لڏي ويو شاهه مردان شاهه، سنڌ ڇوري ٿي ويئي...!

حافظ مهراڻ


                ڀٽائي جو سر سامونڊي جنهن به دل جي ڪنن سان پڙهيو هوندو، اُن کي ”سامونڊي“ ۽ ”سمونڊ“ جي اندر جي احوال پُڇڻ جو ايتري ڪا گهڻي ضرورت نه پوندو ڇو ته ”سمونڊ“ ۽ ”سامونڊي“ ايئن آهن جيئن روح ۽ بدن. جيئن روح جو ماڳ بدن آهي، ايئن سامونڊي جو ساڻيهه سمنڊ آهي، ان ڏينهن سامونڊي ڪناري جي ڪنڌي واري شهر بديڻن ڀرپاسي هي جوڳي به پنهنجي کاهوڙين جي سٿ ۾ شامل هو، رات جو بدين جي مهراڻ ريسٽورنٽ ۾ 15 نمبر روم ۾ ويٺا هئاسين. ڏينهن واري سفري ٿڪاوٽ مون کي ٿڪائي وڌو هو. سو کڻي اک اک سان لڳايم پر جديد سنڌي ادب جو ناميارو نالو ارباب عبدالمالڪ ۽ سردار ڀيو ويٺا هئا. رات جا ڪي ساڍا يارنهن مس ٿيا هوندا ته اچانڪ موبائيل تي پيغامن جي وارو وار ٿي ويئي. ايئن جو کڻي ٽي وي کولجي ته هر چئنل جي اسڪرين اهڙين دردناڪ خبر بار بار پئي ورجائي ته حرن جو روحاني پيشوا سيد شاهه مردان شاهه ثاني لنڊن جي ويلنگٽن اسپتال ۾ ڪجهه گهڙيون اڳ هن فاني جهان کي الوداع ڪيو آهي....! بس خبر ٻڌندي ئي سڀني جي اکين جا بند ڀڄي پيا هئا.

 حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه پير پاڳارا رحمت الله عليه جن جي عظمت، دانائي، بصيرت ۽ وڇوڙي تي ارباب عبدالمالڪ انتهائي ڏکاري انداز ۾ هي بيت بار بار پئي جهونگاريو.

گئي دنون، ڪا سُراغ ليڪر، ڪهان سي آيا ڪڌر گيا وه

عجيب مانوس اجنبي ٿا وه، مجهي تو حيران ڪر گيا وه.

موڪلاڻي جي مهل هونئن به عجيب ٿيندي آهي، پر هن موڪلاڻي کي ڪهڙو نانءَ ڏجي، جنهن جو اظهار لفظن ۾ نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو جو ڀٽ ڌڻي جي گنج ۾ به اهو ئي سبق آهي.

ڏيکاريس ڏُکن، گُوندر گَس پرين جو،

سونهائي سُورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين!

صبح ٿيو پنڌ پياسين، جيئن جو کڻي اخبارن ڏي نظر ڪجي ته سٽ سٽ ۾ رڳو درد ۽ وڇوڙي جو ڳالهيون! ليکڪن ۽ ڪالم نگارن پنهنجي يادن سان سلهاڙيل رباب وڄائي ڇڏيا هئا. ارباب عبدالمالڪ، جنهن جا انداز ۽ لکڻ جا گُر پنهنجا آهن، حضرت پير سائين جن جي سياست جنهن تي هن جهان ديده جوڳي ۽ اڳ به قلم کي جنبش ڏني پر ” پير سائين پاڳاري جو پريم نگر ڏانهن پنڌ“ کي جنهن تاثر اتي اندز ۾ ارباب صاحب آندو آهي، سچ ته انهي تعزيتي تحرير تي هو کيرون لهڻي. ارباب صاحب سنڌ جي هن تاريخي ڪردار لاءِ صرف هڪڙي ڪالم ته بس نه ڪري سندن طرز سياست ۽ منفرد انداز کي اڃان به واضح ڪرڻ لاءِ قلم جي واڳن کي جيڪڏهن ڍور ڇڏي ڏي ته آئون سمجهان ٿو ته ٻنهي جهانن جي موچارائي جي حصول سان گڏو گڏ پير صاحب جو ڏانهس رهيل نسورو قرض به چڪائجي سگهجي پيو.

پير جي ڳوٺ جي سفر لاءِ نڪري چڪا هئاسين، حيدرآباد کان نڪرندي ئي نيشنل هاءِ وي تي دردن جو هڪ قافلو ڏٺوسين، اڃان ڪجهه اڳتي وڌيا سون ته ٻيڻا ٽيڻا، مقصد ته سڄو هاءِ وي ديوانن جي ان ڊگهي قطار سان پويل هو. سالن کان انهن پنڌن پيچرن تان گذري پرين جي پار پهچندا هئاسين. پر خبر ناهي هن سفر ۾ جنهن کي به ڏٺوسين ٿي ته اکين مان نير وهائيندي ۽ پنهنجي پاڻ کي تن تنها محسوس ڪندي محو استغراق هو. سچ پچ ته اڄ جڏهن قلم کڻي لکڻ لاءِ ويٺو آهيان ته ڳوڙهن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو جاري آهي ۽ لفظن ۾ ربط به نه پيو آڻي سگهان. خير ساڍي يارهين وڳين پير جو ڳوٺ پهتاسين، اسان کان اڳ لکين حر جماعت ۽ عقيدتمند ” پريم نگر“ پهچي چڪا هئا. حضرت پير سائين جن جي جسد خاڪي کي ڪراچي کان سي 130 جهاز ذريعي سکر آندو پئي ويو ته خراب موسم سبب جهاز کي پهرين جيڪب آباد جي شهباز ايئر پورٽ تي لاٿو ويو،ڪجهه منٽ گذرڻ کانپوءِ ٻيهر جهاز کي سکر ايئرپورٽ تي پوڻين ڏهين وڳي لينڊ ڪرايو ويو ۽ هيليڪاپٽر SIX 054 ۾ جسد خاڪي کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ” پير جو ڳوٺ“ آندو ويو هو. جيئن هيليڪاپٽر لٿو ته ماڻهن جي اڻ کٽ سمنڊ، جن جي اکين مان نير وهي رهيا هئا ۽ هيليڪاپٽر کي ڏسندي ئي اڀ ڏاريندڙ دانهون، ڪوڪون آلا پجڻ لڳيون. اسان جيئن ئي شهر ۾ داخل ٿياسين ته شهر جا سمورا رستا مڪمل طور تي سيل ڪيا ويا هئا ۽ اسان پنهنجو تعارف ڪرائيندي درگاهه مبارڪ جي احاطي ۾ داخل ٿياسون، درگاهه شريف ڏانهن ايندي شهر جي سمورين هوٽلن ۽ چوراهن تي ٽي وي سيٽ جي اسڪرين سامهون هزارين ماڻهن کي پنهنجي محبوب مرشد جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ آتا ڏٺاسون، جڏهن ته انٽرنيشنل توڙي نيشنل اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو به هڪ وڏو جهان اتي موجود هو. جيڪي تاريخ جي آخري رسمن کي لائيو ڏيکارڻ واري هڻ هڻان ۾ مصروف نظر اچي رهيا هئا.

درگاهه شريف جي احاطي ۾ پهچڻ بعد پتو پيو ته درگاهه مبارڪ جي روايت موجب نئين پير پاڳاري جي چونڊ لاءِ جماعت جي خليفن جو اهم اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو (مک چونڪي جيلسمير) مفتي محمد رحيم سڪندري (مک چونڪي پار) خليفو پير بخش ڳاهو (مک چونڪي ڳاهڪي)، خليفو عبدالباسط هڱورو (مک چونڪي شهدادپور)، خليفو سلطان راڄڙ (مک چونڪي ٿر ڪليان)، خليفو عبدالسلام ڏاهري (مک چونڪي کتو)، خليفو احمد صالح مهر (مک چونڪي ڳَمهه)، خليفو احمد راڄڙ ۽ خليفو محمد صديق راڄڙ (مک چونڪي نارو)، خليفو مير محمد راهمون (مک چونڪي کاهوڙ)، خليفو لال محمد احمداڻي (مک چونڪي لاڙ) ۽ فرق جماعت جي سنگتن مان خليفو سومر فقير مهر، خليفو وريام فقير خاصخيلي، خليفو علي غلام نظاماڻي، خليفو عبدالخالق سنجراڻي ۽ هندستان (جيسلمير) کان آيل چونڪي جيسلمير جو خليفو غازي فقير ڪلر شريڪ هئا. ان اجلاس ۾ هنن متفقه طور خانقاهه  راشديه جي سجاده نشين جو فيصلو ڪيو. خليفن جي فيصلي کانپوءِ اتي ئي حضرت پير سائين جن رحمت الله عليه جن جي ٽنهي فرزندن موجوده پير صاحب پاڳارو سيد صبغت الله شاهه ثالث، سيد علي گوهر شاهه راشدي ۽ سيد صدر الدين شاهه راشدي سان پڻ مشاورت ڪئي وئي. درگاهه شريف جي اصول مطابق تدفين کان اڳ ئي تاجپوشي واري  رسم ادا  ڪرڻي هئي سو مسجد شريف ۾ ملڪ جي روحاني درگاهن جا گادي نشين، سادات ڪرام، راشدي برادري جا فرد انهي فيصلي جو انتظار  ڪري رهيا هئا. جامعه راشديه جي مهتمم علامه مفتي محمد رحيم سڪندري حر جماعت جي اٺين روحاني پيشوا جو اعلان ڪندي چيو ته ” درگاهه شريف روضي ڌڻي رح جي سموري جماعت انتهائي ڏکويل ۽ سوڳوار آهي، نه فقط جماعت پر خانقاهه سان منسلڪ لڪياري، راشدي خاندان ۽ معتقدين به غم ۾ نڊهال آهن پر اسان لاءِ الله تعاليٰ جي امر تي راضي   رهڻ کانسواءِ ڪو به طريقو ناهي، روضي ڌڻي رح جي حڪمن جي روشني ۾ جماعت جي سمورن مکن اتفاق راءِ سان درگاهه شريف جي مسند لاءِ سندن وڏي فرزند جناب پير سيد صبغت الله شاهه (ثالث) کي اٺون پير پاڳارو چونڊيو آهي، مٿن فرض عائد ٿئي ٿو ته رسول الله صلي الله عليه واله وسلم جي سنت ۽ حضرت روضي ڌڻي رحه جي قادري طريقي مطابق امانت جي پيروي ڪن ۽ سندن والد رحمت الله عليه جي روايت موجب حر جماعت، خاندان ۽ عقيدتمندن کي گڏ وٺي هلن. هي ٻن اڍائي منٽن جي گفتگو هئي، جنهن ۾ مفتي صاحب ڄڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪندي پنهنجي منصب جو  حق ادا ڪري ڇڏيو، اهو اعلان ڪندي مفتي جي اکين مان اشڪن جا بند نيسارا ڪري وهڻ لڳا ۽ انهن لڙڪن اتي موجود سڀني ڀاڳ ڀرن کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو....!

دستاربندي جو پهريون ور پير آف جهنگ شريف سيد سراج الدين شاهه گيلاني ڏنو، جڏهن ته غوثيه جماعت جي روحاني اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم احمد محمود، سيد علي گوهر شاهه راشدي، سيد صدر الدين شاهه راشدي، ڀرچونڊي شريف جي ميان عبدالمنان، پير آف سوئي شريف، درگاهه ٻير شريف جي ميان عبدالعزيز، پير آف لڪ شريف جي شاهه محمد شاهه لڪياري، غوث علي شاهه، قربان علي شاهه، مفتي محمد رحيم سڪندري، حر جماعت جي خليفن، راشدي برادري جي اهم فردن سميت ملڪ جي اهم گادين جي سجاده نشين ور ڏنا ۽ آخر ۾ دعا گهري وئي، جڏهن ته تاجپوشي واري سموري تقريب دوران پير سيد صبغت الله شاهه (ثالث) جي نيڻن مان مسلسل لڙڪ وهندا رهيا، گادي نشين واري تقريب جي پڄاڻي بعد معزز مهمانن ۽ جماعت پاران بنگلي شريف اندر داخل ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، اسان جيئن ئي صفن ۾ بيٺاسون ته هر اک آلي هئي، هر طرف اداسيون ڇانيل هيون، ملتان جو مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ وزيراعظم مخدوم يوسف رضا گيلاني ڏيڍ فوٽ جي وٿي تي هڪ ئي صف ۾ ساڻ بيٺل نظر آيا، آئون جنهن صف ۾ بيٺل هئس ان ئي صف ۾ فقير جادم مڱريو به بيٺل نظر آيو. جنهن کي حضرت پير سائين جن کي غسل ڏيڻ جي سعادت نصيب ٿي هئي.

جنازي نماز پڙهڻ وقت درگاهه مبارڪ جو احاطو، جامعه راشديه، هاءِ اسڪول جو گرائونڊ، جماعت خانو، شهر جي روڊن، رستن، گهٽين ۽ بازارن ۾ لکين ماڻهو هزارين قطارون ٺاهي بيٺل هئا. جيڪي جتي هو، اتي ئي قبلي ڏانهن رخ ڪري جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو، جنازي نماز سيد سراج احمد شاهه پڙهائي، ان کانپوءِ سنڌ جي هن عظيم انسان کي پنهنجي اصلي ماڳ ڏي جڏهن وٺي وڃڻ جو اعلان بار بار پئي ٿيو ته لکين ماڻهو زاريون ڪري روئندا رهيا. بس هيئن کڻي چئجي ته هر ڪنهن جي زبان تي هي لطيفي لات هئي.

هو ٿا پلاڻين، منهنجو هنئيون هيڻو ٿي،

تنگ مهارون توڏن جون، بيٺا جت جوڙين،

منهنجو لال پنهون ٿا نين، ٻاروچي ٻولي ڪري!

اڄ نه صرف اهي لکين ماڻهو رنا هئا، پر بنگلي جي ڏاکڻي طرف سالن کان حضرت پير سائين جن جي محبت واري  پڃري ۾ پاليل پکي به پنهنجي پر ۾ روئي ويٺا هئا، جڏهن ته صدمي جي سٽ اهي گهوڙا به نه سگهي سگهيا، جيڪي هن مائي ڪولاچي جي شهر ۾ پالي رکيا هئا. گهوڙن زبان حال سان پنهنجي ڌڻي سان ان ڏهاڙي موڪلاڻي ڪئي هئي، جڏهن هو آغا خان اسپتال مان ڊسچارج ڪري ايئر ايمبولينس ذريعي لنڊن ڏانهن ويندي ” ڪنگري هائوس“ جي اڳيان هڪ منٽ لاءِ گاڏي بيهاري آخري نگاهه وجهي رهيو هو، ڄڻ هڪ ئي نظر سان ڪنگري هائوس ۽ گهوڙن سان موڪلاڻي ڪري رهيو هو.

 سچ پچ جڏهن سنڌ جي هن ٻن صدين تي محيط ڪردار کي آخري آرامگاهه ڏانهن نيو پئي ويو ته منهنجي من جيان لکين من مرجهائجي ويا هئا، هر دل غمگين ۽ اک آلي هئي، مون بار بار ذڪر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي پر پروفيسر محمد يعقوب آريسر جنهن حضرت پير سائين جن جي وڇوڙي جي وَڍ کي هينئن محسوس ڪيو ۽ ترت مون ڏانهن ميسيج موڪليائين.

لڏي ويو شاهه مردان،

سنڌ ڇوريءَ ٿي ويئي !

حضرت پير سائين رحمت الله عليه جي ننڍڙي صاحبزادي سيد حزب الله شاهه راشدي به پير سيد صبغت الله شاهه ثالث پير پاڳاري، سيد علي گوهر شاهه راشدي، سيد صدر الدين شاهه راشدي جيان پنهنجي شفقت ڀري والد جي موڪلاڻي جو درد محسوس ڪيو هوندو، توڻي جو هن جي عمر خوابن، خواهشن، چاهتن ۽ چلو لاين کي نه پهتي آهي.

جڏهن حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني جي تدفين روضي شريف جي مقبري ۾ پنهنجي وڏي بزرگوار پير سائين محمد راشدي شاهه روضي ڌڻي رحه جي پير اندي ۽ پنهنجي ڏاڏي حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه اول جي ڀرسان ٿي رهي هئي، تڏهن سڄي دنيا ٻاڪاريندي کين آخري سلام ڪندي چئي رهي هئي.

اي وقت جا امام ! آخري سلام قبول پوي !

سندن جسد خاڪي کي سندن فرزند سيد صدر الدين شاهه راشدي ۽ علي گوهر شاهه راشد لحد ۾ لاٿو، حضرت روضي ڌڻي جي پيراندي پنهنجي ڏاڏي حضرت شاهه مردان  جي پاسي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هتي اها به تاريخ جي ڪڙي حقيقت جو اظهار ڪندا هلون ته هن مقبري شريف ۾ پير سيد شاهه مردان شاهه اول کانپوءِ ڪنهن گادي نشين جي تدفين نه ٿي آهي، 1921ع کانپوءِ 2012ع ۾ شاهه مردان شاهه ثاني جن جي تدفين ٿي آهي،  جڏهن ته سورهيه بادشاهه جي جسد خاڪي وارو معاملو ته اڃا تائين به ” معمو“ بڻيل آهي ! پير سائين پاڳاري جي جنازي ۾ ملڪ عزيز جي تمام ڀاڳ ڀرين انسانن شرڪت ڪئي، جن جا نالا ڳڻائڻ واري لسٽ خريداران يوسف واري فهرست جيان طويل آهي، تمام آخري رسومات جي ادائيگي بعد سندن جانشين سيد صبغت الله شاهه (ثالث) جڏهن ڪلنگي چوغو پائي زيارت لاءِ ان جگهه تان نروار ٿيو جتان ”احرار“ جو اکيون تاريخ جي ”گوهر ناياب“ کي پسنديون هيون ته سچ پچ صورتن هڪجهڙائي پسي ڏسندڙن جي اکين جا بند ڀڄي پيا، موسم بهار جي اها ”وسڪار“ ياد اچي وئي، جيڪا نظر سان نازنينن کي نرم ڪري ڇڏيندي هئي، پنهنجي پهرين روحاني خطاب ۾ هن حر جماعت کي رشدو هدايت جي تلقين ڪئي، قانون جو احترام ۽ پاڙي وارن سان سٺي ورتاءُ جي هدايت ڪئي،  الله تعاليٰ سنڌ جي هن روحاني مرڪز کي شال قيامت تائين آباد رکي هي مئخانو آباد رهي ۽ ساٿي روحانيت جي هن مڌ  مان سرڪيون ڀري حضرت روضي ڌڻي جي روح جي درجات جي بلندين لاءِ دعاڳو رهن.

آباد رهي اي ساقي تيرا مئخانه !

Hafiz_mehran786@yahoo.com