|
سينيٽ چونڊن لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي هئڻ گهرجي اصغر خانوٺي پاڪستان جي سياست تي لکڻ لاءِ ته تمام گهڻا موضوع آهن ۽ گذريل 6 مهينن کان ملڪي سياست تمام گهڻو گرم رهي آهي، جيئن ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪافي ڀيرا اهو چئي چڪو آهي ته سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ سڄو ماحول ٿڌو ٿي ويندو ۽ هونئن به ان سڄي سياسي ماحول کي سينيٽ جي چونڊن سان ڳنڍيون پيو وڃي، جيئن ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ کي سينيٽ ۾ اڪثريت ملڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي، ان ڪري پ پ وارا ان حوالي سان وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سينيٽ چونڊون ڪرائي وٺجن، ان لاءِ حڪومت جي ڪوشش هئي ته فيبروري جي مهيني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن پر اليڪشن ڪميشن مارچ ۾ چونڊون ڪرائڻ کي ترجيح ڏني ۽ سندس وقف هو ته آئيني طور تي مارچ ۾ ئي ڪرائڻيون آهن، جيئن ته سينيٽ چونڊون ان ئي پس منظر جو سبب ٻڌايو پيو وڃي ان ڪري اڄ سينيٽ چونڊن تي هنن صفحن تي لکون ٿا. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن 73ع وارو آئين ملڪ کي ڏنو ته ان وقت بنگلاديش الڳ ٿي چڪو هو ۽ ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻي بيچيني هئي، ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه کي مطمئن ڪرڻ لاءِ سينيٽ جي ايوان جو اضافو ڪيو، جتي صوبن کي برابر نمائندگي ڏني وئي، جيتوڻيڪ اها لڳ آهي ته سينٽ آئين طور ايتري بااختيار ناهي جيتري قومي اسيمبلي جي آئين ۾ اهميت ڏنل آهي، پر پوءِ به ننڍن صوبن کي ڪنهن حد تائين مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان سينيٽ کي ايوان بالا جو نالو آئين ۾ڏنو ويو. اهو به هن ملڪ جي عوام سان ڪيڏو نه مذاق آهي، جو جنهن اداري کي آئين ۾ اختيار گهٽ مليل هجن پر ان جو نالو وري ايوان بالا طور لکيو وڃي، پر ننڍن صوبن کي جيئن ٻين معاملن تي خوش ڪرڻ لاءِ لالي پاپ ڏنو ويندو آهي، ان دور ۾ به ائين لڳي ٿو ته ننڍن صوبن کي لالي پاپ ڏنو ويو، پر 18 هين ترميم کانپوءِ ان ۾ ڪجهه ترميم ڪري سينيٽ کي ٿورو مضبوط ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اهو لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته مالياتي بل کي به اسيمبلي سان گڏ سينيٽ ۾ آڻڻ لازمي آهي. بهرحال سينيٽ جي آئيني اختيارن تي بحث ڪنهن ٻي موقعي تي ڪنداسين پر جيئن ته سينيٽ کي ان لاءِ ٺاهيو ويو هو ته سڀني صوبن کي برابر نمائندگي ڏيڻ جو هڪ پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو، هاڻي ڏسڻو آهي ته ڇا صوبن کي اتي برابر نمائندگي ملي آهي، ان جو جواب يقينن نه ۾ آهي، گذريل سينيٽ کي ڇڏي ڏجي رڳو موجوده سينيٽ تي نظر وجهنداسين ته به پتو پوندو ته چئني صوبن کي ته برابر نمائندگي ملي آهي پر جيئن ته هي ملڪ چئن قومن سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي قومن تي ٻڌل آهي ۽ موجوده سينيٽ ۾ صرف وفاقي وزير مولا بخش چانڊيو، گل محمد لاٽ، خالد محمود سومرو، ڊاڪٽر صفدر عباسي، رتنا ڪماري، ڊاڪٽر حفيظ شيخ، الماس پروين سنڌي آهن، جن مان ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، رتنا ڪماري ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ مارچ 12 تي رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي 22 سينيٽرن مان ايم ڪيو ايم جا 6 کان 7 سينيٽر چونڊجي ايندا آهن ۽ موجوده سينيٽ ۾ پ پ پاران به غير سنڌين کي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون رهيون آهن، موجوده سينيٽ ۾ پ پ پاران سنڌ مان جن غير سنڌين کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون انهن ۾ گهرو وزير رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائيڪ، فيصل رضا عابدي، وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ شامل آهن، اهڙي طرح 22 سنڌ جي سيٽن مان 6 کان 7 ايم ڪيو ايم وارا غير سنڌي ڪامياب ٿي ايندا آهن، جڏهن ته پ پ وارا به هميشه 4 کان 5 غير سنڌين کي سنڌ مان سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏيندا رهيا آهن، جڏهن ته پنجاب جي 22 سيٽن مان هڪ کان 2 سرائيڪي ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، باقي سڀ پنجابي سينيٽر ايندا رهيا آهن، گادي واري شهر اسلام آباد جي 2 سينٽن تي به هميشه پنجابي ڳالهائيندڙ ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته سينيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پختونن کي نمائندگي مليل آهي، هڪ ته خيبرپختونخواه صوبي مان سموريون سيٽون پٺاڻن کي ملنديون آهن ۽ فاٽا مان به پشتو ڳالهائيندڙ ايندا رهيا آهن ته بلوچستان مان به 2 کان 3 سينيٽر پشتو ڳالهائيندڙ ايندا رهيا آهن، جڏهن ته باقي بلوچي ڳالهائيندڙ ايندا رهيا آهن، جيتوڻيڪ آئيني طور تي اها ڪا پابندي ناهي ۽ جنهن به صوبي جو جيڪڏهن ڪنهن ووٽ ڊوميسائيل آهي ته هو ان صوبي مان سينيٽر چونڊجي سگهي ٿو، پر جيئن ته سينيٽ ان مقصد لاءِ جوڙيو ويو هو ته جيئن قومن کي ان ايوان ۾ برابر نمائندگي ڏني ويندي ۽ سينيٽ اهرو پليٽ فارم هوندو جتي سڀ قومون برابر هونديون پر هن وقت تائين اها حقيقت ساڀيان نه ٿي چڪي آهي، جيڪي انگ اکر ڏناسين ته ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته سينيٽ ۾ سڀ کان گهٽ نمائندگي سنڌي ڳالهائيندڙن جي رهي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ نمائندگي پشتو ڳالهائيندڙن جي آهي، جيئن ته پ پ سنڌ مان سينيٽرن جون ٽڪيٽون جاري ڪرڻ لاءِ انٽرويو مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هن وقت سڀ کان وڌيڪ پ پ وٽ اڪثريت به آهي، ان ڪري کيس سنڌ مان ٽڪيٽون ڏيڻ وقت ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پنهنجي وڌ کان وڌ سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبرن کي اهميت ڏي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سياست ۾ جيترو سنڌين ڀوڳيو آهي ايترو شايد ڪنهن ڀوڳيو هجي. سنڌ اسيمبلي تي نظر وجهنداسين ته اتي اسان کي اردو ڳالهائيندڙ ته ملندائي ملندا پر پنجابي، پشتو ڳالهائيندڙ ميمبر به موجود آهن، جيئن ته باقي ڪنهن به صوبي جي اسيمبلي ۾ اسان کي ڪو به سنڌي ڳالهائيندڙ نظر نه ايندو، جئين ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مينڊيٽ پ پ وٽ آهي، ان ڪري ايوانن ۾ نمائندگي ڏيارڻ ۾ به کيس ئي ذميواريون نڀائڻ گهرجن، پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽين ۾ پ پ هن ملڪ جي اها واحد پارٽي آهي جنهن وٽ چئني صوبن ۾ نمائندگي حاصل آهي ته ان حوالي سان پ پ تي سڀني کان وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها انهن ايوانن ۾ نه صرف چئني قومن کي پنهنجي نمائندگي ڏيارڻ کي يقيني بڻائي پر خود به ان تي عمل ڪري هن وقت تائين ڏٺو ويو آهي ته پ پ ان ذميواري ۾ ناڪام وئي آهي، ڇاڪاڻ ته خود پ پ سنڌ مان 4 غير سنڌين کي ٽڪيٽون ڏيئي سنڌ جي نمائندگي تي حملو ڪيو آهي، ان ڪري پ پ جيڪا ماضي ۾ غلطي ڪئي آهي کيس اها ٻيهر ورجائڻ نه گهرجي. گذريل 3 سالن کان سينيٽ جي رپورٽنگ دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن محاذن تي سنڌ جو آواز اٿڻ گهرجي ها پر حقيقي ۽ برابر نمائندگي نه هئڻ ڪري اهو آواز اٿي نه سگهيو آهي، ان لاءِ پ پ کي سوچڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان جيڪا سنڌ سان زيادتي ٿي آهي. ان جو ازالو ڪرڻ جو به وقت اچي ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ سينيٽ ۾ نمائندگي واري معاملي کي ته پ پ کي گهرجي ته سنجيدگي سان حل ڪري. ماضي ۾ ڏٺو ويو آهي ته سنڌ سان هميشه زيادتي ٿيندي رهي آهي، ان ۾ پ پ سميت ملڪ جون سڀ وڏيون پارٽيون جن کي وفاق پرست پارٽيون به چيو وڃي ٿو، اهي هڪجيتريون ذميوار آهن، ڇاڪاڻ ته سڀني پارٽين کي وقت به وقت موقعا ملندا رهيا آهن، سومر ڏينهن جي سينيٽ واري ڪارروائي جو مثال وٺجي ته به ڳالهه وائکي ٿي ويندي، ان ڏينهن سينيٽ ۾ اردو کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ تي بحث ٿي رهيو هو ته فنڪشنل ليگ جي سنڌ مان چونڊيل سينيٽر ساجد آرائين جو موقف سنڌ جي بلڪل ابتڙ هو، ان موقعي تي جي يو آءِ سنڌ جي سينيٽر خالد محمود سومرو ۽ جي يو آءِ جي خيبرپختونخواهه مان چونڊيل سينيٽر قاري عبدالله جو موقف به ننڍين قومن جي حمايت ۾ هو پر جيئن ته ساجد آرائين جو موقف انهن کان مختلف هو ۽ هن مادري ٻولين کي اهميت ڏيڻ جي ڳالهه نه ڪئي، ان ڪري پ پ کي هن وقت سنڌ مان سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏيڻ وقت ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي، جيئن ته سينيٽ جي هاڻي ڪنهن حد تائين اهميت آهي ان ڪري ان کي جنهن مقصد لاءِ عمل ۾ آندو ويو آهي، ان کي پورو ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اتي چئني صوبن جي حقيقي برابر نمائندگي هئڻ گهرجي. |