هنر جي دولت

عريشه بلوچ/حيدرآباد


پيارا ٻارو! پهرئين زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ بادشاهه هو ۽ هن جو هڪ خوبصورت پٽ سلطان هو. سلطان کي هڪ لوهار جي ڌيءُ پسند اچي وئي ته هن پنهنجي پيءُ کي چيو، مان هن لوهار جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان، بادشاهه حيران ٿي ويو. بادشاهه صاف صاف لفظن ۾ شهزادي کي منع ڪري ڇڏيو. شهزادي پنهنجي پيءُ کي چيو جيڪڏهن منهنجي شادي لوهار جي ڌيءُ رفيعه سان نه ٿي ته مان هي ملڪ ڇڏي هليو ويندس. بادشاهه پريشان ٿي ويو ۽ آخر مجبورٿي وزير جي هٿان لوهار جي ڌيءُ ڏانهن شادي جو پيغام موڪليائين. لوهار جي ڌيءُ رفيعه چيو ته مان هڪڙي شرط تي شهزادي سان شادي ڪنديس، جيڪڏهن هو ڪو هنر سکي ته، شهزادو ۽ بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويا، بادشاهه ته چڙي پيو، ڀلا هڪ شهزادو ڪيئن هنر سکندو؟ پر شهزادي جي ضد جي اڳيان بادشاهه مجبور ٿي ويو ۽ شهزادي قالين سکڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ قالين ٺاهڻ ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين. هڪڙي دفعي ڇا ٿيو جو شهزادو پنهنجي دوستن سان گڏ شڪار تي ويو ته اوچتو شڪار ڪندي ڪندي شهزادو پنهنجي دوستن کان وڇڙي ويو ۽ ڪجهه غنڊن جي هٿ لڳي ويو. غنڊن کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتو ۽ آخر ۾ قتل ڪرڻ جو سوچڻ لڳا!

شهزادي چيو، توهان مون کي ماريو نه مان توهان کي هڪ هنر ٿو سيکاريان. پهرين ته ڊاڪو راضي نه ٿيا، پوءِ غنڊا مڃي ويا ۽ شهزادي کي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائين، شهزادي اندر ويهي قالين تيار ڪيو ۽ قالين تي پيغام لکيائين! بادشاهه سلامت اچي مون کي ڇڏائي وڃو. بادشاهه شهزادي جي ڪري پهرين کان ئي پريشان هو. شهزادي غنڊن کي چيو ته هي قالين کڻي وڃو، بادشاهه سلامت ڏانهن، بادشاهه توهان کي گفٽ ڏيندو، غنڊا هليا ويا ۽ وڃي بادشاهه کي شهزادي جو قالين ڏنائين ته بادشاهه پهرين ته قالين کي نظرانداز ڪيو، پوءِ قالين کي سڃاڻي ورتائين. قالين اندر کولي ڏٺائين ته قالين ۾ شهزادي جو پيغام لکيل هو. بادشاهه غنڊن کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ شهزادي کي آخر ڇڏرائي آيو. شهزادي جي زال شهزادي رفيعه بادشاهه کي چيو! ته مان صرف ان ڪري ئي شهزادي کي هنر لاءِ چيو هو ۽ اوهان چڙي پيا هئا پر اوهان پاڻ ڏسو هاڻ ان هنر جي ڪري ئي اڄ شهزادو اسان جي وچ ۾ آهي.

پيارا ٻارو! اسان کي به گهرجي ته اسان ڪو نه ڪو هنر سکون، ڇاڪاڻ ته هنر سکڻ جا ڪيترا فائدا آهن ۽ توهان ڏٺو ته شهزادي هنر جي ڪري ئي پنهنجي جان بچائي.

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk