|
سنڌن جو سُور- هڪ وڏي تڪيلف ڊاڪٽر وجئيه شنڪر هرچنداڻي سياري ۾ جتي ٻيو تڪيلفون ماڻهن کي پريشان ڪنديون آهن اتي سنڌن جو سُور خاص ڪري گوڏن جو سور وڌي ويندو آهي. جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو هلڻ ڦرڻ ۽ روزمره ڪم ڪار ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا آهن. دنيا ۾ ارٿرائيٽس ماڻهن جي معزوري جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. ارٿرائيٽس يا سنڌن جي سور جي بيماري جوڙن ۾ سوڄي ٿيڻ، ان جي ڪري سخت سور ٿيڻ، چرپر محدود ٿيڻ ۽ آخري معذور ٿيڻ کي چيو ويندو آهي. آمريڪا جي بيمارين جي قابو پائڻ واري مرڪز جي هڪ پڌارئي ٻڌئي ٿي ته هر وقت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آمريڪي شهري اهڙا اهن جيڪي گوڏن جي سور ۾ مبتلا آهن. اوسٽيوارٿرائٽس نالي اها بيماري ارٿرائيٽس جو سڀ کان عام قسم آهي جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿين ٿا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ان قسم جي تڪليف کان بچڻ لاءِ جتي دوائن جو استعمال ۽ ڪجهه حالتن ۾ آپريشن ضروري سمجهيو وڃي ٿو اتي سڀ کان وڌيڪ فائدو ورزش ڏيندي آهي. بهتر ۽ ڪنٽرول ورزش وسيلي اوهان پنهنجي چرپر، سور ۽ رت جي اچ وڃ کي بهتر ڪري سگهو ٿا. شرط اهو آهي ته اها ورزش باقائده ۽ تسلسل سان ڪئي وڃي. آمريڪي رياست اوريگان جو هڪ نيچروپيٿڪ سرجن جيسيڪا بيلڪ جو چوڻ آهي ته ورزش سان سور ته گهٽ ٿئي ٿو ان سان گڏ جسم ۾ مري ويل يا ناڪاره ٿيل تنتن ۽ مشڪن جي مرمت جو عمل پڻ تيز ٿئي ٿو. اهواڳتي هلي مريض کي تمام گهڻو فائدو ڏي ٿو. بيماري جي شدت کي ذهن ۾ رکندي ڪجهه مريض کي خاص قسم جي ورزش ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي. ان لاءِ اوهان کي ڪنهن ماهر فزيڪل ٿيراپيسٽ سان صلاح ڪرڻ گهرجي. اسان اوهان ڪجهه اهڙا آسان نسخا ۽ طريقا ٻڌائينداسين جن کي استعمال ڪري اوهان سنڌن خاص ڪر ي گوڏن جي سُور مان نجات حاصل ڪري سگهو ٿا. کاڌو: اوهان پنهنجي کاڌي تي ضروري ڌيان ڏيو، چرٻي، کير مان ٺهندڙ مصنوعات، کنڊ، ٽماٽن ۽ پٽاٽن کان پاسو ڪريو، اهي انفلاميشن (سوڄ، سور ۽ بخار) پيدا ڪندڙ غذائون سمجهيون وڃن ٿيون. ان بدران سرد پاڻي واريون مڇيون، مڇي جو تيل جنهن ۾ اوميگا 3 فيٽي ايسڊ (انفالاميشن) کي گهٽائڻ جا جزا هوندا آهن. کاڌي کائڻ کان اڳ ان کي خوب چٻاڙيو، ايئن ڪرڻ سان کاڌو هضم به جلد ٿيندو ۽ ان جا سمورا غذائي جزا اوهان جي هاضمي جي سرشتي ۾ شامل ٿي اوهان کي وڌيڪ صحت مند رکندا. کاڌو ڀلي وڌيڪ ڀيرا کائو پر گهٽ گهٽ مقدار ۾ کائو، کنڊ گهٽ ۽ پروٽين وڌيڪ استعمال ڪريو. اسان ڪاربوهائيڊريٽ وارا کاڌا به گهٽ استعمال ڪريون، اوهان جي رت ۾ کنڊ جو مقدار بهتر رهندو ته اوهان جي سنڌن جي سور ۾ فائدو ڏيندو. واڌو جزا: ڪجهه هربل اينٽي انفلاميٽري کاڌي واريون غذائون اوهان کي سور ۾ راحت ڏينديون. انهن ۾ هيڊ، ادرڪ پڻ شامل آهن. جن جو استعمال اوهان کي بهتر نتيجا ڏيئي سگهي ٿو. ڪجهه اينٽي انفلاميٽري دوائون اوهان جي معدي لاءِ به خرابي پيدا ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته ان قسم جون ڪجهه دوائون دل جي بيمارين جي مريضن لاءِ پڻ خراب اثر رکندڙ ٿي سگهي ٿو. ان ڪري دوائن جي استعمال ۾احتياط ڪرڻ گهرجي. ورزش مسلسل: ورزش ڪرڻ سان جوڙن ۾ پيدا ٿيل تڪيلف کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. جوڙ جيڪي ڀرڪڻا ٿي پوندا آهن انهن کي به فائدوملي ٿو. تيز واڪ ڪرڻ، سائيڪل هلائڻ، ترڻ يا واٽر ايئروبڪ ورزشون ان قسم جي تڪيلف ۾ تمام گهڻو مددگار ٿينديون آهن. يوگا خاص ڪري جوڙن جي سور کي ختم ڪرڻ ۾ تمام گهڻو بهتري پيدا ڪري ٿو. اڪوپنڪچر، ايرنڊي جي تيل سال مالش ڪرڻ، نيم گرم پاڻي ۾ ٿورو لوڻ ملائي وهنجڻ ورزش کان پوءِ ٿڌو ڪپڙو سنڌن تي رکڻ سان به سورگهٽ ٿئي ٿو. |