بي يارو مددگار پنجاب جو عوام

امداد علي سوڍر


                20 جنوري جمعي جي صبح جو پنجاب حڪومت طرفان اعليٰ آفيسرن جو هڪ ٽولو بادشاهي مسجد ۽ شاهي قلعي جي وچ ۾ نئين قائم ٿيل فوڊ اسٽريٽ جي افتتاح جو جائزو وٺڻ پهتو، اها فوڊ اسٽريٽ پنجاب حڪومت جي خواهش تي عالمي معيار جي ليول تي قائم ڪئي وئي آهي، فوڊ اسٽريٽ اندازن سوا چئن ڪلوميٽرن تي قائم ٿيل آهي، جنهن ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ کاڌي جا ننڍڙا وڏا شاپ تيار ڪيا ويا آهن ۽ هڪ اندزي مطابق ان فوڊ اسٽريٽ تي 50 ڪروڙ جي اندر رقم خرچ ڪئي وئي آهي، پهريان ته ان فوڊ اسٽريٽ جو افتتاح  ڪرڻ لاءِ نواز ليگ جو صدر نواز شريف صاحب تيار ٿيو ۽ ان حوالي سان ميان صاحب انڊيا جي مشهور اداڪار ۽ پارليامينٽ ميمبر شترو گهن سنها کي به لاهور ۾ ترسائي ورتو، شتروگهن سنها جمعي جي ڏينهن پي سي هوٽل ۾ ميڊيا کان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ دوران اها خواهش به ظاهر ڪئي ته نئين فوڊ اسٽريٽ جي افتتاح ۾ شرڪت ڪندس ۽ ميان نواز شريف صاحب ان ڪري مون کي لاهور ۾ روڪي ورتو آهي پر جڏهن جمعي جي شام جو ميان نواز شريف کي خبر پئي ته فوڊ اسٽريٽ جي افتتاح کانپوءِ ميان حمزا شهباز  راڳ رنگ جي محفل جو بندوبست ڪيو آهي ۽ ڪجهه مهمانن سان گڏ هو محفل مچائيندو. اهو ٻڌي مان نواز شريف افتتاح ڪرڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ شتروگهن سنها کي به نياپو ڪرايائين ته هو مصروفيت سبب فوڊ اسٽريٽ جو افتتاح نه ڪري سگهندو، ان ڪري اوهان کي ڀارت وڃڻ جي اجازت آهي، شترو صاحب 21 جنوري ڇنڇر جي صبح جو ئي پي سي هوٽل مان ڀارت لاءِ روانو ٿيو. ميان نواز شريف صاحب به ان ئي ڪاوڙ مان لنڊن لاءِ نڪري پيو، هوڏانهن ننڍو ميان حمزا شريف پنهنجي قافلي سميت اچي فوڊ اسٽريٽ پهتو ۽ افتتاح جو جائزو وٺندو رهيو، ان جائزي دوران ئي لاهور جي مختلف اسپتالن، سروسز اسپتال، ميو اسپتال، جناح اسپتال ۽ سي ايم ايڇ ۾ روڄ راڙو شروع ٿي ويو،هر طرف دانهون ۽ رڙيون هجن شام تائين خبر پئي ته لاهور جي مختلف اسپتالن مان 18 لاش کنيا  ويا، صحت کاتي طرفان نالي ماتر ايمرجنسي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽرن کي حڪم جاري ٿيو ته 24 ڪلاڪ اسپتالن ۾ موجود رهن. لاهور ۾ هڪ ئي وقت 18 جنازه نڪرڻ جي باوجود به حمزا شهباز پنهنجي افتتاح جي تياري ۾ پورو هو، ڇنڇر جي شام جو 18 خاندانن جي گهرن ۾ ڏک جي لهر ۽ سوڳ هو، ماڻهو پنهنجن پيارن جي وڇوڙي تي هنجون هاري رهيا هئا ته ٻئي طرف فوڊ اسٽريٽ ۾ ڇنڇر جي شام جو افتتاح جون تياريون روزن شورن سان جاري هيون، ستين وڳي ڌاري چيف سيڪريٽري، پنجابسيڪريٽري، سروسز ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جون فيمليون پهچي ويون، ٿوري دير ۾ حمزا شهباز جي فيملي ۽ ٻيا مائٽ مٽ به پهچي ويا، فوڊ اسٽريٽ جي افتتاح ٿيڻ کانپوءِ محفل موسيقي جو اهتمام ڪيو ويو، جيڪو رات جو  ٻاهرين وڳي تائين جاري رهيو. افتتاح جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ صرف ٻن ٽن لائيو پروگرام ڪرڻ  وارن ٽي وي چينلن کي اندر ڇڏيو ويو، جڏهن سئو ڏيڍ ٻين صحافين کي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت  نه ڏني وئي، جنهن تي صحافين حمزا شهباز، وزيراعليٰ پنجاب ۽ پنجاب حڪومت جي خلاف شديد نعريبازي ڪئي ۽ احتجاج ڪندي افتتاح جو بائيڪاٽ ڪري هليا ويا. حمزا شهباز محفل موسيقي پنهنجي دوستن ۽ فيمليز سان گڏ لطف اندوز ٿيندو رهيو، رات جي نائين وڳي تائين لاهور جي مختلف اسپتالن مان وڌيڪ چار پنج ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا ۽ فوتين جو انگ وڌي 23 تائين پهچي ويو ۽ وڌيڪ پنج خاندانن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، ماڻهو سڪتي جي حالت ۾ هئا ۽ اسپتالن ۾ وڌيڪ داخل ٿيل مريضن جي حالت به انتهائي خطرناڪ هئي، مريضن کان مسلسل نڪ، وات ۽ پيٽان رت ايندو رهيو، اسپتالن ۾ هڪ هڪ  بيڊ تي ٻه ٻه مريض داخل ڪيا ويا، اسپتالن ۾ بيڊ کٽي پيا، مريضن کي فرش تي بسترا وڇائي رکيو ويو ۽ ميڊيا کي مريضن تائين رسد ڏيڻ به بند ڪئي وئي.  ميڊيا کي اهو چيو ويو ته مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، خطري جي ڪا ڳالهه ناهي، ٻئي طرف فوڊ اسٽريٽ ۾ محفل موسيقي جو دور هلندو رهيو، ٻڌايو ٿو وڃي ته  رات جو ٻارهين وڳي کانپوءِ فوڊ اسٽريٽ ۾ ميان حمزا شهباز جو ٻارهين وڳي کانپوءِ مجري جو پروگرام به رکيو ويو ۽ اتي جام به ٽڪرايا ويا، ان مجري جو پروگرام حمزا شهباز جي ميڊيا ايڊوائيزر عمران گورايا ڪيو هو ۽ مجري جي لاءِ هيرامنڊي مان هڪ جوڙو گهرايو ويو هو. هيرا منڊي فوڊ اسٽريٽ جي بلڪل سامهون ئي آهي. چون ٿا ته فوڊ اسٽريٽ جو هيرا منڊي جي سامهون قائم ڪرڻ به هيرا منڊي کي وري رونق بخشرائڻ جي هڪ ڪڙي آهي، ان ڪري ئي فوڊ اسٽريٽ هيرا منڊي جي سامهون کولي وئي آهي. هيرا منڊي مان آيل جوڙي جي مجري ۾ حمزا شهباز ڪافي دير تائين انجواءِ ڪندو رهيو، اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته ميڊيا ايڊوائيزر عمران گورايا صرف حمزا شهباز جون محفلون ڪرڻ ۾ پورو هوندو آهي ۽ پنهنجي صاحب کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان جي ئي ڪوششن سان حمزا شهباز مشغول رهيو محفلن ۾ ۽ هوڏانهن هڪ ڏينهن جي وقفي دوران فوتين جو انگ وڌي 35 تائين پهچي ويو پر حمزا شهباز ڪنهن به سوڳوارن  وٽ پير ڀري نه آيو. وزيراعليٰ صاحب جرمني جي دوري تي هو، هو صرف اتان ويهي فوت ٿيندڙن جا انگ اکر تبديل ڪرائيندو هو، اهو ئي سبب هو جو سومر جي شام جو سروسز اسپتال ۾ سيڪريٽري سروسز فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 27 ٻڌايو ۽ ان سان گڏ ويٺل سروسز  اسپتال جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر ڊاڪٽر فيصل مسعود فوتين جو انگ 36 ٻڌايو، جنهن تي هيلٿ سيڪريٽري ڪن هڻڻ لڳو. 36 مريضن صرف سروسز  اسپتال ۾ فوت ٿيا هئا، 23 جنوري سومر تائين ان ۾ ميو  اسپتال، جنرل اسپتال ۽ سي ايم ايڇ ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ الڳ آهي، غير سرڪاري رپورٽ مطابق 70 تائين ماڻهو جعلي دوائون واپرائڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن ۽ ٽي هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو لاهور جي مختلف  اسپتالن ۾ داخل آهن، انهي سڀني فوت ٿيندڙن ۽ مريضن جو تعلق پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي سان آهي. اهو انسٽيٽيوٽ دل جي مريضن کي فري ۾ دوائون ڏيندو آهي ۽ ان ۾ دوائون گهرائڻ جو اهتمام پنجاب حڪومت ڪندي آهي، اڪثر مريض رٽائر ملازم آهن، جن کي پنجاب حڪومت طرفان دل جي مرض لاءِ مفت دوائون ڏنيون وينديون آهن. پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي ۾ 292 بسترا آهن،  18 سالن کان پنجاب جي رٽائرڊ يا حاضر سروس ملازمن کي دل جون دوائون فراهم ٿي رهيون آهن، انسٽيٽيوٽ عالمي ليول جي معيار جو آهي ۽ ISO کان به منظور ٿيل آهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو ۽ معياري ادارو آهي، انسٽيٽيوٽ جي رڪارڊ مطابق ساليانو هڪ لک 60 هزار مريض پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائيندا آهن ۽ دل جي بيماري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني جي دوا ۽ وڌ ۾ وڌ ٽن مهينن جي دوا وٺندا آهن،  ڳڻتي جوڳي حالت وارن مريضن کي چيڪ ڪري دوائون ڏنيون وينديون آهن، جڏهن ته سڄي سال دوران 17 هزار مريضن مختلف وقتن تي داخل ٿيندا آهن ۽ دوائن سان گڏ 1700 مريضن جو باءِ پاس آپريشن به ڪيو ويندو آهي، عالمي ليول جي معيار مطابق انسٽيٽيوٽ ته ٺاهيو ويو پر ان ۾ عالمي ليول جي معيار جون دوائون رکڻ پنجاب حڪومت کان وسري ويون. شروع ۾ ته ٻاهرين ملڪن جون معياري دوائون ڏنيون وينديون هيون پر اڳتي هلي ٻاهرين  ملڪن مان ايندڙ دوائن کي بند ڪري لوڪل ڪمپنين کان دوائون وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪي ٻاهرين ملڪن جي دوائن کان انتهائي سستيون آهن ۽ انهن کي معيار مطابق چيڪ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪا ليبارٽري ئي موجود ناهي، ان جي باوجود به لوڪل ڪمپنين کان دوائن جي گهرائڻ جو سلسلو جاري رهيو، ٻڌايو ٿو وڃي ته لوڪل ڪمپنيون صوبائي صحت کاتي کي ڪروڙين رپيا ڪميشن ڏئي پنهنجون دوائون سرڪاري اسپتالن ۾ ڏياري رهيون آهن، جڏهن ته صحت کاتي جو سڄو ڪنٽرول صرف هڪ سيڪريٽري جهانزيب خان جي هٿ ۾ آهي، جيڪو سواءِ  وزيراعليٰ پنجاب جي ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه ناهي ٻڌندو ۽ ان جي حڪمن تحت ئي هلندو آهي ۽ پاڻ کي صحت کاتي جو وزير ئي سمجهندو آهي ۽ ان کي صوبائي وزير جيتري اهميت ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي، ٻئي طرف جعلي دوائن جي استعمال سبب فوتين ۾ واڌ جو به امڪان آهي،  صحت کاتي مطابق 46 هزار مريضن کي دل جي بيماري جون ٽڪيون ڏئي چڪا آهيون، جنهن ۾ ري ايڪشن ٿيڻ تي صرف 18 هزار ماڻهن کان دوائون واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، باقي ماڻهن دوائون استعمال ڪري ڇڏيون آهن، ان ڪري خطرو  آهي ته موت جي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، هوڏانهن وفاقي گهرو وزير جي هدايت تي ايف آءِ اي جي ٽيم فيڊرل ۽ صوبائي ڊرگ انسپيڪٽرن سان گڏ لاهور جي ٽن ڪمپنين تي ڇاپو هڻي انهن کي سيل ڪري مالڪن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  جنهن مان هڪ ڪمپني جي مالڪ انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل  جون جي مهيني ۾ 35 لک ٽڪيون پي آءِ  سي اسپتال ۾ پهچايو آهن ۽ پي آءِ سي انتظاميا انهن کي صحيح طريقي سان محفوظ ناهي ڪيو، ان ڪري اهي وقت کان اڳ ايڪسپائر ٿيون هونديون، ٻئي طرف  پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ميمبرن شوڪت  ۽ ثمينا خاور فوت ٿيندڙ ماڻهن جي ايف آءِ آر وزيراعليٰ پنجاب شهباز شريف تي داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.