|
مڪس پليٽ باهه ۽ پاڻي ٻه ڪارآمد غلام آهن، پر پنهنجي وقت تي خوفناڪ آقا به هوندا آهن. مسڪراهٽ غم ۽ اداسي جو بهترين علاج آهي. سچ هڪ اهڙي دوا آهي، جنهن جو ذائقو ته ڪڙو آهي پر اثر مٺو آهي. دنيا ۾ ڪو به شخص جاهل نه آهي، هر ڪنهن کان ڪجهه نه ڪجهه سکو. بيوقوف ماڻهو پنهنجا عيب ته نه ڏسندو پر ٻين جي عيب ڳولڻ ۾ هميشه مصروف رهندو. موڪليندڙ:غلام مصطفيٰ |
|
|