|
عورتن سان ٻٽا رويا مسز عرفان عورتن تي جيڪو معاشي، نفسياتي، جنسي ۽ هر طرح جو جبر ٿيندو آهي، ان جي لاءِ عورتن کي گهرن ۾ اڳ ۾ ئي تيار ڪيو ويندو آهي. جنهن معاشري ۾ اسان عورتون رهون ٿيون. ان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ اسان کي گهرن ۾ ئي سکيا ڏني ويندي آهي ۽ اسان کي مرداڻي معاشري جي لاءِ خام مال طور استعمال ڪيو ويندو آهي. عورتن جي گهريلو تعليم جيڪا کين پنهنجي وڏن کان ملندي آهي. ۽ اهو گهريلو سکيا جو نظام بنيادي طور تي عورتن جي تربيت جي لاءِ ٿيندو آهي ۽ ان کي شادي جي منڊيءَ جي لاءِ تيار ڪندو آهي. عام طور تي ان جي ذميداري گهر جي عورتن تي هوندي آهي جيڪي هڪ ڇوڪري کي کاڌي ٺاهڻ جا طريقا ۽ ٻارن ۽ پوڙهن کي سنڀالڻ جا گـُـرَ، گهريلو ادب لحاظ، نسواني جسم جو خيال رکڻ جو طريقو، گهريلو خرچن جو حساب رکڻ ۽ گهر هلائڻ جا طريقا سيکارين ٿيون. ان سان گڏ ئي عورتن جي برين واشنگ به ٿيندي رهندي آهي. ان ڪري هن گهريلو سکيا ۾ وارن، چهري ۽ نهن کي تازو توانو ۽ خوبصورت رکڻ جي لاءِ طريقا به ٻڌايا ويندا آهن. مردن جو خيال رکڻ جا طريقا ۽ انهن جي ناراضگي ختم ڪرڻ جا طريقا به ان ۾ شامل آهن. ايتري قدر جو گهر هلائڻ، مڙس جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻارن جي سارسنڀال ۽ پوڙهن جو خيال رکڻ جي باري ۾ هر شيءَ سيکاري ويندي آهي. خوبصورتي جا طريقا صرف مڙس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي خوش رکڻ جي حد تائين ضروري سمجهيا ويندا آهن. ٻين مردن جي سامهون پاڻ کي خوبصورت ٺاهڻ غلط سمجهيو ويندو آهي. ان کان علاوه سلائي ڪڙهائي، ڀرت ڀرڻ، ڪپڙا سبڻ به سيکاريو ويندو آهي. هن مڪروهه سکيا ۾ هر قسم جي هنر کان علاوه اختلافي ڳالهيون به ٻڌايون وينديون آهن مثال طور صحيح ۽ غلط ڇا آهي. سٺا عمل ڪيئن هوندا آهن برائي جو نتيجو ڇا هوندو آهي، ان کان علاوه تابعداري، فرمانبرداري، خدمت ڪرڻ جي اهميت کي به ڏينهن رات عورتن جي ذهن ۾ ڀريو ويندو آهي. پنهنجي ذات کي دٻائي ۽ ارمانن کي ختم ڪرڻ صرف ٻين جي خوشين کي اهميت ڏيڻ جي تعليم ڏني ويندي آهي. ننڍن وڏن جي وچ ۾ تميز، رشتن جي وڏ ننڍائي، باقائده طور تي پڙهايون، سيکاريون وينديون آهن. هيءَ تربيت گهڻو ڪري گهرن جي باورچي خاني ۾ ڏني ويندي آهي، جتي عورتون ملي ڪري کاڌو پچائينديون آهن، ڪچهري به پيون ڪنديون آهن ۽ مسئلن تي صلاحون به ڪنديون آهن، اڪثر ماءُ کان علاوه وڏيون ڀينرون، گهر جون وڏيون ڪراڙيون مثال طور ناني يا ڏاڏي وغيره، رشتيدار عورتون جيئن ماسي، چاچي مامي، وغيره ۽ امير گهرن ۾ گهريلو ملازم ۽ پاڙي واريون عورتون هن سکيا واري ڌنڌي سان لاڳاپيل هونديون آهن. امير گهرن ۾ ڪم وغيره ته ملازم ڪندا آهن، پر ڇوڪرين جي نسواني تعليم پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ضرور ڪئي ويندي آهي. مثال طور فيشن ۽ ٺاهه ٺوهه جي تعليم، ڪيڪ ۽ گفٽ کي پيڪ ڪرڻ جي ترڪيب، چمڙي کي نرم رکڻ جون ترڪيبون ۽ ٻيون سرگرميون. پر جيتري حد تائين قدرن جو تعلق آهي اتي جديد گهرن ۾ مڙس کي مجازي خدا نه بڻايو ويندو آهي. وچولن ۽ هيٺين طبقن ۾ مجازي خدا تي سڄو ڏينهن زور هوندو آهي. هندستان فلمون ۽ ڊراما رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏيندا آهن. عورت جو سڄو وجود مرد جي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي. تمام غريب، ڳوٺاڻن ۽ قبائلي علائقن ۾ گهرن جو ڪم ۽ کاڌو پچائڻ، جانورن جي سنڀال ۽ ٻارن کي سنڀالڻ سيکاريو ويندو آهي، پر فيشن ۽ هار سينگار تي ايترو زور نه هوندو آهي. ليڪن هن طبقاتي فرق جي باوجود ڪجهه بنيادي شيون تقريبن هر ڇوڪري کي هر علائقي ۽ هر دور ۾ سيکاريون وينديون آهن. مردن کي خوش رکڻ ۽ تابعداري ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ تمام عام آهي. گهر جو باورچي خانو هڪ عورتاڻي جڳهه سمجهي ويندي آهي. جتي اگر ڪوئي ڇوڪرو کيڏندي کيڏندي اچي به وڃي ته ماءُ دڙڪا ڏيندي آهي ته تنهنجو هتي ڪهڙو ڪم آهي؟ تنهنڪري هڪ ڏهن سالن جي ڇوڪري ته گهر ۾ ماءُ جي مدد ڪندي رهندي آهي، پر هڪ ڏهه سالن جو ڇوڪرو گهٽي ۾ کيڏندو رهندو آهي. ان تي ڪابه ذميداري نه وڌي ويندي آهي ۽ هڪ ننڍي ڇوڪري گهر جو سڄو ڪم ڪندي آهي. ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي به سنڀاليندي آهي. اهو ڇوڪرن جي لاءِ کيڏڻ ڪڏڻ ۽ بي فڪري جو زمانو سمجهيو ويندو آهي پر ڇوڪريءَ جي لاءِ گهر جو ڪم ڪار ۽ هڪ عورت بڻجڻ جو، باورچي خاني ۾ هڪ طرف ڇوڪريون بصر ڪٽڻ داغ پچائڻ ۽ ماني پچائڻ جي ترڪيب سکنديون رهنديون آهن ۽ ٻي طرف کان مڙس جي عزت ۽ وڏائپ، عورتن جا فرض، نيڪي جي اهميت جي باري ۾ گفتگو ٻڌنديون آهن. اڪثر ڪم جي دوران ڪائي پاڙيواري ايندي آهي جيڪا پاڙي جي ڪنهن گهر جو ذڪر ڪندي آهي ته فلاڻي جي ڇوڪري گهر کان ڀڄي وئي ته ان جي پيءُ ڀائرن ان کي پڪڙي ڏهن ڏينهن تائين بند رکيو ۽ ماريو ڪٽيو يا قتل ڪري ڇڏيو. اهڙن قصن ڪهاڻين سان ننڍپڻ ۾ ئي ان جي دل ۾ خوف ويهاريو ويندو آهي ته انهن جي پنهنجي ڪا به مرضي نه آهي. شادي جي معاملي ۾ جيڪو فيصلو پيءُ ڪري اهو ئي بهتر آهي ان کي پنهنجي مڙس پسند ڪرڻ جو ڪو به حق نه هوندو آهي. ننڍپڻ ۾ ئي ان جي دل ۾ مذهبي تصورن جي ذريعي دل ۾ شديد خوف ويهاريو ويندو آهي. جنت جون ٿڌيون هوائون ۽ دوزخ جي بي رحم باهه جا خيال انهن کي ذهن ۾ ويهاريا ويندا آهن. انهن کي هر دم ڀؤ هوندو آهي ته اگر هوءَ ڪوئي قدم والدين جي مرضي جي خلاف کڻندي ته نه صرف ان کي هن دنيا۾ سزا ملندي پر ان جي قيامت به ڪاري ٿيندي. پاڪيزگي ۽ پاڪدامني جي خاطر ان کي گهر جي چار ديواري ۾ رهڻ جي نصيحت ڪئي ويندي آهي. چيو وڃي ٿو ته ان جو آواز به غير مرد نه ٻڌي ۽ چار ديواري کان ٻاهر نه وڃي. يعني ان جي هر حرڪت، ان جو آواز، ان جي سڀني صلاحيتن کي ختم ڪيون وينديون آهن. بس هڪ عورت کي ته پنهنجي انسانيت کي ختم ڪرڻو هوندو آهي ته جيئن اها مرداڻي نظام جي سانچي ۾ ويهي سگهي. ملڻ جلڻ، وڌيڪ مسڪرائڻ يا کلڻ ڳالهائڻ برو سمجهيو ويندو آهي. سڀ اهي صفتون جيڪي هڪ شخص جي سڃاڻپ ۽ ان جي ذات جي اظهار جو ذريعو هونديون آهن ختم ڪيو وينديون آهن. عورت کي آزادي نه ڏني ويندي آهي. جنهن چارديواري ۾ ان کي ننڍپڻ ۾ ئي قيد ڪري رکيو ويندو آهي. اتي ان کي هر وقت اڻڄاڻ ۽ اجنبي هجڻ يا پرائي هجڻ جو احساس به ڏياريو ويندو آهي. هر وقت ان کي چيو ويندو آهي ته هوءَ رڳو ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي ۽ ان کي هڪ ڏينهن پنهنجي گهر وڃڻو آهي. عورت کي هر وقت پرايو ڌن هجڻ جو احساس ڏياريو ويندو آهي. ڇوڪري کي گهر ۾ اڪثر ساهرن جا طعنا ڏيندا آهن. هي ان جي تربيت جو حصو هوندو آهي. ان کي چيو ويندو آهي ته اڳيان چوندا ته ماءُ هن کي ڪجهه به نه سيکاريو آهي. اڳلا برداشت نه ڪندا اگر هن کان ننڍي غلطي ٿي وڃي يا ٿوري ڀل ٿي وڃي ته اڳين گهر جو طعنو ڏيئي ڪري ان کي سڌري راهه تي آڻڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي آهي. ان جو پنهنجو ڪوئي گهر نه هوندو آهي. ان جو صرف پويون يا اڳلو هوندو آهي ان جو پنهنجو ڪوئي نه هوندو اهي عورتون ٻنهي جڳهين تي اجنبي ٿي رهن ٿيون. شادي ڪيترين ئي ڇوڪرين جي لاءِ موت جو سبب بڻجي ٿي. مثلن ان کي ساڙي موت جي گهاٽ لاٿو ويندو آهي. يا ان جي مان تيل هاري باهه لڳائي ويندي اهي ۽ چيو ويندو آهي ته چلهو ڦاٽي پيو پر ڪيترين ئي ڇوڪرين کي جسماني لحاظ سان موت نه ڏنو ويندو آهي ڇو ته ان جي ضرورت ئي هوندي آهي. شادي جا موت جي برابر هوندي آهي. ڇو ته انهن کي پنهنجي سمورين خواهشن، ارمانن ۽ خوابن کي ختم ڪري اهو ڪرڻو پوندو آهي جيڪو مڙس ۽ ساهرا طئي ڪندا آهن. انهن کي ننڍپڻ ۾ ئي ساهرن جي باري ۾ طعنا ڏئي ڪري ۽ چوڻي ٻڌائي ڪري ڊيڄاريو ويندو آهي. پوءِ ڇوڪرين ۾ اڪثر سرڪشي جا ختم ٿي ويندا آهن ۽ اهي پاڻ کي ماري ڇڏينديون آهن. ساهرن کي بي حد ڀوائتي ۽ خوفناڪ انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڇوڪري بغاوت جي باري ۾ سوچي به نه سگهي. پر جڏهن پڇئون ٿا ته اذيت ۽ بي عقلي جي ان جهان ۾ وڃڻ ڇو ضروري آهي ته جواب ملندو اهي ته هي معاشري جي ريت آهي ڇو ته جوان ڪنواري جو جنازو جائز نه آهي. مڙس جي حقن جو رعب هن تي وجهڻ لاءِ نه صرف حديث پاڪ بلڪه اهڙيون روايتون ۽ ڪهاڻيون ٻڌرايون وينديون آهن جيڪي انساني عقل جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن.مثال طور هڪ ڪهاڻي جيڪا تقريبن هر مڊل ڪلاس جي گهر ۾ ڇوڪرين کي ٻڌائي ويندي آهي اها هي آهي ته هڪ رات هڪ عورت سڄي رات مڙس ان کان پاڻي گهريو جيستائين هوءَ پاڻي کڻي آئي ته هن جو مڙس گهري ننڊ سمهي پيو پر اها عورت سڄي رات مڙس جي جاڳڻ جي لاءِ پاڻي جو گلاس کڻي بيٺي رهي ته ڪٿي جاڳي پيو ته اڃايل هوندو. ٻي رات هن جي خواب ۾ آيو ته الله کي هن جو اهو عمل ايئن پسند آيو جو هوءَ سڌي جنت ۾ هلي وئي. هن ڪهاڻي ۾ زال جي فرمانبرداري ۽ خدمت جي وڏي تعريف ڪئي ويندي آهي. ليڪن ڇو ته عورتن کان عقل جي اميد نه ڪئي ويندي آهي بلڪه صرف جذبن جي توقع ڪئي ويندي آهي پر عورت جو پوءِ به بي عقل ۽ بيوقوف هجڻ تي مذاق اڏايو ويندو آهي. جيڪڏهن هوءَ عقل ۽ دانشوري جي ڳالهه ڪري ٿي ته سڀ کان خوفزده ٿي گهٻرائجي ان کي دٻائڻ لڳندا آهن ايئن سوچڻ ته مردن جو ڪم هوندو آهي هن جو ڪم ته صرف اهو هوندو آهي ته حڪم جي تعميل ڪري ۽ بغير سوال پڇڻ جي هر ڳالهه مڃي! هيءُ ئي اهو گهريلو سکيا جو نظام آهي جيڪو صدين کان عورتن کي مردن جي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ عورتن کي ذهني طور اهڙي قرباني پاڻ ئي ڏيڻ لاءِ تيار ڪندو آيو آهي. جيڪو صدين کان عورتن کي مردن جي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ عورتن کي ذهني طور اهڙي قرباني پاڻ ئي ڏيڻ لاءِ تيار ڪندو آيو آهي. ان قسم جي تربيت جي ڪري اڄ تائين عورتن ۾ مختلف قسم جا نفسياتي ۽ نسواني مسئلا جنم وٺن ٿا ۽ نفسيات سان لاڳاپيل ماڻهن کي خبر آهي ته عورتن ۾ ئي ڇو هسٽريا جو مرض گهڻو ٿيندو آهي. هن قسم جي گهريلو سکيا جي ڪري اڄ جي جديد دور ۾ اسان عورتون گهڻو اڳتي نه نڪري سگهيون آهيون. حيرت آهي ته عورتون پنهنجون دشمن پاڻ ئي بڻجي پون ٿيون ۽ اهڙي قسم جو فرسوده سماج نظام جو حصو ٿيڻ لاءِ راضي ٿي وڃن ٿيون، انهن جي برين واشنگ اهڙي ڪئي ويندي آهي. جو هن جي زندگي جو سمورو محور ۽ مرڪز شادي ئي رهجي ويندي آهي. يعني پيءُ جي فرمانبرداري مان نڪري مڙس جي فرمانبرداري ۾ داخل ٿيڻ، فلمن ۽ ڊرامن ذريعي شادي جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي هڪ ڏاڍي حسين زندگي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اهو نه ٻڌايو ويندو آهي ته شادي کانپوءِ عورت جي ڪهڙي حالت ٿيندي آهي، ويم کان وٺي ٻار سنڀالڻ تائين هن کي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. |
|
|