اسپيشل ايڊيشن

تعليم جي ٻڏي ويل ٻيڙي ڪناري لڳندي؟!

رهبر چنجڻي


                اڄوڪي ڪريل تعليمي نظام ۽ تباهه ٿيل تعليمي ڍانچي تي جڏهن نظر ڊوڙايان ٿو ته شرم کان ڪنڌ ئي جهڪيو وڃي ٿو ۽ اندر ئي اندر ۾ دانهون نڪرن ٿيون ۽ داد لاءِ هيڏي هوڏي واجهايان ٿو ته ايڏي وڏي تباهي ڪيئن ٿي وئي؟ ڪنهن جي اشارن تي تباهه ٿياسين؟ ڪير هو؟ جنهن اسان کي تباهي جي دلدل ۾ ڦاسائي رڻ ۾ رولي ويو؟ ڪير هو؟ جنهن اسان کي تباهي جي ڪن ۾ لاهي پاڻ هليو ويو؟

اڄ اسين ”استاد“ ٻئي ”نئين نسل“ جو سهارو ته ڇا خود پاڻ تي به بار بڻجي ويا آهيون؟ مون کي نٿو سمجهه ۾ اچي ته ڪنهن ٻئي اسان کي گمنام گس ڏانهن راهي ڪيو هجي، پر اهي اسان جا پنهنجا هئا جن پنهنجن  کي تباهه ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي تباهي جو سامان ڏنو، جنهن کي عرف عام ۾ استاد تنظيمون، گسٽا، پ ٽ الف، سپلا، ڪلارڪ ايسوسيئيشن (آپڪا) هيڊ ماسٽرس ۽ آفيسر ايسوسيئيشن (هم آ) ۽ شاگر يونين وغيره چيو يا سڏيو وڃي ٿو.

 شاگرد قوم جو سرمايو آهي ۽ مستقبل جو معمار ۽ اسان سڀني جو سهارو پڻ، تنهن کي ذات پات جي فرق کانسواءِ علم جهڙي روشني سان روشناس ڪرائڻ هڪ استاد  جو اولين فرض ۽ عين عبادت آهي، خبر نه آهي ته ان استاد جي عين فرض نڀائڻ کي هي ڇا ٿي ويو؟ پڙهائڻ ته ڇڏي ڏنائين ۽ خود پاڻ به پڙهڻ ڇڏي، مطالعو ڪرڻ به ڇڏي، ذاتي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويو.

اڄ نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسڪول صرف بلڊنگن تائين محدود رهجي ويا. شاگرد اچي ته ڇا نه اچي ته ڇا؟ پڙهي ته ڇا نه پڙهي ته ڇا؟ فيئر بوڪ ٺاهي ته ڇا نه ٺاهي ته ڇا؟ ڪو به استاد ڪنهن به شاگرد کي پڇڻ ۽  چيڪ ڪرڻ مناسب ئي نه ٿو سمجهي، حقيقت ۾ اڄ اهڙو استاد ئي مشڪل سان ملندو جيڪو ”استاد“ لفظ تي پورو لهي، سٺا سٺا مري ويا يا رٽائر ٿي ويا، هاڻي بچيا آهن ڪاپي جي پيداوار، ڪوٽا جي پيداوار، سياست جي پيداوار ۽ ڏوڪڙن جي پيداوار، يعني پيداوار جي پيداوار.

 والدين پنهنجي ٻارن کي هن مهانگائي جي دور ۾ پڙهڻ لاءِ موڪلن ٿا پر سڄو سڄو  ڏينهن ويهي ويهي ٻار موٽي اچن ها. ڌڻ استادن جا ڪچهريون ڪري هليا وڃن ٿا پر ٻارن کي پڙهائن ئي ڪو نه. هڪ ته آفيسر چڪر ئي نه هڻن، جي هڻن ته چانهه پاڻي وٺيو هليا وڃن. راشي آفيسر ۽ سياست جي پٺڀرائي تي ڪرسي حاصل ڪندڙ ڀلا ڪهڙي تبديلي آڻي سگهندا؟ جيڪو مشڪل سان تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو تنهن جي راهه ۾ هزارين رڪاوٽون وجهڻ وارا آهن، مثلن تنظيمي عهديدار، گسٽآ، سپلا، پ ٽ الف ۽ آپڪا وغيره وارا ئي آهن. سمورو ڪم ڪار بند ڪن پوءِ اسڪول بند ڪن، استاد احتجاجن جي ڪڍ، ايستائين اهو سلسلو پيو هلندو جيستائين اهو آفيسر سندن اڳيان آڻ مڃي يا بدلي ٿي وڃي. ايئن تنظيمي اثر رسوخ رکندڙ پڙهائي جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن.

 ڪو زمانو هو جو ڪلاس ۾ ڏهه ڏهه ۽ ويهه ويهه هوشيار شاگرد ملندا هئا. هاڻي ته سڄي اسڪول ۾ هڪ سيڪڙو به شاگرد هوشيار ئي نه ملندو ٻيو ته ٺهيو پر اڄوڪي شاگرد کي ڪل سبق ياد نه هوندا. سبق جا نالا ياد نه هوندا ۽ ڪتابن ۾ بابن جا نالا به ياد نه هوندا، ڀل ڪو به اسڪول وزٽ ڪري مشاهدو ڪري ڏسي ۽ استاد جيڪي ڪنهن جي نه ڪنهن خود پيداوار رهيا، سي سکڻ ڇڏي گائيڊن جا پوڄاري ٿي ويا. تن کي ڪهڙي خبر يا ڪهڙي ڄاڻ ته ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ ڪهڙو طريقو لاڳو ٿيندو. حالانڪه انهن استادن جي ڪيترائي ڀيرا ٽريننگ به ٿي  (PTC, C.T, B.Ed, M.Ed) کان علاوه!! تعليم جي تباهي  جي آخري ڏهاڪي تڏهن آئي جڏهن جڏهن حڪمرانن شاگردن کي مفت جا ڪتاب ڏنا ۽ ساليانه فيس وٺڻ ختم ڪئي يعني تعليم مفت ڪئي نه ته اڳ استاد فيس جي لالچ ۾ به شاگرد کي ڳوليندو هو. نوٽيس موڪليندو هو. نالا خارج ڪرائيندو هو ۽ پيسن جي لالچ ۾ استاد پاڻ حاضري جو رجسٽر ٺاهيندو هو. گهڻا استاد صبح جو ۽ گهڻا اٺين پيرڊ ۾ ٻارن جي حاضري پاڻ پنهنجي هٿن سان ڀريندا هئا. پنهنجو ٺاهيل رجسٽر ڪنهن کي به نه ڏنو ويندو هو. هاڻي ايئن نه ٿو ٿئي مان دعويٰ سان چوان ٿو ته هاڻي استاد سو مان 99 سيڪڙو ڪلاسن جا حاضري وارا رجسٽر پاڻ ٺاهن ئي نه ٿا سندن ڪلاس مانيٽر اهو ڪم ڪار ڪن ٿا. پاڻ اهو وقت به ياري دوستي يا تنظيم جي ڪم ڪار ڪري يا گائيڊ کي ڇنڊي ڦوڪي ۽ بس ! فيس نه هئن ڪري استاد ڪلاس ٽيچر ٿيڻ لاءِ تيار ئي نه، جي ڪنهن کي منٿون ميڙون ڪري ڪلاس کڻائي ڪلاس ۾ موڪلبو ته انگريزي سبق سنڌي معنيٰ کان سواءِ ڏئي ۽ ٻڌي، ورڊ گهڻو ڪري بورڊ تي نه لکرائي يا مانيٽر کي گائيڊ ڏئي ته اتان اهو ڊڪٽيٽ ڪرائيندو. اهڙو ئي حال ٻين سبجيڪٽن جو به. اڳي استاد پڙهائي چڱي نموني ڪندا هئا چيڪ به ڪندا هئا ۽ انگريزي پنج سبقن تي ٽيسٽ ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ ٻه باب مڪمل ٿيڻ تي ٽيسٽ وٺندا هئا ۽ ڪچا امتحان به ٿيندا هئا. نمبر ۾ ايندڙ شاگردن کي اسڪولن جا هيڊ انعام به ڏيندا هئا. هاڻي اهو سمورو سسٽم ختم نه ٽيسٽ نه چيڪ ۽ نه ڪچا امتحان. اڄوڪي انسپيڪشن به کانئڻ پڇائڻ تائين محدود آهي ۽ ايئن ئي بورڊ جا امتحان به اتاري جو مقابلو بڻيان ۽ بس!! ٿورو وقت اڳ استادن کي سکڻ ۽ سيکارڻ جو وڏو شوق هوندو هو. جڏهن کان پيداواري ۽ تنظيمي ماڻهو استاد بڻيا ته سڀ ڪجهه تحس نحس ٿي ويو ۽ اهو جملو زور وٺڻ لڳو ته فلاڻي کي ڇا ٿيو آهي جو مون کي ٿيندو؟   ڪنهن جو به ڏوهه نه آهي، پنهنجي وڍي جو ويڄ نه طبيب، هاڻي ته منهن به پنهنجو ۽ ............. به پنهنجو ! يعني روزگار به پنهنجو ۽ اولاد يا نسل به پنهنجو پاڻ کي ئي نه ايندو ته اولاد کي ڇا سيکاريندو؟ هاڻي اهڙو معجزو ٿي پوي جو ڪو ماڻهو جي روپ ۾ فرشتو بڻجي اچي يا خميني جي روپ ۾ اچي ساون سان گڏ سڪن کي به جلائي نسل ئي مٽائي ته ٻي ڳالهه آهي ورنه، هي پيداواري ڇا ڪري سگهندا؟ يا ڇا ڏئي سگهندا؟

 حڪمرانن کي گهرجي ته استاد جي چال چلت تي نظر رکي ۽ انهن جي معاشي حالت تي به نظر رکي، پگهار ڏينهن جي حساب سان نه پيرڊن ۽ سبجيڪٽن جي حساب سان مقرر ڪري ڏي ۽ ايئن ئي سالياني ريزڪي موڪل جيڪي بچائي ان کي به گهٽ ۾ گهٽ 300 کان  500 رپيا هڪ ڏينهن جو ڏي. استاد ريزڪي موڪل کانئڻ ڇڏي ڏيندا. ساڳي طرح انگريزي، ميٿ، فزڪس، ڪيمسٽري ۽  بايولاجي پڙهائيندڙ استادن کي سائنس ٽيچنگ الائونس نالي گهٽ ۾ گهٽ 5000 هزار روپيا ڏي ۽ ميڊيڪل الائونس به گهٽ ۾ گهٽ 10000 رپيا في مهينو مقرر ڪري.

اسڪول وزت ڪرڻ جا پاور ڊي سي او، ايس ڊي ايم، مختيارڪار ۽ سول ججن کي ڏنا وڃن، چڱي ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ ۽ سياست ۾ حصو وٺندڙن کي کاتي مان ئي نيڪالي ڏني وڃي، استاد تنظيمن ۽ ڪلارڪ تنظيمن جو پڻ بنياد ئي ختم ڪيو وڃي ته بهتر نتيجا نڪري  ايندا.

قوم معجزي جي انتظار ۾ آهي،  خدا ڪري ڪو معجزو ٿي ۽ ٻڏي ويل تعليم وري ڪناري لڳي جو ڪو معجزو نه ٿيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جو معاشري جا ماڻهو پيداواري استادن جو گلو پڪڙن ۽ هن مهان ۽ وڏي مرتبت واري پيشي جو ڀرم ئي پورو ٿي وڃي. حقيقت هي آهي ته ڀرم ختم ٿي ويو آهي. اڄوڪو استاد رستي تي پيل ڪاري پٿر جهڙو آهي، جيڪو اچي ٿو ان کي ٿڏو هڻي هٽائي ڇڏي ٿو. مون کي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تباهي وڌندي ڇو وڃي ٿي رڪجي ڇو نه ٿي؟ اڳي جي ڀيٽ ۾ آفيسرن جي وڏي لوڌ آهي، اڳي ته ٻن ٻن تعلقن ۾ هڪ بيٽ آفيسر هوندو هو ته به پرائمري استاد ڊڄندا هئا. انهن کي خدا جو خوف به هوندو هو. شاگردن کي اولاد سمجهي پڙهائيندا هئا. هاڻي ته نه خوف خدا نه شاگردن کي اولاد سمجهن ۽ نه ئي آفيسر جو ڀوءَ. مطلب ته ياري ۽ سنگت ڪلچر هر هنڌ جڏهن زنده آباد ٿيو. تڏهن تعليم جي ٻيڙي وڃي ترو ورتو. جيڪو به ڪرسي تي اچي ٿو سڄي نظر ان جو مال تي آهي، بڀ ڀريون ڇهين ٻارنهين مهيني هليو وڃي. ڪنهن ۾ به سچائي جو (س) ئي نه آهي، ڪرپشن، ڦرلٽ، عقربا پروري، مارڌاڙ......... بس!! مٿان کان وٺي هيٺ تائين ساڳيو قصو آهي، اڄ به جيڪڏهن هر استاد پنهنجي ذميواري محسوس ڪري ۽ مقدس پيشي تي ٿيل وار جو ازالو ڪري ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، پر آهي معجزو....!!