڻو آهي.

عوامي حڪومت جي عوام جي ڀلائي وارن ڀلن ڪمن ۾ ڪو به سرڪاري ڪامورو يا خانگي ٺيڪيدار عملي جي ملي ڀڳت سان عوام کي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ پريشان ڪري ٿو، ان لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اندر ڪم ڪندڙ پاڪستان ڪارڊ عملي ۽ بئنڪ عملي جي به ڪن مهٽ ڪئي وڃي.