گلاب جو گل سوکڙي


هڪ ڀيري "امام حسين عليه السلام کي سندس نوڪرياڻي ٻانهيءَ" هڪ گل ڏنو. پاڻ ان گل کي ادب احترام سان وٺي سونگهي چيائون ته اي ٻانهي مون توکي آزاد ڪيو، تون آزاد آهين وڃي سگهي ٿين.

ان وقت حضرت اَنس بن مـَـالڪ به "امام حسين" جي ڀرسان ويٺل هئا، انس چيو، امام حسين کي ته توهان هن ٻانهيءَ کي خريد ڪرڻ ۾ تمام گهڻي رقم خرچ ڪئي آهي. يا خرچ ڪئي رقم هوندي.

توهان رڳو هڪ گل عيوض هن کي آزاد ڪري ڇڏيو. حضرت امام حسين عليه السلام مسڪرائي چوڻ لڳو. ناني حضرت (محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآليه وسلم) جو ارشاد آهي ته ڪو توهان کي ڪا سوکڙي تحفو ڏي ٿو ته توهان ن موٽ ۾ ان کان به وڌيڪ سوکڙي تحفو ان کي ڏيو.

جيڪڏهن نه ته اها سوکڙي ان کي واپس ڪيو، ان لاءِ انهي ٻانهيءَ کي ان جي سوکڙي کان ڀلي سوکڙي ڏني آهي. هڪ ٻانهي لاءِ آزادي کان وڌيڪ ڪهڙي سوکڙي ٿي سگهي ٿي.

دوست ان مان مطلب ته جيڪا شيءِ توهان پسند ڪيو ٿا ته دوست عزيز يار سنگت لاءِ ان کان به وڌيڪ خوبصورت شيءِ خريد ڪيو، سوکڙي هجي يا ڪو تحفو پر سٺو خريد ڪيو.

اميد ته نصيحت تي عمل ڪندا

احمد ناز شيخ/صديق ڪنڀار

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk