|
"هٿ جون سڄيون سـُـگهڙ عورتون" "رلين تي ٽـُـڪَ جو ڪم ڪندڙ شانتي جون ڳالهيون" انٽرويو: ڪنول بلوچ - فوٽو: اختر پيرزادو سنڌ ثقافتي حوالي سان مالا مال آهي، سنڌ جو هنر ۽ ثقافتي شيون پوري دنيا ۾ مشهور آهن. سنڌ جون عورتون هنرمند آهن ۽ سندن هٿ جو ڀرت تمام گهڻو مقبول آهي. رلي سنڌ جو هنر ۽ ثقافت ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون. رلي جي ڪيترائي نمونا آهن، هي نهايت ئي محنت طلب ڪم آهي، اسان وٽ رلي ٺاهڻ جي هي روايت هزارين سال پراڻي آهي جيڪو سلسلو هينئر تائين هلندو پيو اچي. ٽنڊو محمد خان ضلعي سان واسطو رکندڙ مائي شانتي پڻ تمام سٺيون رليون ٺاهي ٿي. سندس ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي. منهنجو پورو نالو شانتي آهي، منهنجا ٻه ٻار آهن، منهنجي شادي کي 20 سال ٿيا آهن، مان اهو ٽـُـڪَ وارو ڪم 10 سالن جي عمر ۾ شروع ڪيو، جڏهن منهنجي پڙهڻ لکڻ جي عمر هئي پر منهنجا ماءُ پيءُ غريب هئا، منهنجي پڙهائي جو بار ڪونه کڻي سگهيا، ان ڪري منهنجي هم عمر ڇوڪرين سان مون کي ٽـُـڪَ وارو ڪم سيکارڻ لاءِ لڳائي ڇڏيائون ته جيئن مان راند روند به ڪندي هيس ۽ انهن سان راند راند ۾ ڪم به سکندي هئس. ايئن ڪندي ڪندي منهنجي ڄمار جا 16 سال گذري ويا. ٽـُـڪَ جي ڪم ۾ منهنجو ڪو هڪ استاد ناهي ڇاڪاڻ مون ٽـُـڪَ وارو ڪم منهنجي گهر مان، پاڙي وارن کان ۽ پنهنجي ساهيڙين کان سکيو. ان کانپوءِ منهنجي شادي ٿي وئي، مان پنهنجو گهر ۽ ساهيڙيون ڇڏي هڪ نئين دنيا ۾ هلي ويس، جتي شروع شروع ۾ مون کي ڏاڍي پريشاني ٿي. پر ڀڳوان جي ڀلائي آهي، منهنجو گهر وارو سٺو ماڻهو هو، منهنجو خيال رکندو هو، هرطرح سان مون کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ مان ساهرن ۾ به ٽـُـڪَ جي رلي، ٽـُـڪَ جون چادرون، وهاڻا، گاديون، رومال، تنجڻ، پوتڙا ۽ ٽـُـڪَ تي ڪپڙا به ٺاهڻ لڳيس. شانتي پنهنجي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين مان ٽـُـڪَ جو ڪم رڳو گهر ۾ ئي ڪندي هئس ۽ اتي ئي رليون وغيره وڪڻندي هئس پر پوءِ آهستي آهستي پاڙي، ڳوٺ، شهر پوءِ هڪ شهر کان ٻي شهر رليون وڪرو ڪندي هئس، ڀڳوان منهنجو ساٿ ڏنو، منهنجي محنت به رنگ آندو ۽ ماڻهو منهنجي ڪم کي پسند ڪرڻ لڳا. شانتي جو ٽـُـڪَ ڪم رلين، چادرن، وهاڻن، گادين، ڪپڙن وغيره تي ڪندي آهي. رلي جاپاني، فليٽ، ڪاٽن، پاپلين جي ڪپڙن تي ٺاهيندي آهيان. رلي جيڪا آرڊر تي هوندي آهي ان تي تمام گهڻي محنت ٿيندي آهي اها 3 کان 7 مهينن ۾ تيار ٿيندي آهي ۽ هڪڙي رليءَ تي 4 کان 5 ماڻهو ڪم ڪندا آهن. شانتي وڌيڪ رلين جي باري ۾ ٻڌايو ته اسان کي جيڪي رليون کپائڻيون هونديون آهن انهن کي تڙ تڪڙ ۾ تيار ڪندا آهيون، چوڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ رليون هونديون آهن کپائڻ جون ۽ ٻيون هونديون آهن آرڊر تي تيار ڪرڻ جون. مثلن شادي يا ڪنهن خاص تقريب جون جيڪي رليون هونديون آهن انهن کي تيار ڪرڻ ۾ اسان کي 3 کان 7 مهينا لڳي ويندا آهن جن جو آرڊر اسان کي سال پهرين ملي ويندو آهي، انهن تي اسان تمام نازڪ ڪم ڪندا آهيون، توهان کي خبر ناهي جيڪي رليون آرڊر تي ٺهڻ لاءِ ملنديون آهن انهن رلين جو ڪپڙو ته هڪ رنگ جو هوندو آهي پر هن تي ڪم مختلف ڪپڙن کي ملائي پوءِ ٿيندو آهي. ستارا به لڳندا آهن جن کي اسان تمام سهڻي طريقي سان هڻندا آهيون، هاڻ اوهان کي خبر پئي هوندي ته هڪ رليءَ کي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي، هاڻ مان توهان کي رلين، رلڪن، چادرن، وهاڻن، گادين، ٻارڙن جا تنجڻ، پوترا ۽ ڪپڙن جي باري ۾ ٻڌايان ٿي. رليون: ننڍي مان ننڍي رلي 14 ميٽر جي هوندي آهي ۽ وڏي مان وڏي رلي 20 ميٽر جي هوندي آهي، رلي 5 کان 7 مهينن جي اندر تيار ٿيندي آهي. رلي 250 کان وٺي 5000 هزارن جي اندر وڪرو ٿيندي آهي. چادرون: چادر ٺاهڻ ۾ مهينو ڏيڍ لڳي ويندو آهي، چادر کي تيار ڪرڻ لاءِ ٻن يا چئن رنگن جي ڪپڙي جو اسپتال ٿيندو آهي ڪنهن ڪنهن چادر تي 6 رنگ به استعمال ٿيندا آهن. رلڪا: ننڍو رلڪو ميٽر جو ۽ وڏو 3 ميٽر جو هوندو آهي رلڪا به مختلف رنگ جا تيار ٿيندا آهن. وهاڻا: ننڍا اڌ ميٽر مان ۽ وڏو وهاڻو هڪ ميٽر جو هوندو آهي. رومال: ميٽر کان وٺي چار ميٽر جي سائز جا هوندا آهن. وڳو: ٽـُـڪَ تي جيڪو وڳو تيار ڪندا آهيون اهو 500 کان 600 جي اندر تيار ڪندا آهيون. |
|
|