چنڊ سان ڳالهيون

زيبا لاشاري


قسط - پهرين

اڄ چوڏهين جي رات آهي، چنڊ پنهنجي پوري جوڀن سان آسمان تي ڪنهن رقاصا وانگر پيرن ۾ ڇير ٻڌي رقص ڪري رهيو آهي، هزارين ستارن ۾ به چنڊ اڪيلو پيو لڳي ۽ ان جي ڇير مان ڇم ڇم جي آواز بجائي سڏڪن جو آواز پيو اچي، بلڪل منهنجي سڏڪن جهڙو، تڏهن مون آسمان تي بيٺل ان چنڊ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.

چيم اي چنڊڙا ڏس اڄ مان توکي زندهه پئي نظر اچان پر ڏس ته سهي ڇا واقعي آئون زندهه آهيان پر چنڊرا مون ته واعدو ڪيو هو ته ڪنهن کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ آئون زندهه نه رهي سگهنديس، پوءِ اڄ آئون ڇو زندهه آهيان، چنڊ ڇا مان اهو واعدو ڪوڙ ڪيو هو پر نه ڪجهه انسان مرڻ کانپوءِ مري ويندا آهن ۽ ڪجهه وري جيئري مري ويندا آهن، هو زندهه هوندي به مئلن مثل هوندا آهن، جيئن آئون آهيان، اڄ مان به توکي بيشڪ زندهه ٿي نظر اچان پر حقيقت ۾ آئون زندهه نه بلڪه هڪ زندهه لاش جيڪو لاوارث لاش هوندو آهي، مان به ان وانگر آهيان، بس هاڻي صرف دنيا داري پيا ٿا نڀايون، پر تون مون کي اڃا تائين زندهه هجڻ جو ڏوهه نه ڏجان”، ڇو ته انسان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به پڪو ۽ سفت پٿر نه ٿو ٿي سگهي، ها انسان هڪ اهڙو ڪپ پٿر آهي، جيڪو نه ڪنهن کان ڇڄڻ وقت تڙپندو آهي ۽ نه وري ڪنهن سان ملڻ وقت جهومندو آهي، اي چنڊڙا تون اڄ ائين مون کي ڇو پيو ڏسين، مون کي ائين لڳي ٿو، جيئن تون مون کي چوندو هجين، ته مان به هاڻي بي وفا ٿي وئي آهيان، تنهن ڪري اڄ زندهه آهيان پر چريا چنڊ ڪڏهن ڀلجي به اهو الزام مون تي نه هڻجان”، ڇو ته مان ان لاءِ زندهه آهيان، جو مون کي ڪنهن منهنجي ماءُ جي ممتا جو قسم ڏئي چيو هو ته جيڪڏهن تون ڪنهن جي جدائي جو زهر پيئڻ کانپوءِ مرڻ جي صرف ڳالهه به ڪئي ته پوءِ اها ماءُ به توکي ڪو نه بخشيندي جنهن ماءُ جي تو ٿڃ پيتي آهي، چنڊ پوءِ تون ئي ٻڌائي ته مان اهڙو قسم ڪيئن ٽوڙيان. جڏهن ته جيئڻ منهنجو به ڪو نه ٿو جڳائي، جيئن چري چڪور تو بن ناهي، جسيءِ سگهندي تو تائين پهچڻ ان جي وس ناهي هوندو، پوءِ به هو الاءِ ڇو پنهنجو هر وس هلائيندي آهي تو تائين پهچڻ لاءِ جيئن هو تنهنجي سڪ ۾ تڙپندي آهي، آئون به ته ڪنهن جي سڪ ۾ تڙپڻ ۽ روز روئڻ جي عادي ٿي وئي آهيان. ڇا اها وفا جي نشاني ناهي، منهنجي تڙپڻ جو تون ئي ته شاهد آهين. ڇا تو مون کي ان جي جدائي م روئندو ناهي ڏٺو. اي چنڊ وڃي تون هن کي چئو ته جڏهن ڪنهن خطا وار کي سزا ڏبي آهي ته پهرين ان جي ڪيل خطا کي ڏسبو آهي، پوءِ سزا ڏبي آهي پر هن جڏهن اسان لاءِ سزا چونڊي تنهن مهل هن اسان جي اڻ ڪيل خطا تي هن ڇو ته گور ڪيو، چنڊڙا ڪيڏا نه چريا آهن، اهي ماڻهو جيڪي چوندا آهن ته ڪو خواب سمجهي ان انسان کي وساري ڇڏ، جنهن انسان هي زخم ڏنا آهن پر شايد انهن کي اها خبر ناهي ته زخم ڏيڻ وارا ڪڏهن به ناهن وسرندا، ڇو ته جيترو زخمن ۾ درد هوندو آهي، اوترو ئي اهي زخم ڏيڻ وارا ياد ايندا آهن ۽ جيترا هي زخم گهرا ٿيندا آهن، اوترائي زخم ڏيڻ وارا پيارا ٿيندا آهن پر چنڊرا يقين ڪرين ته اسان کي انهن جا ڏنل زخم به انهن وانگر پيارا آهن، پوءِ تون ئي کڻي ٻڌائي ته اهڙن پيارن کي وساربو آهي جو مون کي چون ٿا ته مان ان کي ڪنهن خواب وانگر وساري ڇڏيا، ڇا اهو ممڪن آهي. چنڊرا تون وڃي هن کي چئو ته ڇو هن اسان جو پيار وساريو، ڇو هن اسان کي هن دنيا جي جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏيو آهي، دنيا جي هن جهنگ ۾ جٿي هر طرف ڪنڊائي ڪنڊا آهن، ڇا اسان هن کانسواءِ دنيا جي اهڙي جهنگ ۾ زندگي جو اڻکٽ سفر ڪري سگهنداسين، چنڊڙا وڃي چئوس ته اسان جي روح جو پکي هن جي پيار جي پڃري ۾ قيد ٿي رهڻ چاهي پيو، پوءِ هن ان پکي کي ڇو پڃري مان ڪڍي اڏاري ڇڏيو.

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk