اسپيشل ايڊيشن

تعليم جي عمل ۾ مائٽن جو ڪردار

نياز اي نائچ


                تعليم جي عمل ۾ مائٽن جو ڪردار به ايترو ئي اهم آهي جيترو ان جي ڪاميابي لاءِ استاد، شاگرد ۽ نصاب جو ملوث هجڻ آهي، مائٽ پوءِ اهو پيءُ هجي يا ماءُ، ٻار ان جي وصفن جو وارث آهي، ٻار پنهنجي مائٽ جا موروثي اثر وٺي ٿو، عام طرح ايئن ئي هوندو آهي ته جيڪڏهن هن جو پيءُ هوشيار آهي ته هن جو ٻار به هوشيار ٿئي ٿو. جيڪڏهن مائٽ پڙهڻ ۾ جڏا يا موڳا آهن ته ٻار به موڳو رهي ٿو. مائٽ گهڻو ڳالهائيندڙ آهي ته اولاد به گهڻو ڳالهائيندڙ بنجي ٿو. جي مائٽ خاموش طبع هو يا آهي ته اولاد به تقريبن خاموش طبعيت ٿئي، ايئن به هوندو آهي ته مائٽ لچ لوفر آهي ته اولاد به ايئن ٿئي. پر چوندا آهن ته ”ڀلن پٺيان ڍلا، ڍلن پٺيان ڀلا “ يعني ابتڙ به ٿئي. جيڪڏهن مائٽ ڪسا آهن ته اولاد ڀلو ٿئي. اگر مائٽ سريلا آهن ته وري اولاد کريل ٿئي. حالانڪ ايئن به چوڻي آهي ته “ جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا“ جيڪو اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون.

اڄ جي هن نفسا نفسي جي دور ۾ جتي اسان ملڪ جي هر اداري جي تباهه ٿيڻ جو روئڻ روئون ٿا ته اتي اهو به ضرور سوچجي ٿو ته اڄ جي سماج ۾ ماڻهو پنهنجي مسئلن کي منهن ڇوٿو موڙي، هو انهن مسئلن کي حل ڪرڻ يا مڪمل خاتمي جي لاءِ خود ڪوشش ڇو نٿو ڪري، هر مسئلي جي حل لاءِ هو سرڪار ڏانهن ڇوٿو ڏسي؟ ڪئين اهڙا زندگي جا معاملا يا مسئلا آهن جيڪي هو ڀلا کڻي مڪمل طرح سان حل نٿو ڪري سگهي. پر گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ آساني ته آڻي سگهي ٿو. جيئن موجوده تعليمي نظام جي تباهه ٿيڻ جي ڳالهه ته ڪري ٿو پر ان جي خاتمي لاءِ ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. بحيثيت والدين، مائٽن جي به ڪا ته ذميداري هوندي جيڪا هو پوري ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهي، اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ جو مقام آهي ته مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان سڀ فرد، ڇا هي ڪهڙي به حيثيت ۾ هجون، سڀ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. ڏسو ته اڄ جا، مائٽن جا رويا ٻارن جي پڙهائي متعلق بلڪل غير ذميواراڻه آهن. خصوصن جيڪي ٻار گورنمينٽ جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ آهن انهن مائٽن جو سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن  لاتعلقي وارو رويو آهي. جيڪو ڪنهن به طرح ٺيڪ نه آهي. اڄ جا والدين موجوده تعليمي نظام جي تباهي جو ذميوار استاد يا حڪومت کي ڄاڻائين ٿا. جڏهن ته پنهنجي ذميواري بلڪل محسوس نٿا ڪن. حالانڪه هن ماحول ۾ سندن به ڪي ذميواريون آهن. جيڪي هو قبول ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهن. جڏهن هنن کي چيو ويندو آهي ته اهي پنهنجا ٻار روزانه اسڪول موڪلين ته هنن کان عجيب جواب ملندو آهي ته اهو به ماسترن جو ڪم آهي ته ٻارن کي وٺي وڃن. استاد اسڪول ۾ ته پڙهائڻ جو بلڪل ذميوار آهي پر گهٽ ۾ گهٽ گهران ته موڪلڻ مائٽن جي ذميواري آهي.

 جڏهن ته ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ مائٽ ٻار کي اسڪول ۾ پهچائڻ ۽ موڪل وقت واپس کڻي وڃڻ لاءِ پابند آهي، هن کي تيار ڪري يونيفارم بوٽ پارائي اسڪول ڇڏي وڃي ٿو. چڱي خرچي ڏئي ٿو ڳاٽي ٽوڙ فيون ڀري ٿو. بلڪه وقت به وقت، ٻيون فٽنگز به پئسن جي صورت ۾ ڀري ٿو. ساڳئي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ مِس يا ٽيچر کان شام جو ٽيوشن به پڙهائي ٿو. باقائدگي سان هوم ورڪ ڪرائي ٿو ۽ ٻار جي ڊائري کي به ترتيب ۾ ڪري ٿو. پر ساڳيو ئي مائٽ جڏهن ٻار کي ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائي ٿو ته ڪنهن به قسم جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته موجوده وقت سرڪاري اسڪولن ۾ ڪنهن به قسم جي في وغيره نه آهي ۽ ڪتاب پهريئن کان وٺي ٻارهين ڪلاس تائين مفت ۾ ميسر آهن. فقط نائين کان ٻارهين تائين امتحاني في بورڊ وٺڻ جو مجاز آهي جيڪا به مناسب آهي. جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ڇهين کان ٻارهين تائين پڙهندڙ ڇوڪرين کي حڪومت في مهينو به سئو رپيا خرچ پکي لاءِ ڏئي ٿي، ايترين سهولتن هوندي به اسان جي والدين پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ کي عيب ۽ پنهنجي عزت ۽ مرتبي ۾ گهٽتائي محسوس ڪن ٿا، جيڪا بلڪل غلط ڳالهه آهي.

هي انتهائي ڳنڀير معاملو آهي، جيستائين مائٽ تعليمي عمل ۾ سنجيده نه ٿيندا تيستائين اسان جا تعليمي ادارا غير فعال ئي رهندا، مائٽن کي گهرجي ته هڪ ته هو پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ لاءِ تيار رهن ٻيو ته هو پنهنجي ٻارن کي توجهه ۽ چڪاس هيٺ رکن، جيئن هو اسڪول باقاعده ويندو رهي ۽ ان جي ڪاپين، ڪتابن کي چيڪ ڪندا رهن ته اهي اسڪول ويا يا نه، اگر ويا آهن ته اهي اڄ ڪهڙو سبق پڙهي آيا آهن؟ هوم ورڪ انهن کي مليو آهي يا نه ؟ جي مليو آهي ته ان کي ڪرائڻ ۾ مدد ڪن، جيڪڏهن استاد صاحب هنن کي ڪو به سبق نه پڙهائي رهيو آهي ته ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ استادن سان هفتي ۾ هڪ چڪر لازمي ملاقات ڪن ۽ پنهنجي ٻار جي پراگريس رپورٽ معلوم ڪن، جي استاد صاحب جي توجهه ۽ پڙهائڻ ۾ ڪو ڪوتاهي نظر اچي ٿي اعليٰ عملدارن سان لهه وچڙ ۾ اچن، ڪنهن به ذاتي ڪاوڙ، رنجش يا حسد جهڙن معاملن کي ڦٽو ڪرڻو پوندو، ايئن نه ٿئي جو بجاءِ مسئلي جي حل کي ڳولجي، مسئلا پيدا نه ڪري، جيستائين مائٽ ۽ استاد گڏجي هم آهنگي پيدا نه ڪندا تيستائين علم جو ٻيڙو ڪونه ترندو، ڇو جو اولاد، مائٽ جي ملڪيت آهي جيڪا هو آئنده لاءِ سيڙائي ٿو. اهڙي سيڙپ آهي، جنهن جو ڦل يا نتيجو تمام دير سان حاصل ٿيندو، اسان جا والدين جلد ڦل ڏيندڙ ڪاروبار تي مڪمل توجهه ڏين ٿا پر اهو توجهه ۽ ڌيان پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي ڏين ته اهو ئي اولاد نيڪ، صالح ۽ فرمانبردار  پٽ يا ڌيءَ بڻجي پنهنجي مائٽن لاءِ سک ۽ سڪون جو سبب بڻجندو، صالح اولاد مائٽ لاءِ ۽ الله تعاليٰ جو هڪ انمول ۽  قيمتي تحفو آهي، اها مائٽ لاءِ هڪ ميراث آهي، جنهن سان هن جي سدائين لاءِ سڃاڻپ رهندي.