اوهان جو پيٽ: صحت جي شروعات

عائشه اشرف


                پيٽ جسم جو هڪ اهڙو عضون سرشتو آهي جيڪڏهن ان جي نظام ۾ ڪا خرابي ٿي وڃي ته پوءِ جسم جا ٻيا نظام به ان پيٽ جي ڪري متاثر ٿي سگهن ٿا. اڪثر ڊاڪٽرن  ۽ طبي حڪيمن جو چوڻ آهي ته 70 سيڪڙو جسم ۾ بيماريون معدي جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري ٿين ٿيون. پيٽ ۾ جيڪڏهن سُور يا ڪا تڪليف محسوس ٿيندي آهي ته گهڻائي ماڻهو علاج بدران مفروضه ڪندا آهن ۽ پنهنجا ٺاهيل گهريلو ٽوٽڪا آزمائيندا آهن. جنهن ڪري پيٽ جي تڪليف ختم ٿيڻ بدارن وڌي ويندي آهي.

ڪجهه ماڻهو کي صبح صبح ماني کائڻ کانپوءِ پيٽ ڀاري ڀاري محسوس ٿيندو آهي. جنهن جي اڪثر ماڻهو اهو چوندا آهن ته توهان کي اناج کان الرجي آهي پر ائين ئي پنهنجي پاران ڪجهه چئي ڇڏڻ غلط آهي. حقيقت اها آهي ته هاضمي جو نظام طويل ۽ پيچيده آهي صحيح معني ۾ يا مڪمل طور تي خوراڪ کي هضم ٿيڻ ۾ 24 کان 72 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. جنهن ۾ مختلف عضوا حصو وٺندا آهن. يعني منهن، خوراڪ جي نالي، معدو ۽ ڏهه ميٽر ڊگهائي واري آنڊي ۾ آهسته اهو سفر ٿيندو رهندو آهي. هاضمه جي نظام جو هر حصوٻئي حصه سان لاڳاپيل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ پاسي ڪا تڪيلف يا مسئلو درپيش اچي ته سڄو نظام گڙٻڙ ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن پيٽ جو نظام صحيح ۽ درست رهندو ته اهو توهان جي سڄي جسم جي نظام کي ڪنٽرول ڪندو. اهو ضروري آهي ته خوراڪ ۾ فروٽ فائبرز واريون ڀاڄيون ۽ پاڻي (ٻه ليٽر هڪ ڏينهن ۾) پيئڻ سان معدو بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهندو. پاڻي هڪ اهڙو قدرتي تحفو آهي جيڪو معدي ۽ جسم کي فلٽر ڪندو آهي. روزانو ماني کائڻ کانپوءِ ٿوري چهل قدمي ڪجي خوراڪ ۾ تيل واريون شيون بازاري شيون ۽ ڪولڊ ڊرنڪ کان پرهيز ڪرڻ سان صحت ۽ معدو بهتر رهندو.