صحت مند کاڌا، صحتمند دل

ڊاڪٽر رياض احمد کٽي


اهو ته عام طور تي چيو ويندو آهي ته بهتر خوراڪ اوهان جي صحت کي بهتر بنائي ٿو پر هاڻي اها ڳالهه پڻ ثابت ٿي آهي ته بهتر کاڌو انهن ماڻهن لاءِ جن جي وراثت ۾ دل جون بيماريون مليون آهن کي پڻ انهي مرض کان بچڻ ۾ مدد ڪري ٿو. عام طورتي اهو ڏٺو ويو آهي ته جن والدين کي دل جي ڪا بيماري آهي ته انهن جي اولاد کي اها بيماري ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي هڪ تحقيق مان اهو پتو پيو آهي ته 9P 21 نالي ڪروموسوم جي ڪري دل جي بيماري جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ طبي سائنسدانن سوزين ايس آنند جيڪا هيلملٽن جي ميڪ ماسٽر يونيورسٽي ڪئناڊا ۾ تحقيق ڪئي آهي، هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اٽڪل 20 سيڪڙو ماڻهو دل جي بيماري وڌائيندڙ جين کڻي پيدا ٿيندا آهن. انهن کي انهي بيماري کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن ڪجهه ٻيو نه ٿي سگهي ته صحند کاڌو ئي کائڻ گهرجي. ان ڏس ۾ اٽڪل 27 هزار ماڻهو تي تحقيق ڪئي ويئي جن کي صحت مند  ۽ غير صحت مند کاڌا کارايا ويا. جن مان ڪجهه جي جسم ۾ انتهائي خطرناڪ جينز پڻ موجود هئا. انهي تحقيق دوران صحت مند کاڌي کارائڻ جو مطلب وڏي مقدار ۾ ميوات ۽ ڀاڄين جو استعمال هو. خاص ڪري ڪچيون ڀاڄيون ۽ سلاد وڌيڪ استعمال ڪرايو ويو، جڏهن ته غير صحت مند غذا طور تريل کاڌا، گوشت ۽ نمڪو شامل هئا. نتيجي ۾ اهو پڌرو ٿيو ته جن ماڻهن جي جسم ۾ خطرناڪ جينز موجود هئا ۽ انهن غير صحت مند کاڌا استعمال ڪيا ته انهي ۾ دل جي دوري جو خطرو 30 سيڪڙو وڌي ويو. جڏهن ته صحتمند کاڌا استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ اهو خطرو گهٽيل ڏسڻ ۾ آيو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اوهان صرف صحتمند کاڌن ذريعي دل جي بيمارين جو خطرو مڪمل طور ختم نٿا ڪري سگهو. ان لاءِ اوهان کي ورزشون ۽ ٻيو صحتمند شيون پڻ استعمال ڪرڻيون پونديون ۽ پنهنجي روزمره جي معمول کي پڻ بهتر بنائڻو پوندو پر انهي خوراڪ ذريعي اوهان تاءُ اهو خطرو گهٽ ضروري ڪري سگهو ٿا. ان سان گڏوگڏ اوهان کي سگريٽ ٻيڙي پيئڻ يا وري تماڪ کائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کان ذهني دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ پڻ ڪجهه ڪرڻو پوندو.