|
ٻارڙن جي ٻاري "اسان انٽرنيٽ ذريعي ڪرڪيٽ کٽي ورتي" سلمان ۽ ڪاشف پارڪ ۾ ويٺا هئا ۽ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته اوچتو اتان کان عرفان جو لنگهڻ ٿيو. هن کي ڏسي ٻئي منهن لڪائڻ لڳا، پر عرفان انهن کي ڏسي چڪو هو، هو پارڪ وٽ بيٺو ۽ چوڻ لڳو، "پارڪ ته اڃا کليو ناهي ته اوهان ٻئي اندر ڪيئن پهتا؟" ڪاشف جيڪو ڪجهه دير پهرين پنهنجو منهن لڪائي رهيو هو، فخريه انداز ۾ چوڻ لڳو، "ڀتون ٿلا لنگهڻ جو چڱو خاصو تجربو آهي." "اهو ته ٺيڪ آهي پر اهو ٻڌايو اوهان ٻئي هن وقت اتي ڇا ڪري رهيا آهيو؟" عرفان هڪ ٻيو سوال ڪيو. هو ٻئي چپ رهيا ۽ عرفان چوڻ لڳو، "ڏسو! اڃا به وقت اٿئو سڌري وڃو. ائين نه ٿئي اوهان جا دوست ساٿي اوهان کان اڳيان نڪري وڃن ۽ توهان اتي ئي رهجي وڃو. راند سان گڏوگڏ پڙهائي تي به ڌيان ڏيو." عرفان رڳو چوندو ئي رهيو ۽ هو ٻڌندا رهيا. ٻئي شرمندگي جي ڪري اکيون هيٺ جهڪائي ويٺا هئا، عرفان تي ته ڪاوڙ سوار هئي، عرفان وري چيو، "مون توهان ٻنهي جهڙو غير ذميوار ماڻهو زندگي ۾ ناهي ڏٺو. توهان ٻنهي ڪالهه مون سان واعدو ڪيو هو ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ وسري ويا. مان ڪڏهن کان اوهان جو انتظار ڪري رهيو آهيان. توهان اچو ته اوهان کي ڪمپيوٽر جي باري ۾ پڙهائي سگهان ۽ ڄاڻ ڏئي سگهان، پر توهان کي وقت ملي ته پڙهو، مون کي سوچي ٻڌايو اوهان پڙهو ٿا يا مان توهان جي والدين کي شڪايت ڪريان؟" اهو چئي عرفان هتان کان هليو ويو. والدين جي شڪايت جو ٻڌي ٻنهي جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. عرفان جي وڃڻ کانپوءِ سلمان ڪاشف کي چيو، "هاڻ ته اسان کي عرفان ادا وٽ ٽيوشن وٺڻي پوندي. نه ته هو امان بابا کي شڪايت ڪندو، پوءِ ته اسان ڪرڪيٽ کيڏڻ کان به وينداسين." سلمان ۽ ڪاشف پوءِ ٻئي سڌا نماز تي ويا. نماز کانپوءِ ٻئي عرفان جي گهر ويا. ٻئي ڏاڍو شرمنده هئا ۽ سوچي رهيا هئا ته عرفان انهن کي پڙهائيندو به الائي نه؟ عرفان ڪاشف ۽ سلمان کي ڪمري ۾ ويهاريو ۽ سمجهائيندي چوڻ لڳو، "آخر توهان سان مسئلو ڪهڙو آهي؟ توهان پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڇو نه ٿا ڏيو؟ توهان جا والدين ڪيتري اميد سان اوهان کي پڙهائي رهيا آهن ۽ توهان آهيو ته پڙهڻ جي بدران ڪرڪيٽ کيڏڻ هليا وڃو ٿا." عرفان ادا! آئنده ائين نه ٿيندو." ڪاشف ۽ سلمان چيو. ۽ پوءِ ائين ٿيو جيئن ڪاشف ۽ سلمان چيو هو. ڪاشف ۽ سلمان ٻئي روزانه ٽائيم تي ٽيوشن پڙهڻ لاءِ اچي ويندا هئا. عرفان ٻنهن کي ڏاڍي محنت سان پڙهائي رهيو هو. عرفان انهن جي هڪ مهيني جي اندر سڄي تياري ڪرائي ڇڏي. شام جو وقت هو، عرفان پنهنجي گهر جي لان ۾ ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو هو. سلمان ۽ ڪاشف ٻئي آيا. سلام دعا کانپوءِ سلمان ۽ ڪاشف پنهنجي پيپر جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳا. ٻنهي جو پيپر تمام بهترين ٿيو هو. اڄ سندن آخري پيپر هو ۽ هو تمام گهڻا خوش هئا، اسڪول جون موڪلون ٿي ويون هيون. عرفان انهن کي وڃڻ جو چئي ۽ پوءِ آخر ۾ چوڻ لڳو نتيجي کانپوءِ خبر پوندي." اهو ٻڌي ٻئي ڍڄي ويا ۽ ٻئي گڏ چوڻ لڳا. عرفان ادا! اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون. اوهان اسان کي ايتري سٺي طريقي سان پڙهايو آهي، هاڻ اسان اوهان کي ڇڏي ڪيڏانهن نٿا وڃڻ چاهيون. موڪلن ۾ اسان ڪرڪيٽ ڪلب ۾ داخلا وٺڻ چاهيون ٿا ۽ ان کانسواءِ اوهان کان ڪمپيوٽر سکڻ چاهيون ٿا. هاڻ ٻئي سڄو ڏينهن ڪرڪيٽ ڪلب ۾ راند رهندا هئا ۽ شام جو اچي عرفان وٽ ڪمپيوٽر سکندا هئا ۽ عرفان کي به سڄي ڏينهن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا. ڪجهه ڏينهن کان ٻئي هڪ مسئلي جي ڪري پريشان هئا. انهن جي ٽيم سٺي کلاڙين جي باوجود کٽي نه پئي سگهي. انهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهڙو ڇا ڪيو وڃي، جو انهن جي ٽيم کٽي سگهي. هڪڙي ڏينهن ٻئي پريشان هئا ۽ عرفان کي اچي سڄو مسئلو ٻڌايائون. عرفان کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ويهو آئون توهان ٻنهي جي مسئلي کي حل ڪريان ٿو. اوهان هاڻ سڄو مسئلو مون تي ڇڏي ڏيو آئون توهان جو مسئلو منٽ ۾ حل ٿو ڪريان. پر ادا عرفان اوهان کي ڪهڙي خبر ڪرڪيٽ ڇا هوندي آهي؟ عرفان ڪمپيوٽر تان انٽرنيٽ کي لاگ ان ڪيو ۽ سرچنگ شروع ڪري ڇڏي. ڪجهه دير تائين عرفان مصروف رهيو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ ڪمپيوٽر تان پرنٽ ڏني. عرفان پرنٽ وارن صفحن کي سلمان ۽ ڪاشف جي حوالي ڪري ڇڏيو. “ چوڻ لڳو! "هي وٺو کٽڻ جي راز کي." بس هاڻ اوهان کي محنت جي ضرورت آهي. دراصل هي ڪرڪيٽ چيمپيئن ٽيم آسٽريليا جو فارمولو آهي. هاڻي توهان ۽ توهان جي پوري ٽيم ان فارمولي تي عمل ڪري، پوءِ ڏسو اوهان ڪيئن ٿا کٽيو. ڪاشف ۽ سلمان ڏينهن رات محنت ڪرڻ لڳا ۽ آخر انهن جي ٽيم کٽي وئي. پيارا ٻارو! اوهان ڏٺو ته ڪمپيوٽر جي مدد سان ماڻهو جا ڪيترا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. توهان به ڪمپيوٽر کي معلومات لاءِ استعمال ڪيو. ان جو غلط استعمال نه ڪيو. |
|
|