|
اسپائسي فنگرز سائره ممتاز گهربل سامان:- مڇي جا فنگرز ڪٽيل: 200 گرام چڪن:- پٽين جي شڪل ۾ ڪٽيل: 200 گرام پٽاٽا:- فنگرز جي شڪل ۾ ڪٽيل: 200 گرام لوڻ:معمول مطابق ٿوم: هڪ چانهه جو چمچو بصر: هڪ عدد ڪارا مرچ: هڪ چانهه جو چمچو سويا ساس: 3 کائڻ وارا چمچا ميدو: معمول مطابق بيضا: 2 عدد ڊبل روٽي جو چورو: معمول مطابق آئل ترڻ لا” طريقو: هڪ وڏي پيالي ۾ لوڻ، ٿوم جو پيسٽ، ڪارا مرچ، ساوا مرچ ۽ سويا ساس وجهي چڱي طرح ملائي انهي جي مڪسچر ٺاهي وٺو. پوءِ انهي مڪسچر ۾ چڪن ۽ پٽاٽن جي فنگرز کي ٻه ڪلاڪ لاءِ رکي ڇڏيو. انهن سلائسن کي پهرين ميدي مان پوءِ بيضي مان ڊپ ڪري ۽ ڊبل روٽي جو چورو هڻي 15 کان 20 منٽن لاءِ فريج ۾ رکي ڇڏيو. تيل کي گرم ڪيو ۽ فنگرز برائون ٿيڻ تائين فرائي ڪيو. ٽماٽو ڪيچپ سان گرم گرم سرو ڪيو:
بٽر چڪن مسز عرفان گهربل سامان چڪن: (بون ليس) اڌ ڪلو ڦيٺل ادرڪ: 2 چانهه جا چمچا ٿوم: 2 چانهه جا چمچا لوڻ: معمول مطابق ساوا بصر: 2 عدد ڏهي: اڌ پيالي فريش ڪريم: اڌ پيالي ڦيٺل ڳاڙها مرچ: هڪ چانهه جو چمچو ڪارا مرچ: ڦيٺل : هڪ چپٽي تيز پات: هڪ عدد ٽماٽي جو پيسٽ: هڪ پيالي ليمي جو رس: 2 چانهه جا چمچا مکڻ: 2 کائڻ جا چمچا ڪارن فلور: 2 کائڻ جا چمچا آئل: 2 کائڻ وارا چمچا طريقو: ديڳڙي ۾ تيل کي هلڪي باهه تي هڪ کان ٻه منٽ گرم ڪيو، پوءِ هن بصر جي اڇي واري حصي کي وجهي هلڪي نرم ٿيڻ تائين فرائي ڪيو، پوءِ هن ۾ مکڻ، ليمي جو رس، ادرڪ، ٿوم، گرم مصالحو، ڳاڙها مرچ، جيرو ۽ تيز پات کي شامل ڪريو. چمچي کي هلائيندي ۽ وڌيڪ ڀڃندي ٻن منٽن تائين ڀڃيو. هاڻ وڌيڪ ٽماٽو ساس وجهي ٻن منٽن تائين اڃا وڌيڪ ڀڃيو، پوءِ هن ۾ ڏهي ۽ ڪريم ملائي چمچي کي هلائينديون رهيو. باهه کي گهٽ ڪري 10 منٽ لاءِ دم تي رکو ۽ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ چمچو هلائينديون رهو. چولهه تان لاهي لوڻ ۽ ڪارا مرچ وجهي ڇڏيو. هاڻ ڪڙاهي ۾ تيل کي هلڪو گرم ڪيو ۽ پوءِ هن ۾ ڪڪڙ جا ٽڪڙا وجهي برائون ٿيڻ تائين فرائي ڪيو. باهه کي گهٽ ڪري گرم مصالحو انهي شامل ڪريو ۽ ٻه کان ٽي چمچا ساس وجهي خشڪ ٿيڻ تائين فرائي ڪيو هاڻ سڀني مصالحن کي ساس سان گڏ ڪڪڙ جي ٽڪڙن ۾ وجهي ڇڏيو ۽ آخر ۾ ڪارن فلور جا ٽي چار چمچا وجهي ست منٽ تائين پچايو. آخر ۾ پوءِ اڀريل چانورن سان کائو. |
|
|