|
ٻارڙن کي زبردستي کاڌو نه کارايو آرتي پرڪاش اهي مائٽ جيڪي ٻارڙن کي مستقل اهو کائڻ تي مجبور ڪندا رهن ٿا جيڪو ٻارڙن کي پسند نه آهي پر مائٽ اهو سمجهن ٿا ته اهو انهن جي صحت لاءِ فائديمند آهي. اهي ايئن ڪرڻ ڇڏي ڏين. ڇاڪاڻ ته انهي زبردستي سان هڪ ته ٻارڙا ضدي ٿيندا ۽ ٻيو انهن جي صحت تي ناڪاري اثر پوندا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻار خود بخود اهو سموريون شيون کائڻ شروع ڪندا انهن کي کائڻ تي راضي ٿي ويندا جيڪڏهن اوهان کي سندن مرضي ۽ پسند تي ڇڏيو ۽ هرگز اهو کاڌو نه کائيندا. جيڪڏهن والدين انهن تي دٻاءُ وڌائين. خاص ڪري ننڍڙي عمر جي ٻارڙن تي زبردستي ڪرڻ بلڪ به صحيح ناهي. ڊاڪٽرن ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته تجربن دوران اهو ڏٺو ويو ته ساڳيو کاڌو جڏهن 4 ورهين جي ٻارڙن جي ٻن گروپن آڏو رکيوويو ته جن ٻارڙن تي زبردستي نه ڪئي وئي انهن، جن ٻارڙن کي اهو کاڌو زوري کارايو ويو کان وڌيڪ کاڌو. هوڏانهن پينسلاوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته زوري کاڌو کارائڻ يا زبردستي ڪرڻ سان ٻار ٻه چار گرهه ضرور کائيندا پر ان سان صحت تي خراب اثر پڻ پوندا. ڇاڪاڻ ته زبردستي کارائڻ سان ٻار جو هاضمي وارو سرشتو ته ان ڪري سندس ذهن انهن شين کي قبول نه ٿو ڪري، سبب قبول نه ڪندو ۽ اهي شيون ٻار جي صحت کي ڪوبه فائدو نه ڏيئي سگهنديون. ان ڪري بهتر اهو آهي ته ٻار کي کاڌي ۾ پنهنجي پسند تي هلڻ ڏنو وڃي پر اهو ڪري سگهجي ٿو ته اوهان صحت مند شين مان ئي کاڌي جا ڪجهه وڌيڪ قسم ان جي آڏو رکو جيئن اهو پنهنجي پسند موجب ڪا شي چونڊي سگهي. اوهان شين کي مختلف طريقن سان تيار ڪري به ٻار جي کائڻ واري خواهشن کي وڌائي سگهو ٿا. |