نوبل پرائيز ڪڏهن کان شروع ٿيو؟

افشان بلوچ


هر سال جڏهن نوبل انعامن جو اعلان ٿيندو آهي ته انعام کٽيندڙن جي باري ۾ وڏو چوٻول هلندو آهي. انهن جا انٽرويو ورتا ويندا آهن ۽ سندن باري ۾ مضمون لکيا ويندا آهن. هن جو سبب هي آهي ته گهڻن ماڻهن جي نظر ۾ ڪم جي ڪن خاص ميدانن جهڙوڪ ڪيميا، طبعيات، طب ۽ ادب ۾ نوبل انعام کٽڻ وڏي ۾ وڏي عزت جي ڳالهه آهي، تنهن کانسواءِ نوبل امن انعام، امن لاءِ ورتل ڪوششن جي صلي ۾ ڏنو ويندو آهي.

انهن انعامن جي باري ۾ عجيب ڳالهه هي آهي ته اهي انهيءَ ماڻهو جا شروع ڪرايل آهن، جنهن پاڻ تباهي جي سائنس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو! الفريد نوبل، اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو ۽ 1833 کان 1896ع تائين جيئرو رهيو. ان ۾ جيڪي شيون ايجاد ڪيون ۽ پنهنجي نالي ڪرايون، تن ۾ ڊائنا مائيٽ، ناس ڪندڙ جيلاٽن (رٻڙ جهڙو لڳلڳدار يا چيڙهالو مادو جيڪو ڊائنا مائيٽ کان وڌيڪ طاقتور آهي) ۽ ڦاٽندڙ مادن لاءِ هڪ نئين قسم جو ڊيٽونيٽر (ڦٽاڪو) شامل آهن.

ٿي سگهي ٿو ته اهڙن موت مار بارودن جي ايجاد ڪرڻ ڪري نوبل دنيا لاءِ ڪا "نوبل" (انـم) شيءِ ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هجي. هن جي امن قائم ڪرڻ سان دلچسپي هئي ۽ وٽس هڪ اهڙي رٿا هئي، جيڪا ان جي خيال مطابق جنگ کي روڪي سگهي ها. هلندي هلندي توهان کي ٻڌائيندا ٿا هلون ته نوبل هڪ هوشيار سائنسدان سان گڏوگڏ شاعر به هو، هن جو خيال هو ته انساني ترقي ۾ ادب ۽ سائنس جو وڏي ۾ وڏو هٿ هو.

مرڻ مهل نوبل نوي لک ڊالرن جو فنڊ ڇڏيو. اها رقم انهن ماڻهن کي انعام ڏيڻ ۾ خرچ ٿيڻي هئي جن طبعيات، ڪيميا، طب، ادب ۽ عالمي امن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نمايان ڪم ڪيا هجن. اهي انعام پهريون ڀيرو نوبل جي ورسي جي موقعي تي ڏهين ڊسمبر 1901ع تي ڏنا ويا.

جيئن ته نوبل سويڊي (سويڊن جو رهاڪو) هو تنهن ڪري نوبل فائونڊيشن آف سويڊن (سويڊن جي نوبل فائونڊيشن) اهي انعام ورهايا. کٽندڙن جي نالن جو فيصلو ڪرڻ لاءِ جيڪي تنظيمون چونڊيون ويون سي هيون: فزڪس ۽ ڪيمسٽري لاءِ سويڊش اڪيڊمي آف سائنس، طبي لاءِ دي ڪيرولائين انسٽيٽيوٽ آف اسٽاڪ هوم: ادب لاءِ دي سويڊش اڪيڊمي: امن لاءِ ناروجين پارليامينٽ جي چونڊيل 5 ڄڻن جي ڪاميٽي اقتصاديات لاءِ پهريون انعام 1969ع ۾ ڏنو ويو.

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk