مختصر ڪهاڻي

خدا جي قدرت

عبدالاحد چانڊيو


هڪ ڏينهن هڪ شڪاري جنگل ۾ اچي نڪتو ۽ هڪ وڏي ۽ گهاٽي وڻ جي هيٺان ويهي رهيو. هڪ باز به ڪٿان کان اڏرندو آيو، جيڪو بکايل هو، سو به وڻ تي ويهي رهيو ۽ جيڪو شڪار جي ڳولا ۾ هو، هڪ ڳيرو به وڻ جي چوٽيءَ تي ويٺو هو، ڳيري جڏهن دشمنن کي ڏٺو ته چوڻ لڳو، "اڄ ته مان موت کان بچي نه سگهندس."

پوءِ شڪاري تير ڪمان ۾ رکيو ۽ ڳيري کي مارڻ لاءِ نشانو سڌو ڪيائين. هوڏانهن باز به انهي انتظار ۾ هو ته ڳيرو اڏري ته مان انهي کي پڪڙي وٺان. ڳيرو هي حال ڏسي تمام فڪرمند ٿيو ۽ چوڻ لڳو، "اي منهنجا الله اڄ ته منهنجو بچڻ مشڪل آهي، جيڪڏهن هتي ويٺو هوندس ته شڪاري تير سان ختم ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن اڏران ته باز پڪڙندو، منهنجي لاءِ ته هر طرف موت ئي موت آهي."

تير نڪرڻ ۾ ڪجهه دير نه هئي، ڪا به تدبير ڪم نه پئي ڪري سگهي، پر خدا جي قدرت ڏسو ته جڏهن هو ڪنهن کي بچائڻ چاهي ته ڪهڙا ڪهڙا سبب ٺاهي ٿو.

شڪاري پنهنجو نشانو درست ڪري تير هڻڻ وارو هو ته هڪ وڏي نانگ کيس چڪ هنيو ۽ انهي گهٻراهٽ ۾ نشانو غلط ٿي ويو ۽ تير سڌو باز کي وڃي لڳو، ٻئي دشمن ڍير ٿي ويا. ڳيرو پنهنجي جڳهه صحيح سلامت ويٺو رهيو ۽ جيڪي انهي کي مارڻ آيا هئا، اهي خود موت جا شڪار ٿي ويا...

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk