اسپيشل ايڊيشن

پهريون جملو ”سنڌيءَ“ ۾


                ڪراچي ۽ حيدرآباد کانپوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به هاڻ آهستي آهستي سنڌيءَ ۾ ڳالهائجڻ گهٽجندو پيو وڃي. ائين به ٿي رهيو آهي جو ٻه سنڌي به پاڻ ۾ ڌاري ٻولي ۾ ڳالهائيندي نظر اچن ٿا. ڪراچي ۽ حيدرآباد توڙي جتي به سنڌي رهن ٿا ۽ جتي ڌاري ٻولي جو اثر وڌندو پيو وڃي اتان جي ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ هرهنڌ تي پهريون جملو سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي. جيڪڏهن اڳيان وارو سنڌي هوندو ته سنڌي ۾ ئي جواب ڏيندو ۽ ڳالهائيندو، جيڪڏهن اردو يا ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ هوندو ۽ سنڌي ايندس ته سنڌي ۾ جواب ڏيندو، صرف ڄاڻندو هوندو ۽ ڳالهائڻ نه ايندس ته ڳالهه کي سمجهي ويندو پوءِ ڀلي ڪهڙي به زبان ۾ جواب ڏئي، ان سان سنڌي ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکيو وڃي نه ته ٻي ڀيري جو انتظار ڪرڻ بهتر آهي. جيڪڏهن هر سنڌي خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ پهريون جملو انهن شهرن ۾ جتي به وڃي سنڌي ۾ ڳالهائي ته ان جو فائدو ايندڙ ڪجهه مهينن يا سالن ۾ ايترو ٿيندو جو لکين سنڌين جي اهڙي عمل سان ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙ به مڪمل سنڌي ڳالهائيندو، ڳالهائڻ تي مجبور ٿيندو يا وري گهٽ ۾ گهٽ سمجهي يا سکي ضرور ويندو. هڪ ننڍڙي عمل سان اسان پنهنجي ٻولي کي نه صرف ڪجهه ئي سالن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪمل ۽ عملي طور تي رائج ڪري وٺنداسين پر ٻولي جيڪا شهرن مان ڳڻتي جوڳي حد تائين ختم ٿي وئي آهي کي بچائي وٺنداسين...... ان لاءِ هر ڪنهن کي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي، ڇو جو ٻوليءَ کي بچائڻ اسان جي پنهنجن هٿن ۾ آهي، ان لاءِ ڪو فرشتو نٿو اچي سگهي.