مختصر ناول

سانوڻ جي برسات

نجمه  لغاري


قسط - پهرين

آسمان تان پاڻي رم جهم ڪري برسات جي روپ ۾ رحمت بڻجي، اسان سڀن لاءِ موج مستي جو سامان تيار ڪري چڪو آهي، ننڍا وڏا سڀ خوش ٿي ڊانس ڪرڻ لڳا، ساوڻ جي پهرين برسات سڀني کي مست ڪري چڪي آهي.

شازيه گهر جي بالڪوني ۾ خاموش هنن سپنن ۾ گم ٿي هڪ سرد آهه ڀري ٿي ۽ ماضي جي خيالن ۾ گم ٿي وڃي ٿي، جڏهن هن لاءِ به برسات موج مستي جو سامان هوندي هئي.

بس اسٽاپ تي بس جي انتظار ۾ بيٺي هئي ته اوچتو برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، برسات ۽ طوفان جي تيزي هن کي مجبور ڪيو ته رڪشه تي گهر وڃي ان لاءِ هو تڪڙو اڳتي وڌي رڪشا روڪڻ پئي چاهي ته هڪ ڪار تيز رفتاري سان هن جي ڀرسان گذري ٿي ۽ گندي پاڻي سان نه صرف هن جو لباس پر ڪتاب به آلوده ٿي ويا، هن اوچتي آفت تي هن ڪاوڙ ۾ ڪار واري کي گهٽ وڌ ڳالهايو، ڪار ڊرائيور ڪندڙ ڪاشف کي جيتوڻيڪ جلدي هئي پر هن ان سندر ڇوڪري جنهن کي برسات اڃا خوبصورت بڻائي ڇڏيو هو ۽ هن جي هن طرح هيڪلي بيهڻ تي ڪار واري هن کي لفٽ جي آفر ڪئي، جنهن تي شازيه نه صرف پنهنجي غصي جو اظهار ڪيو پر هن ڪار واري کي وڌيڪ ڊي گريٽ ڪرڻ لاءِ وڏي آواز ڪري ماڻهن جي توجه هن جي طرف ڪرائڻ چاهي، ڪاشف جلدي ڪار اسٽارٽ ڪري اتان کان وڃڻ ۾ عافيت سمجهي، اڄ شازي کي برسات ايترو خوار ڪيو هو تڏهن به گهر اچي سڌو رڌڻي ۾ گهڙي وڃي پڪوڙا، سموسه تري ۽ موسم کي وڌيڪ انجواءِ ڪرڻ لاءِ چانهه جو اهتمام ڪيو ۽ هو اڃا چانهه پي فريش ٿي ته دروازي تي بيل وڳي، هن سمجهيو ته شايد ادا هوندو، ان ڪري جلدي اٿي ۽ بغير پڇي دروازو کوليو ته اڳيان ڪاشف کي ڏسي هو اڃا باهه ٿي وئي ۽ غصي ۾ شروع ٿي وئي، اوهان جي ايتري همت اوهان منهنجي گهر اچي پهتا آهيو، آئون هينئر ئي اوهان جو حساب پورو ٿي ڪريان، هن زور سان چيو امي هن کي اچي ٻڌايو ته آئون هڪ انسپيڪٽر جي ڀيڻ آهيان. ڪاشف جيڪو هن اتفاق تي حيران به هو ۽ لطف اندوز به ٿي رهيو هو ته هو جنهن سان ملڻ آيو آهي، اتي ئي پنهنجي مقصد جي پڄاڻي به ٿي رهي هئي، شازيه جي ماءُ در تي اچي کيس پڇيو ته هو ڪير آهي؟ ڇا مسئلو آهي ته هن جلدي ۾ چيو آنٽي آئون ڳوٺ ٽنڊو محمد خان کان آيو آهيان، مون کي زهران خاتون اوهان سان ملڻ لاءِ چيو هو، زهران خاتون جو نالو ٻڌي صغران بتول جون اکيون ساوڻ مينهن جيان وسي پيون، هن ڪاشف کي اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ شازيه کي چانهه جو چيو، شازيه هنن ڏانهن وائڙن وانگر ڏسندي چانهه لاءِ رڌڻي ۾ وئي ۽ پنهنجي منهن ڳالهائيندي وئي ته اهو ڪير آهي، ڪٿي هو فراڊ ته ڪو نه ڪري رهيو آهي، چانهه کڻي اچي هو ڊرائنگ روم ۾ پهتي ته صغران خاتون هن اجنبي کي مٿي تي هٿ ڦيرائي پيار ڏئي رهي هئي، شازيه سوچيو ته هو شخص ايڏو چالباز آهي، هن امي کي منٽن ۾ پنهنجو ڪري ورتو، هن چانهه ميز تي رکي ۽ ڪجهه چوڻ چاهيو ته ماڻس چيس، شازيه هي تنهنجو ڪزن ڪاشف آهي، ڪهڙو ڪزن؟ منهنجو ڪزن وري ڪٿان پيدا ٿيو، هو سوچڻ لڳي ته ڪاشف ڏانهن ڏسندي چيو هيلو ڪزن.

هاڻي زهران جي ڪهاڻي ٻڌو

زهران جڏهن ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ڳوٺان هاسٽل شفٽ ٿي ته هوءَ الاهي ڪنفيوز هئي، هن کي ايئن لڳندو هو ته هرڪو هن جي انداز کي ڪري رهيو آهي، بلڪل ائين جيئن شهر ۾ آيل هر ڳوٺاڻي کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته شهر وارا سڀ کيس چتائي ڏسي رهيا آهن ۽ ان لاءِ ئي سوچي رهيا آهن.

پر زهران کي ڪهڙي خبر ته هو ان ماحول ۾ اچي چڪي آهي، جتي پنهنجو وجود ئي سڀن لاءِ اهم هوندو آهي، سڀ صرف پنهنجي لاءِ سوچين ٿا، زهران علي مصطفيٰ جي ويجهو نه چاهيندي به اچي وئي ۽ هنن ٻنهي لڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي، زهران لاءِ هاڻ مصيبت اها هئي ته هو ڪري ته ڇا ڪري، گهر وارن کي ڪيئن ٻڌائي ۽ هاڻ ته اهو ان راز کي وڌيڪ لڪائي به نه پئي سگهي، سندس وجود ۾ هڪ ٻي ذي روح جو احساس هن کي مجبور ڪري رهيو هو ته هو هاڻ ان حقيقت کان ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور ٻڌا”.

نه ته ٻي صورت ۾ ان تي الزام آوارگي لڳي پيو سگهي ۽ هو ان صورتحال کان خوفزده ٿي ڪري پنهنجي ماءُ (زهران خاتون جي ماءُ) صغران کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿي ڇڏي. جنهن لاءِ اها غير متوقع صورتحال انتهائي پريشان هئي، هو ڪنهن کي ٻڌائي به نه پئي سگهي ۽ لڪائڻ جهڙي به ڳالهه نه هئي. ڀلا سج ۽ چنڊ به ڪڏهن لڪي سگهيا آهن، ان جلدي ئي اهو پروگرام ٺاهيو ته هو پنهنجي ڀاءُ کي چئي ته هو پننجي پٽ جو نڪاح جلد زهره سان ڪري وٺي، جنهن سان زهران ننڍپڻ کان ئي مڱيل هئي.

پر زهره کي جڏهن خبر پئي ته هن آسمان کڻي مٿي تي کنيو، امان ڪجهه ته سوچيو آئون هاڻ ڪنهن جي منڪوحه آهيان.

ڪهڙي منڪوحه، ڇا جي منڪوحه، اهو به ڪو نڪاح چئبو، جنهن ۾ گهر وارا ئي راضي نه هجن، نڪاح لاءِ گهروارن جو نه بلڪه نڪاح ڪرڻ وارن جو راضپو ڏسبو آهي، امان، زهران ماءُ جي ڳالهه ڪٽي جواب ڏنو، ماڻس ٿپڙ وهائي ڪڍيس ته بدتميز هڪ ته اسان جي عزت جو جنازو ڪڍي آئي آهين، ٻيو وري بڪواس پئي ٿي ڪرين، زهران انتهائي پريشان هئي، ماءُ اگرچه هن جو راز سانڍيو پر جيڪا راهه هن کي ماءُ ٻڌائي اها قبول ڪرڻ هن لاءِ ناممڪن هئي، هاڻ هن وٽ هڪ ئي رستو بچيو هو ته هو علي مصطفيٰ سان هلي وڃي پر اهو به ان صورت ۾ ممڪن هو جڏهن هو گهر کان ٻاهر وڃي، ماءُ کيس گهر ۾ پابند ڪري ڇڏيو هو...... (هلندڙ)

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk