سُٺي ننڊ: اوهان جي سُڪون جي علامت

نرملا پرڪاش


                ننڊ انساني صحت ۽ سُڪون لاءِ نهايت ئي ضروري آهي، اها جيڪڏهن  پرسُڪون نموني اچي ٿي ته اوهان جو سمورو ڏينهن سُڪون سان گذري ٿو. ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو. هر ڪم ڪرڻ جو مزو اچي ٿو. ماڻهو پنهنجي پاڻ کي فضيلت ڀريو، آرامده ۽ بهتر سمجهي ٿو پر جيڪڏهن اوهان جي ننڊ رُسي وئي آهي. سڄي رات يار وري رات جو وڏو حصو جاڳندي ۽ پاسا مٽائيندي گذاري ٿو ته ايندڙ ڏينهن اوهان جو نهايت ئي خراب گذري ٿو. اوهان جون اکيون ڪم ڪندي ڪندي بند ٿيو وڃن، اوهان جي مٿي ۾ سُور محسوس ٿئي ٿو، وڌيڪ ٿڪاوٽ محسوس ٿئي ٿي، اوهان جو من ڪنهن به ڪم ۾ نٿو لڳي، ان جو اثر اوهان جي روز روٽين تي پوي ٿو. اوهان جي ڪم جو نتيجو خراب رزلٽ جي صورت ۾ نڪري ٿو ۽ ايئن اوهان جو سمورو ڏينهن خراب گذري ٿو. اها ڳالهه رڳو هڪ ڏينهن جي هجي ته ٺيڪ آهي پر جن ماڻهن جي ننڊ سدائين لاءِ خراب هجي انهن لاءِ زندگي زهر بڻيو وڃي ٿي. ننڊ خراب ٿين جا ڪيئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. جنهن مان ڪي ڪارڻ طبي ته ڪي وري ذهني حالت سان لاڳاپو رکن ٿا. اوهان جي مالي حالت، جسماني صحت، وڌيڪ سفر ڪرڻ گهر ۾ اڻ وٺندڙ مهمان اچڻ، ڪنهن ڳالهه  تي ڪاوڙ ٿين، ڀرپاسي ۾ شادي وغيره جي تقريبن ۾ ٿيندڙ آتشبازي ۽ رڪارڊن جو وڃڻ. ٻارڙن ۽ گهرواري جون ايتريون فرمائشون جيڪي اوهان پوريون نه ڪري سگهو. جيڪڏهن اوهان  شاگرد آهيو ته پوءِ امتحان ۽ امتحاني نتيجا، نوڪريون ڪندڙ ماڻهن لاءِ آفيس ۾ ڪم جو دٻاءُ، باس جا نخرا ۽ اهڙا ڪيئي ٻيا امر ٿي سگهن ٿا جيڪي اوهان جي ننڊ خراب ڪري سگهن ٿا. عام طور تي چيو ويندو آهي ته ماڻهن کي پنهنجي سمهڻ جون شيڊيول طئه ڪري رکڻ گهرجي. سوير سمهڻ ۽ سمهڻ کان اڳ زندگي جو سموريون ڏکيايون ذهن مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ سبب ننڊ آرام سان ايندي آهي. اوهان جو بسترو آرامدهه هجي. وهاڻو نرم ۽ نارمل هجي. جيڪو گدو اوهان استعمال ڪيو ٿا انهن جو فوم صحيح طرح هجي مطلب ته گهڻو دٻيل فوم اوهان جي چيلهه کي تڪيلف ڏيندو ۽ نتيجو اوهان جي ننڊ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ پڌرو ٿيندو. کاڌي کان گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ڪلاڪ بعد سمهڻ، کائي يڪدم سمهڻ نه صرف نند تي اثر انداز ٿئي ٿو پر ايئن ڪرڻ سان اوهان جو پيٽ پڻ وڌي وڃي ٿو. ان کان سواءِ گئس ۽ بدهضمي جي به شڪايت ٿئي ٿي. وهاڻي جي چونڊ بهتر ننڊ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. ويهاڻي کي وڌيڪ اوچو نه بلڪه سنهو هجڻ گهرجي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته بهتر وهاڻو ايترو اوچو هجڻ گهرجي جو اهوا اوهان جي مٿي کي اوهان جي باقي جسم سان هموار سطح تي رکي.، ايئن ڪرڻ سان نه رڳو اوهان جي جسم جو رت جو دؤرو بهتر سطح تي رهندو پر ان سان گڏوگڏ اوهان کي ننڊ به بهتر ايندي.

سٺي ننڊ لاءِ ضروري آهي ته اوهان جي ڪمري ۾ وڌيڪ روشني نه هجي. تيز روشني به ننڊ خراب ڪري ٿي. جڏهن ته ٻاهر جا آواز به اوهان جي ننڊ خراب ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ڪوشش ڪري ڪمري جا سڀ پردا دريون دروازا اهڙا رکو جنهن مان ٻاهر جو آواز گهٽ کان گهٽ اچي. ايئن اوهان جي ننڊ انهن  عارضي سبب جي ڪري خراب نه ٿيندي. اوهان پنهنجي بهترين زندگي لاءِ بهتر ننڊ کي پنهنجو ڪيو. سوير سمهو سوير اٿو. پنهنجي ننڊ بهتر ڪريو. جيئن اوهان کي ڏسي ٻين جي ننڊ خراب نه ٿئي.